Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

سلطان پارڪ

 

 

سلطان پارڪ

 

 پاڻ ان پبلڪ اسڪوائر وٽ ستن مختلف رنگن جي جهنڊن سان ان گيٽ جي اڳيان بيهي تصويرون ڪڍرائي، سلطان تاريخ پارڪ ۾ وياسين. هي ٽيپهري جو وقت هو. هي تمام قديمي پارڪ هيو. خاص ڪري هي فيملي پارڪ هيو. جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ چوڏل، انهن جو رانديون. وڏڙن لاءِ پيگهه گول شيپ ۾. تمام قديمي وڻ، گل ٽڻ، ٻوٽا. مطلب ته ساوڪ ۽ ساوڻ سان سينگاريل ۽ سجايل هي پارڪ بهترين تفريحي ماڳ هيو. هن ۾ خاص ڪري تمام ڊگها ۽ گهاٽا وڻ تمام وڏي عرصي جا قديمي ٿي لڳا.

پارڪ جي گيٽ کان گهڙي اندر داخل ٿياسين. گهمندا ٿورو اڳتي نڪري وياسين. هر هنڌ تصويرن لاءِ بهترين شو پيس ٺاهيا ويا هيا. پريان ڪنڊ تي لو برڊ نوجوان پريمي جوڙو ويٺو پيار ونڊي رهيو هو. اسان هنن جي محبتن ۾ خلل وجهڻ بنا ئي اتان اڳتي نڪري وياسين. پارڪ جي سونهن سچ ته اسان کي موهي وڌو هو. پاڻي جي اڏ وهي رهي هئي. هن موڪ ۾ صاف شفاف پاڻي هيو. جنهن جي ڪري هيٺ تري تي سونهري رنگ جون مڇيون تڙڳندي نظر آيون.

 اسان ٿوري دير لاءِ اتي بيهي رهياسين. ڇا ته منظر هيو. پارڪ جي گهاٽن ۽ چهچ ساون وڻن تان مختلف پکين جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. اسان اڳيان ٿي موٽي آياسين ته سامهون واري سلطان مسجد مان ٽيپهري جي آذان جو آواز ڪنين پيو. پارڪ ۾ ويهڻ لاءِ سيمنيٽ جون سيٽون ٺهيل هيون. مسافرن جي هلڻ لاءِ بهترين پيچرو ٺهيل هيو، جنهن تي ٻه ماڻهو گڏ هلي پئي سگهيا. اڳيان هڪڙي جاءِ تي ڪم هلي رهيو هو، ان ڪري ان کي اتي بند ڪيو ويو هو. گهمندي گهمندي هڪڙو ماڻهو ٽڪرائجي ويو. منهنجو خيال هو ته هن کان هن پارڪ جي باري ۾ ڪجهه پڇي وٺجي ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪجي، سو مون هن کي سلام ڪرڻ کان پوءِ هن جو نالو پڇيو.

توهان جو نالو ڪاڪا”. مون پڇيو.

بخيل پوڙهي جواب ڏنو،“ڇو، نالو ڇو ٿو پڇين”.

ائين ئي پڇان هو، ته ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪجي”. مون هن کي سمجهائيندي چيو.

نه، نه نالو نه ٻڌائيندس”. هن پوڙهي ڪاوڙ ڪندي چيو.

چڱو ڪاڪا نه ٻڌاءِ. مون کي به ضرورت نه آهي. پاڻ وٽ رکي ڇڏ نالو ڪم ايندي”.

 مان اڳتي نڪري ويس.

هن پويان سڏ ڪندي چيو،“مسٽر، مسٽر ڳالهه ته ٻڌو، توهان ته ناراض ٿي ويا”.

پر مون هن کي ڪو جواب نه ڏنو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more