ڦوهه جواني - حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي



سترهن ورهين جي ڦوهه جواني ۾ مجازي عشق جي چوٽ لڳس، جنهن رچائي ريٽو ڪيس. هڪ دفعي سندس مريدن جي گهر ۾ ناچاقي ٿي پئي ۽ اهي دعا ڪرائڻ لاءِ شاهه صاحب جي والد صاحب سيد حبيب شاهه کي وٺڻ آيا، پر شاهه حبيب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي، ان ڪري هن شاهه لطيف کي ڏياري موڪليو. شاهه لطيف جيئن ان نيڪ ۽ پاڪدامن ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته عشق جو تير سندس اندر ۾ آرپار هليو ويو.

هن سعده بگيم جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيو ته:

جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾،تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو“.

جنهن تي شاهه بيگ ارغون وارا ڪاوڙجي پيا ۽ شاهه صاحب سان بدتميزيءَ سان پيش آيا.


جنهن کان پوءِ شاهه صاحب پورا ٽي سال جوڳين ۽ سامين سان جهر جهنگ ۽ جبلن ۾ گذاريا ۽ مختلف علائقن ۽ ماڻهن جا مشاهدا ڪيا. جنهن جي جهلڪ شاهه صاحب جي شاعري ۾ چٽي نموني نظر اچي ٿي.

شاهه صاحب سنڌ جي مختلف علائقن ۽ بلوچستان ۽ هندستان جي ڪجهه علائقن جو سير ڪيو ۽ شين جو باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪيو.

شاهه صاحب جي جيتوڻيڪ شادي ان ئي نيڪ دامن عورت سعيده بي بي سان ٿي پر پوءِ شاهه صاحب مجازي عشق جي اري مان نڪري چڪو هو ۽ سندس روح ولايت جا سفر طئه ڪرڻ شروع ڪيا هئا، ان ڪري هو سڄو ڏينهن ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي وڻن جي جهڳٽي ۾ الله جي عبادت ۾ محو رهڻ لڳو ۽ فطرت سان هم آهنگ ٿي ڪائنات تي غور ۽ ويچار ڪرڻ لڳو.





Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت