غزل : امير امتياز




ويساهه پڪو آهي لجپال قلندر تي،
غم دُور به ٿي ويندا رک لال قلندر تي.

هت کوڙ اچن سوالي ۽ ڪين وڃن خالي،
تڏهين ته اچن ٿا هي هر سال قلندر تي،

برسات هجي سردي يا ڇونه هجن جهولا.
پر مست پڄن ڪيئي هر حال قلندر تي.

نعرن جي صدا گونجي ۽ دهل وڄن در تي،
پڙلاءُ نغاري جو آ ڌمال قلندر تي.

هُن درد ونڊيا مون سان ۽ خوش ٿي چيئين مون کي،
تو ساڻ وري ملندس ٻئي سال قلندر تي.

مُفلس ته هُيو منڙو هَس ڪانه خوشي ڪائي،
آيس ته “اسير” ٿيو خوشحال قلندر تي.

امير امتياز

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت