بئڪٽيريا جي اھميت

بئڪٽيريا جي اھميت

بئڪٽيريا کي اسان جي زندگي ۾ اھميت حاصل آھي ڇو ته اھي اسان جي لاءِ فائديمند آھن فائدي جي لحاظ کان بئڪٽيريا کي چئن نمونن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.


(1)           زراعتي بئڪٽيريا (Agricultural Bacteria)
ھي بئڪٽيريا مئل ٻوٽن ۽ جانورن جي مختلف پيچيدن مرڪبن کي سادن مرڪبن ۾ تبديل ڪندا آھن جيئن نائٽريٽ، سلفيٽ، فاسفيٽ وغيرھ جن کي ٻوٽا ٻيھر  ۾ آڻين ٿا. نائٽريفائنگ بئڪٽيريا مئل جسمن کي نائٽريٽس ۾ تبديل ڪن ٿا، جيڪا ساون ٻوٽن جي استعمال ۾ اچي ٿي. اھڙيءَ طرح مٽيءَ وارا بئڪٽيريا مٽيءَ ۾ ڪيميائي ۽ طبعي تبديليون آڻين ٿا جنھن جي ڪري مٽي زرخيز ٿئي ٿي.


(2)           ھاضمي جي نالي وارا بئڪٽيريا (Alimentary canal bacteria)
اھي بئڪٽيريا سيليوليز (Cellulose) انزائيم ٺاھين ٿا جيڪي سبزي کائيندڙ جانورن ۾ سيليولوز جي ھاضمي ۾ مدد ڪن ٿا. ڪجھ بئڪٽيريا انسان جي ھاضمي جي ناليءَ ۾ رھي وٽامن پيدا ڪن ٿا.


(3)           صنعتي بئڪٽيريا (Industrial bacteria)
ھي بئڪٽيريا تماڪ جي پنن کي درست رکڻ (Curing) ۽ پچائڻ (Ripening) کنڊ کي الڪوحل ۾ تبديل ڪرڻ، پنير کي پچائڻ، سڻيءَ جي تاندورن کي نرم بڻائڻ، کير کي ڌونئري ۾ تبديل ڪرڻ ۽ جانورن جي کلن کي چمڙي ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم ڪن ٿا.


(4)           دواساز بئڪٽريا (Medicinal)
ائنٽي بايوٽڪ (Antibiotic) دوائون بئڪٽيريا مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون. مثال طور ٿائرو مائسين (Thyromycin) سبٽلين (Subtilin) رائبوفليون (Ribo flavin )ھڪ وٽامن آھي جيڪا ڪلوسٽريڊيم (clostridium)  بئڪٽيريا پيدا ڪري ٿي.


بئڪٽيريا فائدا ڏيندا آھن پر بئڪٽيريا مان بيماريون به ٿينديون آھن.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت