سنڌ جا دائمي درد
· سنڌ ۾ سوڪهڙو
· سنڌ ۾ لڏ پلاڻ
· ڌارين جا حملا، باهين جا واقعا، موتمار ٻوڏون، خونخوار وچڙندڙ بيماريون
· غربت، مظلوميت، معاشي بدحالي، اگهاڙا انگ ۽ بُکيا پيٽ!
سنڌ ۾ سوڪهڙو
ڀٽائي سنڌين جي دائمي دردن جو شاعر آهي. سنڌ سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ تي آهي ۽ چوندا آهن ته ”پڇڙي يا سڪي يا ٻڏي“ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ، سو ڪهڙي ۽ ڏڪار تي ڀٽائيءَ سر ڏهر ۾ جيڪي بيت چيا آهن سي صدين تائين سنڌين جي ايندڙ نسلن کي به متاثر ڪندا. ڇاڪاڻ ته انهن بيتن ۾ بيان ڪيل مامرا دائمي آهن. ساڳي صورتحال جڏهن به پئدا ٿيندي ته اهي بيت ساڳيا ڪيل مامرا دائمي آهن. ساڳي صورتحال جڏهن به پئدا ٿيندي ته اهي بيت ساڳيا جذبا جاڳائي وهندا.
سر سڪو، سال ٿيا، هنج رهيو ئي پير
هي ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي.
ڄڻ ڪالا باغ ڊيم ٺهي ويو آهي، سالن کان سنڌ ۾ سوڪهڙو آهي، تازي درياءَ جي پاڻي جي آسري ۾ ويٺل هنج جي اکين جا ڳوڙها هن جي پيرن کي آلو رکيو اچن ٿا. ظاهر آهي ته ويچارو ”ڪنگ“ اهڙي رمز ڪئين پروڙي سگهندو؟
نه ڪا بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇلڙ ڇٽ
جتي ڏنڀيرين جي اڳي هئي اکٽ
سي پڙپسيو پٽ، ماڻهن وڃن موٽا.
اڍائي صديون اڳي ڪيل ڀٽائيءَ جي شاعري اڄوڪي صورتحال تي ڪيئن ٿي ٺهڪي اچي. اهو ئي ته ڪمال اهڙن شاعرن جو هوندو آهي جن کي عظيم ڪلاسيڪل شاعر سڏيو ويندو آهي.
سنڌ ۾ لڏ پلاڻ
ديس ۾ جيڪڏهن عدل، انصاف ۽ خوشحالي ناهي ته ڄڻ ڀنڀور آهي، جيڪو سسئي کي کائڻ پيو اچي. ڇاڪاڻ ته هن جو محبوب جنهن سان هن جو وحدت الوجود وارو رشتو هو سو ڪيچ هليو ويو هو. تاريخ جا اهڙا حادثا، ارهه زورايون، ۽ انياءَ جنهن ڪري ماڻهو پنهنجو وطن تياڳڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو..! سنڌ جو اهو به هڪ دائمي درد آهي.
جديد سنڌ ۾ اهڙي لڏ پلاڻ هڪڙي سنڌي، مهاجر فسادن دوران حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿي ۽ ٻي ڌاڙيالي دؤر دوران سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾؛ جنهن ۾ ماڻهن ڏورانهيون ٻهراڙيون ڇڏي اچي ننڍن وڏن شهرن جو سهارو ورتو. ڏڪار ۽ لڏ پلاڻ هن وقت ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ جاري آهي.
عمر اسان جي ڏيهه ۾ ٽي ئي ٽول سڄن
هڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن
تئان پري سڄن، پکا پنهوارن جا.
جهُ سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو؟
مسڪين ماڻهو پنهنجي حفاظت لاءِ جن طاقتور ماڻهن جي ڀر ۾ اچي رهن، سي جيڪڏهن ڌاڙيل ۽ ڦورو ٿي پون ته پوءِ مارو ماڻهو ٿر ۾ ڀلا ڪيترو رهي سگهندا؟
جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير
ماروائڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
سنڌ جا ماڻهو ته ٺهيو پر اهي مهمان پکي جيڪي کنڊ لتاڙي سائبيريا، آسٽريليا ۽ يورپ مان سياري جي مند ۾ سنڌ جي پاڻيءَ وارن علائقن جهڙوڪ سنڌو درياءَ، ان جو ڊيلٽائي علائقو، منڇر، حمل، ڪينجهر ۽ چوٽياريون سميت سنڌ جي وڏين ۽ ننڍن ڍنڍن تي لهندا آهن، ته ان جي دائمي دردن کي به ڀٽائي نه وساريو آهي. چوي ٿو:
اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري
کنڀڙان ڀون کري، پاڻان پير ڏکويا پکڙين.
ٿڌي ملڪ جا پکي مند ڏسي کنڊ لتاڙي مهينن جي اڏام کان پوءِ جڏهن گرم پاڻيءَ جي آسري تي پاڻ کي مٿان کان هيٺ اڇلائين ٿا ته هيٺ زمين سڪل ۽ ٺوٺ ٿيل اهي، جنهن ڪري هنن جا پير ڏکوئجي پون ٿا. شاعر جي اک واري ڪئميرا سينٽرل ايشيا مان سنڌ ڏانهن اڏام وٺندڙ پکين کي پنهنجي فريم ۾ آڻي ٿي ۽ ڏسي ٿي ته هاڻي انهن اترين علائقن جو خنجراب وارو لڪ پار ڪيو اهي ۽ هاڻي کين سنڌو درياءَ هڪ انگڙ ونگڙ واسينگ نانگ جي ورن وڪڙن جيان اڇي ليڪ وانگر نظر اچي رهيو آهي. هاڻو هو سنڌ کي ويجها اچي رهيا آهن ۽ هاڻي سنڌوءَ جي نيم گرم پاڻيءَ ۾ پاڻ کي مستيءَ وچان سڌو هيٺ اڇلائي رهيا آهن ۽ پوءِ شاعريءَ جو ڇپڪو ٿئي ٿو. سنگيت جون ڦهنگون اڏامڻ لڳن ٿيون ۽ ماڻهو پکي توڙي پسون پنڊ پهڻ ٿي وڃن ٿا.
ڌارين جا حملا، باهين جا واقعا، موتمار ٻوڏون، خونخوار وچڙندڙ بيماريون
نه ڪتا، نه ڪُوڪار، نه سي سڏ شڪارئين
جنگل ڪڍي پار، اڀو آهڙين کي.
هي به سنڌ جو هڪ دائمي درد آهي ــ ڌارين جا حملا، باهين جا واقعا، موتمار ٻوڏن، ٻوڏن کان پوءِ خونخوار وچڙندڙ بيماريون، (اهڙي هڪ بيماري سبب ٺٽي شهر اندر هڪ ڏينهن ۾ اسي هزار ماڻهو مري ويا هئا) ۽ انهن سببن ڪري ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ وسندين جو ويران ٿيڻ، شڪاري ڪتن جون ڀونڪون، شڪارين جون هڪلون وسئن جي نشاني آهي. ويراني ۾ خالي جهنگل آهي، ڄڻ انهن شڪارين لاءِ پار ڪڍي رهيو آهي جيڪي وسئن جي علامت آهن.
بکيءَ کل نه اجهي، ڏکيءَ ڏمر نانهه
اگهاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
غربت، مظلوميت، معاشي بدحالي، اگهاڙا انگ ۽ بُکيا پيٽ!
ڏکي توءِ ڏکار، توڻي وسن مينهڙا.
هي به ٿر جو هڪ دائمي درد آهي. ٿر ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته سالن جي سوڪهڙي کان پوءِ اهڙا زوردار وسڪارا ٿيندا آهن جو الٽو فصل ئي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. يا وري ائين به ٿيندو آهي ته وسڪارو ته ٿيو پر غريبن کي ڪو ٻج ڏئي ته پوکي ڪن!! ان ڪري انهن جي ڏکويل حالت وسڪاري جي باوجود تبديل نه ٿيندي آهي.
Comments
Post a Comment