Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول

 

مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول

 

گهڻن سالن کان، مالديپ دنيا جي سياحن جي درشن جو مرڪز رهيو آهي. هن ٻيٽ ۾ اندر ڪيترا ٻيٽ سمايل آهن. انهن مڙني ٻيٽن جو انگ جڏهن ملايون ٿا ته اهو وڃي 1192 ٿئي ٿو. مالديپ ڌرتي جي گولي تي اها جنت آهي جتي دنيا جا سياح خاص ڪري اونهاري جون موڪلون ملهائڻ هتي اچي خوب حَض حاصل ڪن ٿا. ڦوٽو گرافي ڪن ٿا، سمونڊ ۾ تيراڪيون ڪري موج مستيون ڪن ٿا. جهاز رانيءَ جا جنون، جوش ۽ جذبن جي نمائش ڪن ٿا. جهازن تي گهمي پنهنجي روح کي خوش ڪن ٿا. هتي اڪثر ڪري انڊيا جي فلمن جي شوٽنگ ٿيندي رهندي آهي، جنهن ۾ هيٺين فلن جي رڪارڊنگ پڻ ٿي آهي. اسان جي دوست پرتاب ڪجهه فلمن جا نالا نوٽ ڪرايا آهن. جيڪي فلمون ڏسڻ جهڙيون آهن. انهن ۾

"Samudra" - filmed in Maldives- "Fight Club – Members Only" - filmed in Maldives- "Kites" - filmed in Bandos Island Resort, Bandos, Maldives - "Maine Pyaar Kyun Kiya" - filmed in Maldives- "Baaghi 2" - filmed in Dhigali Island- Agent Vinod" - filmed in Hulhumalé Island - "KGF" - filmed in Fuvahmulah Island

گهمڻ ۽ سياحت جي شوقين ماڻهن جو خيال آهي ته مالديپ اونهاري جون موڪلون ملهائڻ لاءِ بهترين جڳهه آهي. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ هتي آسمان نيرو نيرو ۽ جهڙالي موسم ٿي ويندي آهي. صاف شفاف سمونڊ جو نيرڙو پاڻي، جنهن ۾ توهان سُئي به اڇلايو ته صاف نظر اچي، مٿان وري نرم ملائم پشم جهڙي سرمئي رنگ جي واري جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. مون کي شاهه سائين جو سر سارنگ ياد اچي وڃي ٿو؛

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس

وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس

پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا

 مطلب ته هتي به اهو ئي نظارو هوندو آهي، جيئن شاهه صاحب چٽيو آهي. شاهه چوي ٿو ته اڄ پڻ اتر طرف ڪارن وارن جهڙا ڪڪر بيٺا آھن. وڄون ڳاڙھا ويس ڪري، جهلڪا ڏيڻ آئيون آھن .منهنجا جاني ، جي پرديس ۾ آھن، تن سان مون کي مينهن ملايو .( پرينءَ لاءِ سيني ۾ اهڙي سڪ اٿي، جو هو ڄڻ هنئين ۾ حل ٿي ويا.)

(سر سارنگ ، داستان پهريون . تشريح: ڪلياڻ آڏواڻي)

صرف 298 چورس ڪلو ميٽر جي ايراضي تي مشتمل هي ايشيا جو سڀني ملڪن کان ننڍو ملڪ آهي. پر جيڪڏهن ان سان گڏ سمونڊ به شمار ڪجي ته پوءِ اهو وڃي ٿيندو 90.000 هزار چورس ڪلو ميٽر. مالديپ ۾ رهندڙ قوم ۾ مرجان پٿر جا جبل، واريءَ جا بند، صاف ساحل ۽ لطف اندوز ڪرائيندڙ تمام گهڻيون دلفريب جايون ڏسڻ وٽان آهن. تنهن جي باوجود ملڪ ۾ ڪو به وڏو جبل، ڍنڍ يا ڪا ٽڪري نه آهي. ڪجهه ٽڪريون آهين جيڪي 2.5 ميٽر جي مٿانهين تائين پهچي سگهن ٿيون.

اپريل کان وٺي نومبر تائين مالديپ جي گهمڻ واري موسم هوندي آهي. هتان جي موسم انهن ڏينهن ۾ 29 کان 31 ڊگري سيٽي گريڊ يا وري 24 تائين جي پد جي هوندي آهي. انهن مهينن ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو پڻ هلندو رهندو آهي، جيڪو توهان جي رولاڪين ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندو ۽ توهان کي گهمڻ ۾ ويتر مزو پيدا ايندو.

 

 






 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more