احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
-------
(1) ارشاد
نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه
وسلم مِنَ الْمَدِينَةِ إِلَى مَكَّةَ، فَصَامَ حَتَّى بَلَغَ عُسْفَانَ، ثُمَّ
دَعَا بِمَاءٍ فَرَفَعَهُ إِلَى يَدَيْهِ لِيُرِيَهُ النَّاسَ فَأَفْطَرَ، حَتَّى
قَدِمَ مَكَّةَ، وَذَالِكَ فِي رَمَضَانَ فَكَانَ ابْنُ عَبَّاسٍ يَقُولُ قَدْ
صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم وَأَفْطَرَ، فَمَنْ شَاءَ صَامَ، وَمَنْ
شَاءَ أَفْطَرَ
(بخاری شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر
ج 1 ص 355-356)
”حضرت عبدالله بن عباس ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف کان مڪي شريف جي طرف روانا ٿيا ته رستي ۾
پاڻ ڪريم ﷺ جن روزا رکندا رهيا. ايتري تائين جو پاڻ ڪريم ﷺ جن مقامِ عسفان تائين
پهچي ويا (اتان کان پاڻ ڪريم ﷺ جن روزا رکڻ ڇڏي ڏنا ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهه
واضح ڪرڻ جي لاءِ) پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻي گهرايو پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان پاڻيءَ کي کڻي
مٿي ڪيو ته جيئن سڀئي ماڻهون ڏسن. (ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان کي پيتو) پوءِ
مڪي شريف پهچڻ تائين پاڻ ڪريم ﷺ جن روزا نه رکيا، ۽ اِهو سموروواقعو رمضان شريف ۾
پيش آيو. ته ابن عباس ؓ (انهيءَ ڪري)
چوندو هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سفر ۾ روزا به رکيا آهن ۽ قضا به ڪيا آهن (تھ گنجائش
آهي) ته جنهن جي دل چاهي ته سفر ۾ روزا رکي ۽ جنهن جي دل چاهي ته قضا ڪري.“
هن حديث شريف ۾ جنهن سفر جو ذڪر آهي ته اهو فتح مڪه وارو سفر هيو
جيڪو رمضان المبارڪ 8 هجري ۾ پيش آيو هيو، ان ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن شروع ۾ روزا رکندا
رهيا ۽ جڏهن مقام عسفان تي پهتا ۽ اتان کان مڪو شريف صرف ٻن منزلن جي فاصلي تي هيو
۽ ان ڳالهه جو امڪان پيدا ٿي ويو ته متان قريب وقت ۾ دشمن سان ڪا مزاحمت يا جنگ
پيش اچي وڃي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مناسب سمجهو ته روزا نه رکيا وڃن تنهن ڪري پاڻ ڪريم
ﷺ جن روزا قضا فرمايا ۽ سڀني ماڻهن کي ڏيکاري ڪري پاڻي پيتائون ته جيئن ڪنهن جي
لاءِ به روزو قضا ڪرڻ دشوار ۽ مشڪل نه ٿي. انهيءَ واقعي جي باري ۾ حضرت جابر
ؓ جي روايت آهي ان ۾ انهيءَ جي وڌيڪ وضاحت
آهي.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ جَابِرِ رضہ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم خَرَجَ
عَامَ الْفَتْحِ إِلَى مَكَّةَ فِي رَمَضَانَ فَصَامَ حَتَّى بَلَغَ كُرَاعَ
الْغَمِيمِ فَصَامَ النَّاسُ ثُمَّ دَعَا بِقَدَحٍ مِنْ مَاءٍ فَرَفَعَهُ حَتَّى
نَظَرَ النَّاسُ إِلَيْهِ ثُمَّ شَرِبَ فَقِيلَ لَهُ بَعْدَ ذَلِكَ إِنَّ بَعْضَ
النَّاسِ قَدْ صَامَ فَقَالَ أُولَئِكَ الْعُصَاةُ أُولَئِكَ الْعُصَاةُ
(مسلم شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر
الخ ج 1 ص 356۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی الافطار فی السفر ص 121)
”حضرت جابر ؓ کان روايت آهي
ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فتح مڪي جي سال رمضان شريف جي مهيني ۾ مڪي شريف جي طرف روانا ٿيا
ته پاڻ ڪريم ﷺ جن روزو رکيو، ايستائين جو پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪُراع الغيم (اهو مڪي شريف
۽ مديني شريف جي درميان عسفان جي قريب هڪ جڳهه جو نالو آهي) پهتا ۽ ٻيا ماڻهون به
روزي سان هئا چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جن پيالي ۾ پاڻي گهرايو ۽ ان کي (هٿ ۾ کڻي ايترو)
مٿي ڪيو جو ماڻهن ڏٺو پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن اهو پاڻي پيتو، ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ
جن کان پڇيو ويو ته ڪجهه ماڻهن کي روزو آهي (يعني انهن اوهان جي پيرويءَ ۾ روزو نه
ڀڳو آهي ته) پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اهي ماڻهون پڪا گناهگار آهن، اهي ماڻهون پڪا
گناهگار آهن.“
هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”اهي ماڻهون پڪا گناهگار آهن“.
پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي انتهائي ناراضگيءَ جي اظهار جي طور تي اهي الفاظ ٻه ڀيرا
ارشاد فرمايا ڇو جو پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻي هٿ ۾ مٿي ڪري ڏيکاري ان ڪري پيتو ته جيئن
ٻين ماڻهن کي خبر پوي ۽ الله پاڪ سفر جي حالت ۾ روزي نه رکڻ جي جيڪا اجازت عطا
فرمائي آهي ان ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پيروي ڪن مگر انهن روزو رکي ڪري ڄڻ ته پاڻ ڪريم
ﷺ جن جي فعل جي مخالفت ڪئي ۽ الله پاڪ جي طرفان عطا ڪيل رخصت کي قبول نه ڪيو تنهن
ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن جي طرزِ عمل تي ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار فرمائيندي ائين
فرمايو ته ڄڻ ته سفر جي حالت ۾ روزو رکڻ ممنوع ۽ حرام آهي.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment