الماور دي
مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار
جوھر بروھي
الماور دي
علي بن محمد حبيب
ابو الحسن ماوردي 1072ع ڌاران بصري ۾ پيدا ٿيو. ھڪ عربي گھراڻي جو فرد ھو، جيڪو
عرق گلاب جو واپار ڪندو ھو. جنھن جي ڪري ھي گھراڻو ماوردي سڏيو ويو. ھن ابتدائي
تعليم بصري ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ فقه جي تعليم مشھور شافعي فقيه ابو القاسم وٽ حاصل
ڪئي. يعني اڄوڪي حساب مطابق ھن ايل ايل بي ڪئي. وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
بغداد ھليو ويو. جتي فقه حديث، سياست ۽ ادب ۾ فضيلت جو درجو حاصل ڪيو.
ھو قاضي مقرر ٿيو
ڪيترن جاين تي قاضي مقرر ٿيڻ کان پوءِ بغداد جو قاضي القضا. (چيف جسٽس) بڻيو. آخر
وقت تائين ھن عھدي تي رھيو خلافت عباسيه جو سفير به رھيو. سندس تصنيف (الحوي)
قانون فقه جي وضاحت بابت مثالي ڪتاب آھي.
الماوردي قانون
دان سان گڏ، محدث به ھو. پر حديث بابت سندس ڪا تصنيف موجود ڪانھي. کانئس ڪافي
حديثون نقل ٿيل آھن. ھن نبي ڪريم ؐ جن جي ارشادن جي حوالي سان معجزي ۽ جادو ۾ فرق
کي جنھن ريت مضبوط دليلن سان واضح ڪيو آھي. ان ريت ڪو ٻيو مفڪر نه ڪري سگھيو آھي.
سياست جي موضوع تي
الماوردي جي تحريرن کي ھڪ اھميت حاصل آھي. ھن موضوع تي سندس ڪتاب (اقوام السلطنت)
يادگار آھي اسلامي قانون جي پٽاندر عوامي حقن بابت ھي ڪافي قيمتي ڪتاب آھي. دنيا
جي مختلف زبانن ۾ ھن ڪتاب جو ترجمو ٿيو آھي ان کان سواءِ (آداب الوزير) ۾ وزير
اعظم جي حيثيت ۽ اختيارن بابت بحث آھي. ھن موضوع تي ٻين عالمن به ڪافي لکيو آھي.
پر ماوردي جي ھي تصنيف سڀن کان مٿاھين آھي. اقوام السلطنت ۾ بادشاھن بابت قانون ۽
حڪمن جو بيان آھي ۽ (تحصيل النصرو التعجيب الظفر) ۾ فتح حاصل ڪرڻ جون آسان ترڪيبون
ڏنل آھن.
الماوردي جي ھنن
تصنيفن ٻين مصنفن کي ڪافي متاثر ڪيو نظام الدين طوسي پنھنجي ڪتاب سياست نامھ ۽ (ابن
خلدون) پنھنجي (مقدمه) ۾ اثر قبوليو.
(الماوري،
اصل ۾ المائ الورد آھي جنھن جي معنيٰ گلاب جو پاڻي ٿئي ٿو.)
Comments
Post a Comment