قلندر لعل شهباز جي مستيءَ جو راز - غلام مصطفيٰ سولنگي



قلندر لعل شهباز جي مستيءَ جو راز
غلام مصطفيٰ سولنگي

قلندري طريقي ۾ مستيءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، حضرت قلندر لعل شهباز جي فڪر ۽ عمل جو مفهوم به مستيءَ ۾ سمايل آهي، مستي انهيءَ ڪيفيت جو نالو آهي جو طالب دنيا جهان کان پاڻ لاتعلق هجي ۽ ان جو سمورو مفهوم تعليمات نبوي هجي ڇاڪاڻ ته ان جو سمورو راز نيڪ عمل ۾ لڪل هجي ٿو.

حضرت قلندر لعل شهباز فارسي زبان جو هڪ قادر الڪلام شاعر هو. سندس ڪلام مان جلال ۽ مستي ظاهر ٿئي ٿي. سندس شاعري ۾ وحدت الوجود جو گهرو اثر موجود آهي.

حضرت قلندر لعل شهباز جي طريقي جو سلسلو قلندري هيو انهيءَ ڪري کيس قلندر سڏيو وڃي ٿو ۽ پاڻ وقت جا وڏا شاعر هئڻ سان گڏ نثر نويس به هئو کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. ۽ انهن زبانن ۾ سندس ڪجهه ڪتاب لکيل آهن.


حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته قلندري ٽولي ۾ اهي مرد مجاهد شامل هوندا آهن جيڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف پهاڙ ٿي بيهي رهندا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز به اهو شير دل ولي هو، جنهن ظلم کي للڪاريو ۽ براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ سيوهڻ شهر ۾ پنهنجو علم کوڙيو ۽ ان وقت جي سيوستان جي اٻوجهه ماڻهن کي سچائي جي راهه ڏيکاري.

جرمن جي نامياري دانشور ڊاڪٽر ايني ميري شمل پنهنجي هڪ انگريزي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ شهر ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ جون حالتون تمام خراب هيون، جنهن ۾ سنڌ جي سمن جو وڏو هٿ هيو. انهن جي رسمن ئي سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن ۾ بيڪار رسمن جو رواج وڌو ۽ اخلاقي بگاڙ شروع ٿيو. جڏهن قلندر لعل شهباز سنڌ ۾ آيو ته جيڪي هٿ ٺوڪيون رسمون هيون اُهي هن ختم ڪرايون ۽ انهن سمورن ڪوڙن قافلن کي ڌڪاري سيوهڻ جي نگريءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ سيوستان کي سيوهڻ شهر جو نالو ڏئي سماجي قدرن ۾ نئون روح ڦوڪيو.

حضرت قلندر لعل شهباز جي مستيءَ جو اندازو انهيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هر سال  قلندر جي نگريءَ ۾ ملنگ ۽ نانگا ميلي ۾ مست ٿي نچندا آهن ۽ هو قلندري مستي ظاهر ڪندا آهن ۽ هر طرف نظارا وڄندا رهندا آهن.

قلندرن جي نه صرف مستي پر سموري جدوجهد پنهنجي رسمن ۽ رواجن کي سڌارڻ لاءِ هوندي آهي ، اهو ئي سبب آهي جو قلندر لعل شهباز پنهنجو آستانو سيوهڻ شهر کي بڻايو  ۽ سيوهڻ شهر گندگيءَ مان ڦري هڪ عالم انسان پاڪ ۽ اوليائن جو شهر بڻجي ويو، جتي نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر دنيا جي مختلف  ملڪن جا پانڌيئڙا  سيوهڻ ۾ هر سال حاضري ڀرڻ ۽ سندس مستي ۽ جلاليءَ وارو رنگ پسڻ اچن ٿا .

هڪ انگريز جان برٽن  پنهنجي ڪتاب “ تاريخ سنڌ” ۾ لکي ٿو ته قلندر لعل شهباز وڏو عالم ۽ لسانيات جو ماهر هو ، سندس عقلي صفتون ذات کان الڳ آهن، انهيءَ ڪري ئي قلندر لعل شهباز کي صوفي سڏيو وڃي ٿو.

ناميارو اديب علي احمد بروهي هڪ هنڌ لکي  ٿو ته “ قلندر جلالي طريقي جي درويشن کي سڏيو ويندو آهي ، قلندر مان مراد ، هڪ اهڙو درويش جيڪو ٻنهي جهانن جو جهنجهٽ کان آزاد هجي .

۽ قلندر پنهنجي مستيءَ ۾ خالق حقيقي جي محبت ۾ اهڙو ته محو ٿي ويندا آهن جو کين پنهنجي وجود جي ڪابه پرواهه ناهي هوندي .

قلندر لعل شهباز آيو ته ٻاهران ٻئي ملڪ مان پر جڏهن هن سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو ته سنڌ جي ثقافت ۽ سماجي ريتن رسمن ۾ ڪنهنجي به پراهه نه ڪندي سماج کي سڌارڻ ۾ لڳي ويو . اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين طاقتن نه رڳو هن سونهاري سر زمين کي پنهنجو بڻايو پر هتي جي ثقافتي ۽ تهذيبي رنگن ۾ رچي ڌرتيءَ کي سجايو آهي .

قلندر جي نگري اڄ به خوبصورت آهي ۽ ڪيترائي علائقا سيوستان نه پر سيوهڻ شريف جي شهر جو بهترين نظارو پيش ڪن ٿا . جنهن ۾ جمن ، جتي ، بودلوبهار ، پٺاڻ جي ڪافي ، سونو دروازو ، اسٽيل جو علم ڏسڻ وٽان آهن .
سنڌ ۾ قلندري لفظ حضرت قلندر لعل شهباز جي اچڻ کان پوءِ مشهور ٿيو ۽ سندس مستيءَ جي ڪري مست قلندر لعل جهڙا نعرا گونجڻ لڳا. قلندر مصلحتن کان آزاد هوندا آهن ۽ هو ڌن دولت کان بيزار هوندا آهن ۽ ڀٽڪيل ماڻهوءَ کي سچائيءَ جي راهه ڏيکاريندا آهن . مشهور صوفي شاعر احمد جام  قلندر لعل شهباز جي تعريف ڪندي چيو آهي ته :

قلندر پرتو نور الاهي سَت،
قلندر مطلع انوار شاهي سَت،
قلندر موج بحر لايزالي ست،
قلندر گودر آمد دردل يار.
قلندر برآمد بر سردار،
قلندر فارغ ازکونو مڪان است،
قلندر رانمي دانم چسان است،

حضرت قلندر لعل شهباز پنهنجي مستيءَ ، جلالي، ۽ ڪمال ذريعي اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو سيوستان جا ماڻهون اڄ به سندس در جا گولا غلام  ٿي گذاري رهيا آهن .

قلندر لعل شهباز پنهنجي بزرگ هستيءَ جي ڪري اهو ڪجهه حاصل ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بادشاهه جون ڦوجون به حاصل ڪري نه سگهيون آهن. جيڪڏهن اسان قلندر شهباز جي مزارن ميڙاڪن جو ڪاٿو لڳائينداسين ته سندس عرس مبارڪ کان سواءِ به سندس مزار تي خطي جي سڀني مذهبن پوءِ چاهي اهو هندو هجي يا مسلمان ، سک هجي يا عيسائي ، انگريز هجي يا جرمن ، هر وقت سيوهڻ ۾ ميلا متل رهن ٿا جتان هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ کي سڪون ملي ٿو، اهو ئي سندس مستيءَ ۽ جلاليءَ جو ڪمال آهي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت