مالي جي منهوڙي وٽ
انتظار جي باهه ۾
هاڻي اهو همراهه فون جي مٿان فون هجيس. هيڏانهن کان هوڏانهن پيو ڊوڙي، اسان
منهوڙي تي، روڊ جي پاسي کان سمونڊ جي ڪناري تي فٽ پاٿ تي بيٺا هياسين. اسان جو
سامان اسان سان گڏ هيو. ايئن ڪندي تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. پڇيوسين ته،”ابا! ڏي
خبر ڇا ٿيو، ڪاڏي ويئي تنهنجي فيري، يا رات هتي ئي گذارينداسين ڇا؟
هن ڪوڙ گهڙيندي چيو ته،”هاڻي اسان کي مالي شهر کان ٻيڙي ڪرائڻي
پوندي، اچو ته اوڏانهن هلون“. سو جنيد ٻه ٽيڪسيون ڪرايون. هڪڙي ۾ مان، جنيد ۽ يوسف
هياسين ته ٻي ۾ وري پرتاب، مختيار سمون صاحب ۽ مظفر کوکر هيا. رستي تي ڊرائيور سان
به ڪچهري ڪندو آيس. ڊرائيور مالديپ جي باري ۾ ڪافي شيون ٻڌايون. نيٽ مالي شهر جي
وچ ۾ سي پورٽ تي اچي بيٺاسين.
ايجنٽ همراهه جون ساڳيون گُهتون. هيڏي ڊوڙي، وري هوڏي، فون مٿان فون. هاڻي ته
اسان کي ڦٽ پاٿ تي ويٺي ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. سامهون سمونڊ هيو. ڪافي ماڻهو انتظار ۾
هيا. انهي دوران پرتاب ۽ جنيد ڪنهن پاسي هليا ويا. باقي اسان دوستن جو خيال هو ته
جيڪڏهن ڀلا ٻيڙو نه ٿو ملي ته رات هتي ئي مالي ۾ ڪنهن هوٽل تي گذاريون. صبح جو
هتان نڪري هلنداسين. سو ان ئي سلسلي ۾ پرتاب ۽ جنيد هوٽل ڏسڻ ويا ته ڏسون ڪا سٺي
هوٽل ملي ته اتي ئي رات رهي پئون.
سامهون کان ننڍڙو ريفريشمينٽ جو دڪان هيو. مون مختيار صاحب کي چيو ته سائين!
سامهون ريفريشمينٽ جو دڪان آهي ۽ اسان کي بک به لڳي آهي، مٿان وري لڳي ٿو ته شوگر ليول
هيٺ پئي لهي، اٿو ته هلي ريفريشمينٽ ڪري اچون، هي دوست خبر ناهي ڪيڏي مهل اچن، ڪا
خبر نه آهي“.
”ها يار مون کي به ائين لڳي ٿو ته شگر ليول هاڻي
وڃي پئي هيٺ ٿيندي، هلو ته هلون“. مختيار صاحب اٿندي چيو.
سو مان ئي سائين مختيار اتي وياسين. ان کان ويجيٽبل بند/
برگر/ سنبوسي ٽائيپ شي وٺي هانوَ جهل ڪيوسين. ان کان پوءِ پاڻيءِ جون بوتلون پڻ
ورتيون سين. هاڻي جسم ۾ ٿورو ساهه پيو هو. مٿان وري سگريٽ جو لڳو سو به سمونڊ ڪناري
صفا لوهه ٿي وياسين. اتي ئي هڪڙو نوجوان ڇوڪرو سيڪيورٽي گارڊ جي نيري ڊريس ۾ هيڏي
هوڏي ڦرندي نظر آيو. هن کي چيم ته،” ماچيس يا لائيٽر اٿئي“.
چيائين،”نه سائين مان سگريٽ نه پيئندو آهيان.“.
ائين ئي هن کان وقت پاس ڪرڻ لاءِ حال وٺڻ شروع ڪيا پوءِ ته هن سان بيٺي بيٺي ڪچهري
جو دور هليو. هن ٻڌايو ته هو انڊيا جو آهي. هتي ڪنهن ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري
ڪندو آهي. هو انٽر پاس آهي. هن کي هتان جا ٽي هزار روفيا ملندا آهن. هو ڏاڍو سٻاجهڙو
نوجوان هيو. هن پنهنجو نالو منهاس ٻڌايو هو. هن اسان کان اسان جي باري ۾ پڇا ڪندي
چيو ته،”توهان هتي ڪئين ويٺا آهيو“.
”فيري جي انتظار ۾“.
”سرڪاري فيري ته ڪڏهوڪو نڪري ويئي“. هن سمونڊ ڏي
اشارو ڪندي چيو.
”توهان کي ڪهڙي ٻيٽ ۾ وڃڻو آهي“. هن وري پڇيو.
اسان کي “ڪي گروئيدا“K.Ghuradoوڃڻو آهي.
”ان لاءِ توهان کي پهريائين هتان کان مافوشي ٻيٽ
وڃڻو پوندو ۽ پوءِ اتان کان وري ڪي گروئيداK.Ghurado، پر هاڻي توهان
کي هتان ڪا پرائيوٽ فيري ڪرائڻي پوندي“. هن سمجهائيندي چيو.
هن سان اهڙي ريت ڪچهري هلي رهي هئي. پوءِ هن سان آخر ۾ تصويرون به ڪڍرايوسين.
اتي ويٺي ويٺي مختيار صاحب جي پاسي ۾ هڪڙي فيملي اچي ويٺي، جن مختيار صاحب کان حال
احوال پئي ڪيا. هاڻي ته ڪافي وقت ٿي ويو هو. سج به لهڻ وارو هو. پر اسان کي اسان
جي منزل لاءِ، سمونڊ تي سواري ڪرڻ لاءِ ڪو به سامونڊي ٻيڙو نه پيو ملي.
ايجنٽ ڪنهن نه ڪم جو هو. بيڪار ماڻهو هو. صفا غيرزميوار شخص
هيو. هن جي ان رويئي مان لڳي پيو ته هو انتهائي ڌوپار قسم جو ماڻهو آهي ۽ هن
همراهه جو ڪو به هوم ورڪ ٿيل نه هيو. هتي سڀ ٻيڙا بڪ ٿيل هيا. هن سان هلڻ لاءِ ڪو
به ٻيڙو تيار نه هيو. ٿوري دير کان پوءِ جنيد ۽ پرتاب اچي ويا هيا. پرتاب چيو
ته،”مون کي ڊالر جو ريٽ هتي ساڍا سترنهن روپيا مليو“. جنهن تي اسان جنيد ڏي نهارڻ
لڳاسين ۽ چيوسين ته جنيد ڀاءُ! تنهنجي هن ايجنٽ اسان کي ايئرپورٽ تان 16 رپيا ڪيئن
وٺرائي ڏنا، ريٽ ته مٿي آهي“. جنيد ڳالهه سمجهي ويو هو ۽ وڃي ان ايجنٽ کي چيو ته،
”همراهه صفا ڪاوڙيا پيا ٿئي، ڇو اسان هينئر هينئر ساڍا سترنهن روپيا في ڊالر وٺي
آيا آهن. تو ڪيئن اسان کي سورنهن روپيا وٺرائي ڏنا“.
جنهن تي همراهه وڏو بحث ڪيو ته نه ائين نه هوندو.
آخر ۾ پرتاب هن کي چيو ته،”ڀلي تون هل مون سان، مان تو کي ان ريٽ تي وٺرائي ٿو
ڏيان“.
سو نيٺ همراهه شرمندو ٿيو، ڇو ته هن جي ڏنڊي نه لڳي سگهي هئي ۽ ساڍي سترنهن
روپين جي حساب سان باقي پئسا سڀني دوستن کي موٽائي ڏنا. اصل ۾ اها جنيد جي مهرباني
هئي نه ته هو ائين نه ڪري ها.
ان ايجنٽ وري ٻيو پنهنجو ماڻهو گهرايو. جيڪو اچي اسان سان مليو ۽ چوڻ لڳو ته،”
ٻيڙو ٿي ويو آهي. توهان سامان کڻي هلو ان پاسي“.
اسان پنهنجا بيگ کڻي ان پاسي پهتاسين. اسان کان اڳ ۾ ڪيترائي
ماڻهو خاص ڪري انگريز سياح اتي بيٺا هيا، جيڪي پنهنجو سامان ٻيڙي جي اڳين حصي ۾
رکرائيندا پاڻ، ٻيڙي ۾ چڙهي رهيا هيا. هي هڪڙو پرائيوٽ ٻيڙو ڪيو ويو، جنهن ۾ ويهه
پنجويهه کن ماڻهو کنيا ويا. اسان به انهن سان ان ۾ ويٺاسين. تقريبن منو ڪلاڪ جي
سامونڊي سفر کان پوءِ اسان اچي مافوشي ٻيٽ تي لٿاسين. سڀ ماڻهو هتي لهي ويا هيا.
اتي ئي لهڻ مهل هڪڙو نوجوان اسان وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو ،”ته توهان جي بڪنگ دي اٿينس
هوٽل ۾ آهي. مان اتان آيو آهيان. هي دي اٿينس هوٽل وارن جو ٻيڙو آهي، جيڪو توهان
کي کڻڻ آيو آهي، توهان هيڏي اچو“. اهي ٻه ڄڻا هيا، هڪڙو ٻيڙي جو پائليٽ، ٻيو ان جو
اسسٽنٽ. انهن ٻنهي اسان جا بيگ کڻي ٻيڙي ۾ وڌا.
مافوشي ٻيٽ جو هتي ذڪر نه ٿا ڪريون، پر جڏهن اسان خاص ڪري
مافوشي گهمڻ آياسين ته ان جو حوال ان مهل ڪبو، يعني مافوشي ٻيٽ جي باري ۾ توهان کي
اڳتي پڙهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment