ڀٽائي ــ سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل


 

سنڌي ادب جي تاريخ ۾، اسان جو ڀٽائي، هڪ ٻيو موهن جو دڙو آهي، جنهن جي شاعري ۽ انقلابي فڪر تي هند سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي سو اڻ پورو به آهي ۽ ڀٽائيءَ جي آدرشن سان اڻ ٺهڪندڙ پڻ.
تازو هند جي سنڌي رسالي ”ڪونج“ جي ايڊيٽر هري موٽواڻيءَ هڪ ادبي ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته هندستان جي سنڌي ادبي حلقن ۾ اڃا تائين ڀٽائيءَ کي سرڳواسي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ڇڏيل صوفي ازم واري منزل تي رکي پرکيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ڪا نئين تحقيق نه ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جو پنهنجي دؤر جي مادي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ماحول سان اٽوٽ رشتو ثابت ڪيل هجي. اهڙي طرح هنڌ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ تي عام طرح جو ڪجهه لکيو ويو آهي، ان ۾ ڀٽائي جيڪو شاعر آهي، سو موجود ڪونهي ۽ ڀٽائي جيڪو سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي فلسفي جو باني آهي، سو نظر نه ٿو اچي.


ڀُـلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَليو؛
شَهرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتورُ؛
ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.

سو ڀٽائي جي رسالي کي دل سان گهٽ نقادن پڙهيو آهي.

ڏُکويُون ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون؛
هاڻي ڪِنِ مُلان، پُڇان پِرِيُنِ خَبَرُون؟

ان ڪري هن کي صوفي چون ٿا. جڏهن ته ڀٽائي لا مذهب آهي.

نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشتُ گُهرَنِ؛
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛

سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
سو  پرين، سو پساههُ، سو ويري، سو واهرو،

هتي ڪجهه ضمير ۽ ڪجهه اسم جمع ڪيا ويا آهن، جن ۾ بذات خود الله تعاليٰ پڻ موجود آهي ۽ چيو ويو آهي ته هي سڀ هڪ آهن، انهن ۾ هيڪڙائي آهي، اهي ڪردار جيڪي ڀٽائي جي نظرئي مطابق بلڪل ساڳيا آهن. سي آهن: هي، هُو، اجل (موت)، الله، پرين، پساههُ، ويري (دشمن) ۽ واهرو (يعني دوست). هن بيت مان خدا تعاليٰ بابت ڀٽائيءَ جي نظرئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

جي بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي، ته عين شِرڪ ايءُ
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ
هڏ هن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي هن ريءَ.

هن بيت جي آخري سٽ تي سوچڻ جي ضرورت آهي. ”هو پڻ ڪونهي، هن ريءَ“ يعني الله انسان کانسواءِ ڪجهه ناهي. اهو انسان ئي آهي، جنهن جي ڪري هر ڪا شئي آهي. اهڙي طرح ڀٽائيءَ جو مذهب جيڪو به هيو ان ۾ انسان هر ٻيئءَ شئي کان اتم آهي:

سو نه ٻي ڪنهن شئي ۾، جيڪي منجهه تراب.

۽ هند، سنڌ کان ٻاهر وري ڀٽائيءَ تي جيڪو اوائلي يورپي ادب ملي ٿو، انهيءَ ۾ پڻس اڳي رٽ لڳل آهي ته ڀٽائي انساني زندگيءَ جي مختصر هئڻ ۽ انسان جي فاني هئڻ واري ڪيفيت کي محسوس ڪري دُنيوي مامرن ۾ ڦاسڻ کان آجو رهيو ۽ چارئي پهر الله الله پيو ڪندو هو. يورپي ۽ انگريز نقادن لاءِ برابر اهو مسئلو هو ته هو ايتري سنڌي ڪونه ڄاڻندا هئا، جو ڀٽائيءَ جهڙي وڏي شاعر کي پڙهي ۽ ڪڙهي سگهن، نه ته هنن کي ڄاڻ پئجي وڃي ها ته ڀٽائي جا چارئي پهر توڙي اٺئي پهر ڪيئن ٿي گذريا.

اٺئي پهر اداس ۾، چارئي پهر چري وو چري
تنهنجي درد فراق ۾،  وينديس يار مري او مري.

ڀٽائيءَ جو فڪر تمام چٽو ۽ واضح آهي. مراقبو ڪري، چاليها ڪڍندڙ جنوني مسلمانن لاءِ ڀٽائي ٿو چوي:

تهڙا چالِيها نه چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛

۽ هي بيت ”سر يمن ڪلياڻ“ جو آهي. جنهن کي ڀٽائيءَ جو مذهبي سُر سڏيو وڃي ٿو. وري مراقبي وارن لاءِ چيائين:

”ويڙهيجي ويٺي جا، وصل تنهن وڃائبو.

پر يورپي نقادن جو سمورو دارمدار هتان جي مقامي هندو ۽ مسلمان سنڌي اديبن تي هو، جيڪي ڀٽائيءَ کي پڙهي ۽ ڌارين حڪمران دانشورن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري سمجهائيندا هئا. انهن مترجمن جي سهاري هيٺ انهن ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فلسفي جهڙن مشڪل فيلسوفياڻن مسئلن کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڀٽائيءَ کي سندس ٻولي ڳالهائيندڙن ڪيترو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جا ڪجهه دانسور جن لاءِ اسان ”نام نهاد“ لکڻ، تاريخ جي رڪارڊ کي صحيح رکڻ لاءِ ضروري سمجهندا آهيون،، اهي دعويٰ ته ڀٽائيءَ جي نيازمنديءَ جي ڪن ٿا. پر آهن انهيءَ صف ۾ جتان ڀٽائي ۽ سندس ساٿي ڪردارن جهڙوڪ: کاهوڙي لاهوتي، صفي ۽ سامي وغيره تي قاتلانه حملا ٿي چڪا آهن. جن ۾  بيشمار صوفي شهيد ٿي چڪا آهن.

نه ڪي اسين چُهڙا، نه ڪي اسين چور
هنگاما  ۽  هور،  ڪُتا ڪرين ڪن تي.

سنڌ جي هڪ حقيقي مها ڏاهي هڪ نجي ڪچهري ۾ چيو هو، ”ته جيڪڏهن توهان جي پيغمبر ۽ توهان جو عظيم شاعر توهان جي چوڻ مطابق ”امي“ ٿي سگهن ٿا ته واقعي توهان سنڌي مسلمانن کي علم حاصل ڪرڻ يا ڪتابن پڙهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي.“ سو اهڙي ڳالهه ڪرڻ ته ڀٽائي ”امي هو، خالص جهالت جو مظاهرو ڪرڻ آهي، بهرحال

جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

اهڙي طرح ريڊئي، ٽي وي ۽ سرڪاري دفترن ۾ ويٺل ترقي پسند ڪلاڪارن ۽ فنڪارن جي وات کي اسلام آباد مان آندل آرڊرن سان لنبي بند ڪيو ويو آهي ۽ رجيت پسندن جي لوڌ جنهن کي ڀٽائيءَ جو پارکو مڃيو وڃي ٿو، انهن نام نهاد دانشورن وٽ ان کان وڌيڪ ڀٽائيءَ تي ڪا تحقيق ڪانهي ته ”رسالو قرآن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي“ ثبوت طور چون ته:

جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛

دراصل هو ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ قرآني آيتن جي معنيٰ کي وٺن ئي ڪونه ــ ڀلا بي علمن جو علم سان ڇا وڃي، جيڪڏهن هو واقعي ڀٽائيءَ کي پڙهن ته هنن کي محسوس ٿيندو ته ڀٽائي قرآني آيتن کي پنهنجي ڪردارن جي جوڙجڪ ۽ پنهنجي انقلابي نظرئي کي ثابت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. مثال:

کل شيءٌ الااصله، ٿي جهجان جهانگين ڪاڻ.

هتي قرآني آيت جنهن جي معنيٰ آهي ته ”هر ڪا شئي پنهنجي اصليت ڏانهن ويندي آهي،“ ان کي مارئيءَ جي آخري فتح واري مقصد لاءِ ڪم آندو  آهي ته مارئي هر صورت ۾ ملير ويندي ۽ عمر بادشاهه جا اها شڪست ٿيندي.

سڱر ساهيڙين سين، ساڻيهه منجهه سٽيندي
عمر آءٌ ماروئڙن ڏي ويندي،  ڏيهه ڏاڏاڻي پکڙين.

هن خيال ۽ مٿي ڏنل قرآني آيت ۾ هڪڙي ئي مقصد ڏانهن اشارو ڏنل آهي. وري جڏهن ڀٽائيءَ چيو ته:

نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون  پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راهَ چُمي  ٿِي رَندُ؛

هتي ”بسم الله“ آڌر ڀاءُ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪل آهي. ”الست بربڪم“، ”قالو بليٰ“، ”ڪن فيڪون“، ۽ ”بڻيو هو نه بت ۾ اڃا ڪي آدم“، اهي سڀ حوالا آهن، ان وقت جا، جڏهن هي دنيا پئدا ٿي هئي ۽ ڀٽائي صرف اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهري ٿو ته مارن سان سندس پيچ ازل کان آهي، عوام سان ڳانڍاپو تڏهن کان آهي، جڏهن کان پورهيت جي هٿ پئدا ٿيو هو. جڏهن انسان ڄڻيو ويو هو. ڀٽائي جي رسالي ۾ اهڙي بيشمار بيت ملندا جن ۾ قرآني آيتون، سيڪيولر، غير مذهبي ۽ مادي مقصدن لاءِ استعمال ڪيل آهن.

”جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڀٽائيءَ جا سنڌي ٻوليءَ تي وڏا احسان آهن. ڊاڪٽر سورلي حيرت وچان لکيو آهي ته، ”جنهن دؤر ۾ فارسي، عربي، ۽ هندي زبانن جو ڌاڪو هوندو هو، تنهن دؤر ۾ ڀٽائيءَ اها عظيم شاعري ڪرڻ لاءِ اهڙي ٻولي کي چونڊيو جنهن کي ننڍي کنڊ ۾ تمام گهٽ سڃاتو ويندو هو.“ ٻي ڳالهه جنهن تي ڊاڪٽر سورلي کي اچرج آهي، اُها هيءَ آهي ته فارسي شاعري جي جماليات عربي شاعري جي استعارن ۽ هندي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل موضوعن کي ڇڏي ڀٽائيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهڙين شين کي عظيم شاعريءَ جو موضوع بڻايو، جيڪي هن کان اڳ ڪڏهن به اهڙي وڏي شاعريءَ ۾ ٻڌڻ ۾ نه آيا هئا.

ڪاريُن، ڪوجهيون، ڪُ وڙيون، مور نه موچاريون.

نه ڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلڙ ڇٽ
نه ڪُتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪارئين
جهنگل ڪڍي  پار،  اڀو آهيڙين  کي.

سو ڀٽائيءَ جا اسان جي ٻوليءَ تي، اسان تي، سنڌ تي، سنڌ جي عوام تي ۽ سنڌ جي ماضي ۽ حال تي وڏا احسان آهن. جيڪڏهن سنڌ جو مستقبل انقلاب آهي ته ان ۾ ڀٽائيءَ جي فلسفي کي مرڪزي نظرياتي حيثيت حاصل هوندي.

دائم جهليو دم، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

ڪير ماڻهو آهن ڀٽائيءَ جا اهي ڪهڙا ڪردار آهن. جن جي هن ٽيهه اکري لکي آهي ۽ جن جي زندگي جا 12 ڏينهن ”سر رامڪلي“ ۾ لکيا اٿس، ”رام ڪلي“ جي ٻئي داستان جو پهريون بيت آهي:

ڪيم ڪاپڙين جي، پهرين ڏينهن پروڙ
سگها ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُور
سدائين سيد چئي، هون سناسي ۾ سور
جوڳي  ساڻ  ضرور،  لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

اهڙي طرح هر بند کان پوءِ وراڻي ۾ لکي ٿو: 
”نانگا ٿيا نهال، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.“ لڪل به آهن. عوام سان رابطي ۾ به آهن ۽ ڳالهائين به ٿا. اهي ڪير آهي جيڪي:

”ڳجهه نه ڳالهائين، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

”سامي سون ٿيا، لڪا ڀڻن لوڪ ۾“
ڪريو سِڻ سهي، ڀنيو پنج ڪڻي
کنيو  کدائون،  لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

اهو سمجهڻ ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جي عمر ان وقت 28 سال ڦوهه جواني واري هئي، جڏهن 1717ع ۾ شاهه عنايت جي هارين واري تحريڪ ڪچلجي وئي هئي ۽ بيشمار صوفي روپوش ٿي ويا هئا ۽ باقي شهيد

”ڪنهن جنهن ڪمائي لاءِ، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

جوڳين ۽ سامين جا 12 ڏينهن پڙهجن ٿا ته لڳي ٿو ته لاهوت جي پاسي جيئن ڪو انڊر گرائونڊ ٽريننگ سينٽر هجي، جتي جوڳي دائرن ۾ دونهيون دکائي ”ڪنهن اونهي پهه پيا“ ۽ کاهوڙي پوءِ جاءِ بجاءِ اٿي ورهائجي وڃن ٿا. ڪڏهن سوچين ٿا، ڪڏهن پنهنجيون گودڙيون ٿا ڌوئن ۽ ڪڏهن وري لڪا ڀڻن لوڪ ۾.

اٺين ڏينهن اچي ويا، جوڳي جاءِ بجاءِ
سا پر سامي سکيا، جا پر جوڳ جڳا.
       
ويرو تار وجود ۾، ان کي رام رهيو ئي آههِ

اسان کي ڀٽائيءَ تي نئين تحقيق ۾ ”سر ڪيڏاري“ ۽ ڀٽائيءَ جي سورمين وارن ڪردارن تي پڻ نئين روشني وجهڻي پوندي ۽ اهو سمجهڻو پوندو ته مارئيءَ جو داستان هڪ اهڙي قيديءَ جي ڪردار تي ڪيل شاعري آهي جيڪو هڪ بادشاهه جي قيد ۾ آهي ۽ جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ائين سلهاڙيل آهي، جيئن ”ڳنڍيون منجهه ڳنڍير“ اهو ضمير جو قيدي پنهنجن مارن جي لڄ رکندي سمجهو تي ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ اهڙي طرح هڪ عوامي قيديءَ جو عزم هڪ هيڏي ساري ڏاڍ واري حاڪميت کي کڻي پٽ تي اڇلايو ڇڏي.

جي لوڻ لڱئين لائين، چيري چيري چم
ته ڪر مون اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان  دعويٰ  دم، تان تان پرت پنهوارسين.

سو ڀٽائيءَ تي، سائنسي انداز سان، موجوده سنڌ جي ڏوجهرن ۽ عوام جي پيڙائن جي روشني ۾ نئين تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان ۽ سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل!!


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت