ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
-------
 (1)  ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ جَابِرِ رضہ قَالَ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم فِي سَفَرٍ فَرَأَى  زِحَامًا ورَجُلاً قَدِ ظُلِّلَ عَلَيْهِ فَقَالَ  مَا ھٰذا قَالُوۡا  صَائِمٌ ‏.‏ فَقَالَ لَيْسَ مِنَ الْبِرِّ الصوم  فِي السَّفَرِ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب قول النبی صھ لمن ظلل علیہ واشتد الحرلیس من البر الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر ج 1 ص 356۔ طحاوی شریف کتاب الصوم باب الصیام فی السفر ج 1 ۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی الافطار فی السفر ص 121۔)

”حضرت جابر ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ سفر ۾ هئا پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ هجوم ڏٺو ۽ هڪ شخص کي ڏٺو ته ان تي ڇانو ڪئي وئي هئي پاڻ ڪريم ﷺ جن پڇيو ته هن کي ڇا آهي؟ انهن جواب ڏنو ته هن کي روزو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته سفر ۾ روزو رکڻ ڪائي نيڪي نه آهي.


(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ جَابِرُ رضہ قَالَ مَرَّ النَّبِیُّ  صلى الله عليه وسلم بِرَجُلٍ فِي سَفَرٍ فِیۡ ظِلِّ شَجَرَةٍ يُرَشُّ عَلَيْهَا الْمَاءُ فَقَالَ مَا بَالُ ھٰذِا قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ صلی اللہ علیہ وسلم  قَالَ لَيْسَ مِنَ الْبِرِّ اَلصِّیَامُ فِی السَّفَرِ فَعَلَیۡکُمۡ بِرُخۡصَۃِ اللہِ التِیۡ رَخَّصَ لَکُمۡ فَاقۡبَلُوۡھَا۔
(طحاوی شریف کتاب الصوم باب الصیام فی السفر ج 1)

”حضرت جابر بن عبدالله ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ شخص جي ويجهو کان گزريا جنهن کي هڪ وڻ جي ڇانو ۾ رکيو ويو هيو ۽ ان کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي رهيا هئا پاڻ ڪريم ﷺ جن پڇيو ته هن شخص کي ڇا ٿيو آهي؟ جواب ڏنو ويو ته اي الله جا رسول ﷺ هي شخص روزيدار آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته سفر ۾ روزو رکڻ ڪا نيڪيءَ جي ڳالهه نه آهي توهان کي گهرجي ته الله پاڪ جي عطا ڪيل رخصت ۽ اجازت کي قبول ڪيو.

حديث شريف جي آخري لفظن جو مطلب هي آهي ته اگر روزي رکڻ جي صورت ۾ ضعف ۽ ڪمزوريءَ جي ڪري روزيدار جي ايتري قدر حالت خراب ٿي وڃي ته پوءِ ان جي لاءِ سفر ۾ روزو رکڻ ڪا بهتر ڳالهه نه آهي بلڪه افضل هي آهي ته اهو روزو نه رکي.

(3)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَنَسِ رضہ  قَالَ كُنَّا مَعَ النَّبِیّ صلى الله عليه وسلم فِي السَّفَرِ فَمِنَّا الصَّائِمُ وَمِنَّا الْمُفْطِرُ فَنَزَلْنَا مَنۡزِلاً فِي يَوْمٍ حَارٍّ فَسَقَطَ الصُّوَّامُوۡنَ وَقَامَ الْمُفْطِرُونَ فَضَرَبُوا اۡلاَبۡنِیَۃَ وَسَقُواالِرّکَابَ فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ‏ ذَهَبَ الْمُفْطِرُونَ الْيَوْمَ بِالأَجْرِ  
(مسلم شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر فی غیر معصیۃ اذا کان فی سفرہ الخ ج 1 ص 356)

”حضرت انس ؓ  کان روايت آهي ته اسين هڪ سفر ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان گڏ هئاسون ته اسان مان ڪجهه ماڻهون روزيدار هئا ۽ ڪجهه ماڻهون روزا قضا ڪري رهيا هئا (يعني بغير روزي جي هئا) ته هڪ ڏينهن جڏهن سخت گرمي هئي اسين هڪ جڳهه تي لٿاسون ته روزيدار ته ڪري پيا ۽ جيڪي بنا روزي جي هئا اهي اٿيا ۽ انهن سڀني جي لاءِ خيما لڳايا ۽ سڀني سواريءَ جي جانورن کي پاڻي پياريو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اڄ روزي نه رکڻ وارا ثواب کٽي ويا. (يعني انهن ثواب زياده حاصل ڪيو).“
 (فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الخامس في الاغدار التي تبيح الافطار ج 1 ص 207)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت