Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي

  

ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي

 

ماني کائي اتي هوٽل ۾ باقي ڏينهن جو پلان ڪيوسين ته اڳتي ڇا ڪجي ۽ ڪٿي ڪٿي هلجي. دوستن جو خيال هيو ته هڪڙو ڏينهن مالي ۾ ۽ هڪڙو ڏينهن هڙو مالي ۾ رهجي. ڇو ته مالديپ ۾ اچي مالديب جي زميني زندگي جي باري ۾ معلومات نه حاصل ڪري سگهون ته بيڪار آهي. سو مافوشي کان واپسي مهل اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ اچي فيري جي اسٽاپ تي ويهي رهياسين. بلڪل پوري وقت يعني 4:45 منٽن تي فيري اچي ڪناري سان لڳي. ماڻهو لهڻ لڳا هيا، جيڪي مالي ۽ گلي کان آيل هيا. جيڪي اڃان به فيري ۾ ويٺل هيا، انهن جي اڳين منزل اسان واري ساڳي گرائيدو ٻيٽ هئي. ماڻهو لاهڻ کان پوءِ فيري هڪڙو منٽ به نه بيٺي ته ڪو مسافر اچي. ڪا لالچ، ڪا لوڀ. ڪجهه به نه. بس واپس. گرائيدو ٻيٽ تائين پهچندي اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. انهن ٻيٽن ۾ هتي ڪي اهڙا به ٻيٽ آهن جتي رهائش نه هوندي آهي پر اتي فقط پوک ٿيندي آهي، جنهن ۾ سبزي وغيره ۽ فروٽ پوکيو ويندو آهي. 200 ٻيٽن تي ماڻهن جي آبادي آهي.

نظير سان گڏ ايندي ويندي ويجهڙائي ٿي وئي هئي. واپسي ۾ اسان ۽ نظير جي فيملي به ان ساڳي ئي فيري تي اسان سان گڏ گُرائيدو ٻيٽ موٽي اچي رهيا هيا. رستي ۾ ڪچهري ڪندي مون ڊاڪٽر نظير کي چيو ته،”توهان رات جي ماني اسان سان کائو، توهان کي اسان سڀني دوستن پاران دل سان دعوت آهي“.

هو انڪار نه ڪري سگهيو هو. هن چيوته،”پاڻ پوءِ سومهڻي واري نماز به هتان جي مسجد ۾ گڏ باجماعت پڙهنداسين، ان کان پوءِ گڏ هلي ماني کائينداسين“.

هن جيان مان به انڪار نه ڪري سگهيو هئس. هن کي پنهنجي رهائش واري هوٽل اٿينس وويو جي باري ۾ ٻڌايو هو. پاڻ شام ڌاري گرائيدو ٻيٽ تي پهچي چڪا هياسين. پنڌ ڪندا ڪچهري ڪندا پنهنجي هوٽل تي پهچي ويا هياسين. رستي ۾ نظير مسجد به ڏيکاري هئي ته پنهنجو هوٽل پڻ. نظير کان موڪلائي پاڻ هوٽل تي آياسين. هوٽل تي پهچي پاڻ فريش ٿي ويهي رهياسين. مون مختيار صاحب کي نظير جو ٻڌايو ته رات جي مانيءَ تي نظير کي مدعو ڪيو آهي، اسان کي سومهڻي واري نماز هن سان مسجد ۾ پڙهڻي پوندي. ان ڪري هو اسان کي ٿوري دير ۾ وٺڻ ايندو”. مختيار صاحب پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته،”مان به توهان سان نماز پڙهڻ گڏ هلندس ۽ اسان سان گڏ جنيد ۽ عجب يوسف به هلندا، مان هنن کي چئي ٿو اچان“. ڀلا ان کان وڌ ڀلي ڳالهه ٻي اسان لاءِ ڪهڙي ٿي پئي سگهي.

 ٿوري ديرکان پوءِ دروازو کڙڪيو. دروازو جيئن ئي کوليو ته، سامهون ڊاڪٽر نظير بيٺو هيو. هن کي ڀليڪار ڪندي اندر اچڻ جو چيوسين. هو سڀني سان پيار ۽ پاٻوهه سان مليو. بغير ڪنهن فارملٽي جي هو وچ واري خالي بيڊ تي ليٽي پيو. هن کي تڪڙ تڪڙ ۾ ڪافي جي آفر ڪئيسين پر هن چيو ته،”نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي، اسان کي هلڻ گهرجي“.

 مون پنهنجا ٽي ڪتاب، ٽيئي سفرناما، ”دادوءَ کان دبئي“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ملائيشيا جون محبتون“ هن کي تحفي طور ڏنا. هن ڪتاب وٺي هڪ هڪ ڪتاب کولي ڏٺو. ٿورائتو ٿيندي چوڻ لڳو ته،”توهان جي مهربانيون، لک ٿورا“.

”نه نه ڪاڳالهه ناهي، اهو اسان جو فرض آهي ته اسان هڪٻئي جي عزت ڪريون ۽ هڪٻئي کي تحفن سان نوازيون“. مون هن کي چيو.

 هن کي ڪتابن جي تحفن ڏاڍو مزو ڏنو. هو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. هن شڪريو ادا ڪري ڪتابن کي غور سان ڏسندو رهيو. جيتوڻيڪ هو سنڌي ٻولي کان آشنا نه هيو، پر پوءِ به ڪتابن سان هن جو تعلق ضرور هيو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more