شاهه ڀٽائي ۽ مخدوم محمدي کهڙائي
شاهه ڀٽائي
۽ مخدوم محمدي کهڙائي
ماهنامي
”نئين زندگي“ تان ورتل
(جولاءِ
1955ع)
تازو
مخدوم شفيع محمد کهڙن واري مخدوم محمد عاقل صاحب جي فارسي تاريخ ”گنجينهءِ جهان
نما“ جي هڪ حصي جو ترجمو مطالعي لاءِ ڏنو.
ان ۾ قديم سنڌ جي ڏندڪٿائن سان ڀريل تاريخ ۽ اولياء الله جو ڪرامتن سان ٽمٽار
احوال ڏنل آهي، جنهن کي ڪابه تاريخي اهميت ڏيئي نٿي سگهجي. تاهم منجهس ڪي نيون ڳالهيون
آهن، جي دلچسپيءَ کان خالي نه آهن. انهن مان شاهه لطيف رحه ۽ مخدوم محمدي رحه جي
ملاقات جو مخصتر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
هڪ دفي
شاهه صاحب سير ڪندو اچي کهڙن جي شهر ۾ نڪتو ۽ فقير ميان چنيه جي کوهه تي اچي منزل
انداز ٿيو (1)، ۽ ساڻس ڳچ خليفا ۽ قوال به طنبورن
سميت هرماهه هئا. مخدوم محمدي صاحب جي ماڻهن شاهه صاٻ کي نه سڃاتو ۽ سندس اها روش
غير شرعي محسوس ڪري، قدر ناراضگي به ڏيکاريائون. شاهه صاحب کانئن پڇيو ته جيڪڏهن ڪو
آدمي هن شهر ۾ اهڙو غير شرعي ڪم ڪري، ته ان کي ڪهڙي سزا ڏيندا آهيو؟ جواب ڏنائون
ته ان کي تعزيز ڪندا آهيون، يعني ان جو ڪارو منهن ڪري، پٺيرو گڏهه تي چاڙهي ۽ شهر
۾ ڦيرائي ”هيڙو هيڙو“ ڪندا آهيون. تهان پوءِ خليفن وڃي مخدوم صاحب کي خبر ڏني ته
ههڙي وضع وارو شخص طنبورن ۽ قوالن سان اچي پرگهٽ ٿيو آهي. مخدوم صاحب کي مڪاشفي
سان معلوم ٿيو ته اهو شخص خود حضرت شاهه ڀٽائي آهي، تنهن تي پنهنجو خاص ماڻهو دعوت لاءِ ڏانهس موڪليائين. شاهه صاحب هڪ
ٺڪريءَ تي ڪوئلي سان هيٺيون جواب بيت ۾ لکي موڪليو (2) :
اڄ نه
آيس آنءُ، سڀان ايندس سپرين
توتي
جنهن جو ناءُ، کڻي بار کُهيَن جو.
مخدوم
صاحب اهو جواب پڙهي وجد حال ۾ اچي ويو.
ٻئي ڏينهن
صبح جو حضرت شاهه صاحب بنان چوڻ چائڻ پاڻ کي تُعزير ڏيئي، گڏهه تي سوار ٿي گهٽيون
گهمندو، اچي مخدوم صاحب وٽ پهتو. مخدوم صاحب کيس سڃاڻي چيو ته ”توهين پنهنجي مشرب
کان مجبور اهيو. توهان جو پاڻ کي تعزير ڏيڻ اجايو آهي.“ ڀٽائي صاحب وراڻي ڏني ته ”شرع
محمدي برسر و چشم منظور آهي.“
حضرت
شاهه ڀٽائي جو سفر خواه حضر ۾ دستور هوندو هو ته پوئين رات جو تهجد جي نماز کان
پوءِ، سرودن سان قوالن فقيرن جي مدح خواني ۽ قوالي ٻڌندا هئا. جڏهن مخدوم صاحب وٽ
اچي مهمان ٿيا، ته ان رات مخدوم صاحب جي خليفن سرودن وغيره کي قفل ڏيئي حجري
واريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري رکيو هو. جڏهن سحور جي وقت تهجد کان پوءِٰ شاهه صاحب
مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ فقيرن قوالي شروع ڪئي، تڏهن ڪوٺيءَ ۾ بند ٿيل سرود از خود وڄڻ
لڳا. مخدوم صاحب خليفن کان پڇيو ته: اهي مزامير ڪير ٿو وڄائي؟ خليفن چيو ته: قبلا
سائين! اهي ته ڪوٺي ۾ اندر قابو آهن ۽ پاڻهي پاڻ ٿا وڄن. تنهن تي مخدوم صاحب
فرمايو ته: اهي انهن تي مباح آهن.
الغرض ته
ڀٽائي صاحب کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ هفتو کن رهيل هو. ان کان پوءِ موڪل وٺي درازن ۾
فقير ميان صاحبڏني فاروقيءَ وٽ ويو، جو ان وقت سرڪاري اهلڪار هو. کيس چيائين ته:
اوهين سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏيو، جو اوهين صاحب امانت جا ٿيندؤ. کيس هڪ کوهي کڻڻ جو حڪم
ڪيائون، انهيءَ جاءِ تي جتان پاڻ اڳيئي ڪوڏر جي لپو هڻي مٽي ڪڍي هئائين. پوءِ رخصت
وٺي واپس ڀٽ شريف تي هليو ويو ــ ”دروغ بر گردن راوي“.
-----------------------------------------
1.
اهو کوهه
اڄ تائين کهڙن جي شهر جي اوڀر طرف ”قبي وارو کوهه“ جي نالي سان مشهور اهي.
2.
هيءَ به
شاهه صاحب جي اُمي نه هئڻ جي هڪ نشاني آهي.
Comments
Post a Comment