مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي



مخدوم قلندر لعل شهباز
عثمان مروندي
(ولادت 538هه 1143ع)

مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي ولد ڪبير الدين (لقب) سيد ابراهيم جو جنم 538هه 1143ع تي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿيو. بعد ۾ سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيو. پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر، عظيم شاعر ۽ مصنف هئا. سندس اصل نالو “عثمان” آهي. سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.


سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه، ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله.
ڪتابن ۾ ملي ٿو ته “مروند” آذر بيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجين ۾ آهي ۽ مروند ۾ سندس والد سيد ڪبيرالدين جو مقبرو، زيارت گاهه عوام لاءِ آهي. قلندر لعل شهباز بابا ابراهيم جو مريد هو. حضرت ابراهيم، مريد شاهه جمال مجرد جو هو. قلندر لعل شهباز جا 3 گهاٽا دوست هئا انهن سان خاص ڪچهريون ڪندو هو. اهي هئا، 
1.    بابا فريد الدين گنج شڪر پاڪ پتڻ وارو.
2.    غوث بهاولحق زڪريا ملتاني.
3.    سيد جلال الدين سرخ بخاري اُچ وارو.

قلندر لعل شهباز جا مشهور مريد ۽ فيض حاصل ڪندڙ بزرگ:
1.    حضرت مخدوم بلال “ٽلٽي”
2.    حضرت ميان مير (لاهور وارو)
3.    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
4.    حضرت قادر بخش بيدل (روهڙي)
5.    خوش خير محمد فقير هيسباڻي.
6.    محمد محسن عرف بيڪس سائين (روهڙي)
7.    سيد ناٿن شاهه (لڪي شاهه صدر جو رهاڪو)
8.    لعل موسيٰ (ٺٽي جو رهاڪو)
9.    نبن فقير (ڳڙهي ياسين لاڙڪاڻو)
10.                 حاجي غلام نبي مهيسر (ميهڙ وارو)
11.                 پير صلاح الدين ڪوٽڙي وارو
انهن کان سواءِ وڏا وڏا عالم، بزرگ، مولوي، استاد، شاعر، اديب فلاسافر، سياح، زاهد، عابد، فنڪار، آرٽسٽ، ليکڪ، ذاڪر، ديني عالم درگاهه قلندر لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن.

قلندر لعل شهباز جا ڪتاب:
1. ميزان صرف
2. عقد(عقودالتعليات) فارسي 
3. اجناس
4. صرف صغير.
“ميزان صرف” مولانا عبدالحئي ايڊٽ ڪري ڇپايو آهي. “عقد” مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي، ٻئي ڪتاب اڳ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. عقد ۾ صرف نحو تي بحث ڪيو ويو آهي.


قلندر لعل شهباز جي روضي جي اڏاوت:
قلندر لعل شهباز جي وزير سيد علي سرمست 674هه ۾ تربت تي ڇٽي 
ٺهرائي جيڪا هن وقت صحن ۾ نه آهي. پهرين مقبري جو قبو ملڪ اختيار الدين سيوهڻ جي گورنر ٺهرايو. جڏهن فيروزالدين تغلق هندستان جو حڪمران هو. مرزا جاني بيگ شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ درگاهه جي توسيع ڪرائي ۽ صحن ۾ سنگ مرمر جي پٿر سان فرشبندي ڪرائي. نواب ديندار خان گورنر، شهنشاهه شاهه جهان جي دور ۾ ٻاهريون دروازو ۽ مسجد درگاهه جي ٻاهران ٺهرائي. ان کان علاوه سيوهڻ شهر ۾ ڇٽي آمراڻي ۽ جمن جتي ستي جا عاليشان مقبرا تعمير ڪرايائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (وزيراعظم پاڪستان) 1397هه 1977ع تي سونو دروازو (جيڪو ان کي ايران مان تحفي طور مليو) لڳرايو. قديم هئڻ ڪري 1993ع ۾ قلندر لعل شهباز جو روضو شهيد ٿي ويو. (ڪري پيو) بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو 1994ع تي درگاهه جي سڌاري، واڌاري ۽ نئين گنبذ جو بنياد رکيو. اهو ڪم اڃان تائين درگاهه جو ڪم جاري آهي.

قلندر لعل شهباز جو عرس ۽ ميندي:
قلندر لعل شهباز جو عرس سيد سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) 18 شعبان 651 ۾ ملهايو. اهو عرس هن وقت تائين جاري آهي، جيڪو هاڻ 18، 19، 20 شعبان تي ملهايو ويندو آهي. ٽئي ڏينهن ميندي جي رسم پڻ ٿيندي آهي.
قلندر لعل شهباز ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا، عراق انڊيا، ايران کان ٿيندو آخري ڏهاڙن ۾ سيوهڻ شريف ۾ رهيو. سندس وفات 650هه 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
قلندر لعل شهباز جي شاعري
زعشق دوست هر ساعت، درون نارمي رقصم،
گهي بر خاڪ مي غلطم، گِهي برخار مي رقصم،
ترجمو: دوست جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ پَچي رهيو آهيان، ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙيون ٿو پايان ته ڪڏهن وري ڪنڊن تي نچي رهيو آهيان.
بيا اي مطرب ساقي! سماع شوق لا دردهه،
ڪه من در شاديءَ و صلش، قلندر وارمي رقصم.
ترجمو: اي ساز وڄائڻ وارا ساقي اچ! ۽ دل ۾ راڳ ٻڌڻ وارو شوق ڏي، ڇاڪاڻ ته آئون ميلاپ جي خوشيءَ ۾ مست قلندر بڻجي نچي رهيو آهيان.
شدم بدنام در عشقش، بيا اي پارسا هم بين،
نمي ترسم ز رسوائي، سر بازار مي رقصم.
ترجمو: محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهي، اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس خواري ۽ بڇڙائي کان نه ٿو ڊڄان وچ بازار ۾ نچي رهيو آهيان.
مرا مخلوق مي گويد، گدا چندان چه مي رقصي،
بدل دراريم اسراري، ازان اسرار مي رقصم.
ترجمو: مون کي ماڻهون چون ٿا اي فقير! ايترو ڇا لاءِ نچي رهيو آهين؟ کين جواب ڏينا ٿو ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو.
اگر صوفي شدهه يارم، بيا تا خرقه اي پوشم،
اگر زنار بربستند، دران زنار مي رقصم.
ترجمو: جيڪڏهن صوفي آهين ته منهنجو يار آهين، اچ ته توکي صوفين واري گودڙي پهريان، پر جيڪڏهن جوڳي بڻجي جڻيا پائين ته مان انهيءَ ويس ۾ نچي رهيو آهيان.
من آن دُرم ڪه در بحر جلال الله بود استم،
بڪوه طور با موسيٰ، ڪليم الله بود استم.
ترجمو: مان اهو موتي آهيان جيڪو الله تعاليٰ جي جلال وري دريا ۾ موجود آهيان. طورسينا جي جبل تي حضرت موسيٰ ڪليم الله سان آئون گڏ بيٺو هئس.

آيا ملا! مڪن ظاهر، سرا اسرار مردان را،
نمي داني نه دانستي، ڪه سر الله بود استم.
ترجمو: اڙي ملان! مڙسن جي رازن وارين ڳالهين کي ظاهر نه ڪر، تون نه ٿو ڄاڻين ۽ نڪي ڄاڻي سگهين ٿو ته مان الله تعاليٰ جو هڪ ڳجهه آهيان.
ديدار حق تعاليٰ، در مان درد ما شد،
ديد بصير بينا برهان شد است مارا.
ترجمو: يعني حقيقت جو لقاءُ منهنجي درد جي دوا آهي، حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ واري ۽ بصارت واري نظر سان ڏسڻ واري اک اسان جو دليل ۽ ثبوت آهي.
ايا عثمان مروندي! چرا مستي درين عالم،
بجز مستي و مدهوشي دگر چيزي نه دانستم.
ترجمو: اي عثمان مروندي! هن جهان ۾ ڇا جي ڪري مست آهين، جواب ڏيان ٿو سواءِ مستي ۽ مدهوشي جي آئون ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿو ڄاڻان.



واٽس اپ گروپ تان ڪاپي ڪيل...

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت