کاڌي جو وات ۾ ھضم ٿيڻ

معدي ۾ ھاضمو
معدو ٿيلھي وانگر ھڪ  وڏو ٿلھين ڀتين جي بناوت وارو عضوو آھي جنھن ۾ کاڌي جي ناليءَ مان اچڻ وارو کاڌو ھضم ٿيڻ سان گڏ ڪجھ ڪلاڪن ٿائين جمع رھي ٿو. معدي ۾ کاڌي جو مڪينيڪل ۽  ڪيميائي ھاضمو معدي ۾ موجود ڪجھ غدودن (Glands) مان نڪرندڙ رطوبتن ۾ موجو انزائيمس رينن (Renin) ۽ پيپسن (Pepsin)   مدد سان ٿئي ٿو.
رينن (Renin) گھڻي قدر ننڍڙن ٻارن ۾ کير ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آھي.  جڏھن ته ھن رطوبت ۾ ھڪ لوڻ جوتيزب (HCl) به ھوندو آھي. جيڪو رطوبت کي تيزابيت بخشيندو آھي ۽ اھو ان ۾ موجود انزائيمس جي لاءِ به انتهائي ضروري ھوندو آھي. تيزاب جو ٻيو ضروري ڪم معدي ۾ موجود جيوڙن کي ختم ڪرڻ پڻ ھوندو آھي. کاڌو معدي ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين رھڻ  سبب ان ۾ موجود مختلف شيون پنھنجي اصليت وڃائي ۽ ملي جلي ڪري ھڪ پاڻياٺ نما ڪائيم (Chyme) ۾ تبديل ٿي وڃي  ٿو. کاڌو ان صورت ۾ ئي ضرورت مطابق آھستي آھستي ننڍي آنڊي ڏانھن وڃي   ٿو.

کاڌي جو وات ۾ ھضم ٿيڻ
کاڌي جو مڪينيڪل ھاضمو ڏندن ۽ زبان جي مدد سان جڏھن ته ڪيميڪل ھاضمو وات ۾ موجود غدودن مان نڪرندڙ پاڻياٺ ۽ ان ۾ موجود  انزائيمس جي مدد سان وات ۾ ٿئي ٿو. کاڌي کي ھلڪن جزن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ موجود انزائيم کي ٽائيلين (Ptyalin) يعني ٿڪ وارو خمير چئبو آھي اھڙي طرح ھضم ٿيل ۽ چٻاڙيل کاڌو بال جي شڪل ۾ ھاضمي جي نالي جي اڳئين حصي کاڌي جي نالي يا ايسوفيگس (Esophagus) ڏانھن ڳھڻ ذريعي معدي ڏانھن وڌي ٿو.

انسان ۾ ھاضمي جي نالي ۽ ھاضمي جي عمل جا حصا
انسان ۾ ھاضمي جوعمل ٽن حصن ۾ ٿيندو آھي پھرين مرحلي ۾ کاڌو وات ۾ ھضم ٿئي ٿو اھو ڪيميڪل ۽ مڪينيڪل ھاضمو ھوندو آھي. ٻيو مرحلو کاڌي جو معدي ۾ھضم ٿيڻ آھي. اھو به مڪينيڪل ۽ ڪيميڪل ھاضمو ھوندو آھي. جڏھن ته ٽيون مرحلو کاڌي جوننڍي آنڊي ۾ ھضم ۽ جذب ٿيڻ آھي ٽنھي مرحلن مڪمل ٿيڻ تي ھاضمي جو عمل مڪمل ٿيندو آھي.

کاڌي جو ننڍي آنڊي ۾ ھضم ۽ جذب ٿيڻ
معدي کانپوءِ ھڪ ڊگھي سنھي ۽ سوڙھي نالي شروع ٿئي ٿي جتي کاڌي جي ھاضمي وارو عمل مڪمل ٿئي ٿو ۽ گڏو گڏ ھضم ٿيل کاڌي مان حاصل ٿيل توانائي جا جزا رت ۾ جذب ٿي اڳتي وڌن ٿا. ان سنھي ناليءَ کي ننڍو آنڊو (Small intestine) چئبو آھي. ننڍي آنڊي جي پھرين حصي کي ڊيوڊينم (Duodenum) چئبو آھي ۽ ھي معدي سان مليل ھوندو آھي، ان ۾ ھيٺان ۽ مٿان موجود عضون مان نيڪال ٿيندڙ رطوبتون به شامل ھونديون آھن مٿئين پاسي کان شامل ٿيندڙ رطوبت جيري مان نيڪان ٿيندي آھي جيڪا سڻڀ کي ننڍي آنڊي ۾ ھضم ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري ھوندي آھي. 
جڏھن ته ھيٺين پاسي کان ايندڙ رطوبت کي لبلبي جو رس (Pancreatic juice)  چئبو آھي. جيڪولبلبي مان نيڪال ٿئي ٿو. ھي ننڍي آنڊي ۾ شامل ٿي کاڌي جي سڀني قسمن کي ھضم ڪرڻ خاطر مضبوط ۽ طاقتور انزائيم (Enzyme)  سان ڀريل ھوندي آھي. ان رطوبت ۾ اھڙي پاڻياٺ به ھوندي آھي. جيڪا معدي واري تيزابيت کي ختم ڪندي آھي ان پاڻياٺ کي باءِ ڪاربونيٽ (Bicarbonate) چئبو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت