شاهه لطيف جي تصوير
شاهه لطيف جي
تصوير
(شاهه جي سچي
تصوير اصل کان موجود ناهي)
ماهنامي ”نئين زندگي“ تان ورتل
(فيبروري 1952ع)
اسان جي سونهاريءَ سنڌ قديم زماني ۾ اهي
اڪبار پيدا ڪيا، جن دنيا جي مسلمانن کي ديني ۽ روحاني علوم جا سبق پڙهايا؛ جن جي
فيض جي چشمي مان گهڻائي اُساٽيل سيراب ٿيا؛ جن اجتهاد جو نعرو هڻي تقليد جي تاڙي ڀڳي
۽ جن پنهنجو فضل ۽ ڪمال اوج تائين پهچايو. اڄ انهن جا پويان اصليت کي ڇڏي نقليت کي
چنبڙي ويا آهن، ۽ پنهنجي دماغ جا در پوري ٻين جي ٻريل چراغ کان روسني اڌاري وٺي
رهيا آهن.
ويا سي
وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي
اُنين سندا
پوئيان، سيهي لهن نه سار
ڪٽين ڪٽ
لوهار، هاڻي اُنهين ڀيڻين.
(شاهه)
ادبي نقالي ۽ چوري ته ايتري قدر وڌي
ويئي آهي، جو ڪي نو ساخته نام نهاد اديب ٻين جا مضمون چورائي، انهن تي پنهنجو نالو
ڌرين ٿا، ڪي وري مصنفن جا نالا مٽائي ڪتابن جا ڪتاب پنهنجي نالي ڪن ٿا. ڪي وري ٻين
کان ٿورن پئسن تي ڪتاب ڪتاب ۽ شعر لکارائي، انهن تي پنهنجو نالو ٿڦين ٿا، ۽ ڪي وري
امانت تي ورتل ڪتاب تڳائي، انهن جو موٽائي ڏيڻ کان نابري وارين ٿا. آءُ حيران
آهيان ته ههڙي سرقه مان ڇا ٿو هٿ اچين! ايترو به احساس نه اٿن ته آخر خون ۽ کستوري
ڳجها ڪين رهندا ۽ اها سندن چوري اُره زوري نيٺ ڦاٽندي، پوءِ خداوند ۽ خلق کي ڪهڙو
منهن ڏيکاريندا ــ يوم تبلي السرائر فماله من قوة والا ناصر. شايد دنيا ۾ اُها
بازي ڦٻي وڃين، پر آخرت ۾ ته ضرور انهن جو ڦورو ڦلهندو.
مان قارئين ڪرام جو ڌيان هڪ عبرتناڪ ۽
دلير تدليس ڏي ڇڪايا ٿو. ادبي نقطه نظر کان بالڪل واجب آهي ته اهڙو ڊوهه ظاهر ڪجي.
عالم آشڪار آهي ته اسان جي سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف رحه جي ڪابه تصوير
موجود ڪانهي. باقي سندن حليو مبارڪ سو معلوم اهي. مرحوم مير عبدالحسين سانگي جي
لفظن ۾: ”سندن قد بلند بالا ۽ سنئون هو، سندن چمڙي ڪڻڪ رنگي هئي ۽ سندن سونهاري
هموار ۽ شرع شريف جي موافق هئي ۽ شهپرن(1) کي برو سمجهندا هئا. سندن حق بين اکيون ڪشاديون
۽ ڳاڙهيريون ۽ ماڻڪيون ڪاريون هيون. سندن پيشاني صاف ۽ ڪشادي هئي. سندن سينو، جنهن
۾ ڪيني جو ذرو به ڪونه هو ۽ الاهي معرفت سان ڀريل هو، موڪرو هو. بدن ۾ پورا پنا
هئا، نه پتلا نه ٿلها ...“. باوجود انهيءَ صاف بيان جي سنڌ جا صورت پرست، معنيٰ جا
محتاج ائين ڀائيندا آهن ته شاهه جي ڪا خيالي تصوير ڪڍون. مورک بني اسرائيلن
سامريءَ جي هر ڪاهڻ تي خدا کي گابي جي صورت ۾ پوڄيو ۽ بت پرست هندن خدا جي ذات
والا صفات کي ٽه مورتي جي شڪل ڏني ۽ ايران جي ڀليل نقاشن رسول الله صلعم جي مرعاج
واري منطر کي هڪ براق تي سوار برقع زده انسان سان تشبيهه ڏني. گويا ظواهر ۾ ڦاتل ڀورڙن
کي آڪاريءَ صورت بغير معنيٰ جي بوتا ۽ صنم ٺاهيائون، پر معنيٰ جي مغز کان محروم
رهيا. شاهه لطيف جي شان واريءَ شخصيت جي سمجهڻ لاءِ هنن کي ظاهري صورت جي ضرورت ٿي
۽ ان جي معنوي لطائف ۽ فضائل کان مهجور رهيا.
شاهه جي تصوير شايع ڪرڻ جو خيال
پهريائين پهريائين مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جي دل ۾ پيو ٿو ڏسجي. کيس
شاهه لطيف بريءَ(2) جي تصوير ڪنهن طرح هٿ چڙهي، جا پنهنجي 1913ع
واري شاهه جي رسالي جي ڇاپي اڳيان سرورق تي ڇپائي، ڀانيائين ته شايد ڪو ٻيو شاهه
لطيف بحري ٿي گذريو آهي. سو هيءَ تصوير ضرور شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هوندي. پر هن
فضيلت جي صاحب ايمانداريءَ سان ”بري“ لفظ تصوير هيٺان باقاعدي بحال رکيو ۽ هروڀرو
ائين ڪونه لکيائين ته هي شاهه عبداللطيف جي تصوير آهي. هن تصوير ۾ هڪ شخص مٿي اگهاڙو،
مڇون وڏيون، چيتي جي کل جي لنگوٽ سان، ڍنڍ جي ڪناري تي وڻ هيٺ مراقبي ۾ ويٺو آهي،
وڻ جي ٿڙ ۾ ٻه تي ستارون به ٽنگيون پيون آهن. جي شاهه لطيف جي حليي کان بيخبر آهن،
سي ضرور دوکي ۾ پوندا ته اها صورت شاهه لطيف جي ئي آهي.
بهرحال شاهه لطيف بريءَ جي شبيهه وڌيڪ
انگور ڪڍيا، سنه 1946ع ڌاري شاهه لطيف جي ٻاريءَ وارن، هڪ هندو مصّور مسٽر دادلاڻيءَ
هٿان ساهه لطيف جي هڪ ٻي تصوير ڪڍائي. انهيءَ رسام جي تخيل ته هيڪاري وڃي توڙ ڪيو.
شاهه کي هڪ ننڍڙي ڳڀرو جواب جي هيئت ۾ ظاهر ڪيو اٿس. مٿو اگهاڙو، ننڍڙي شهمور ڏاڙهي،
ڪنن ۾ ڪيوٽيون، پير اگهاڙا، کاٻي پير ۾ ڪڙي، ڀرسان سنهيءَ ڳچيءَ وارو ڪونرو ۽
پريان هڪ پوشيدي ملتاني جتي ٺهي ٺڪي رکي اٿس. وري دعويٰ ته اِها شڪل سرڳواسي ڊاڪٽر
گربخشانيءَ جي ڏنل بيان موافق آهي. سبحان الله!
هن کان پوءِ پر سال تازو مرحوم غلام
محمد شهوراڻيءَ، شاهه جو رسالو ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪرڻ گهرو، تڏهن دل ۾ خبط جاڳيس ته
رسالي جي سرورق تي ڪانه ڪا شاهه جي مورت ڇپايا. سو نڪا ڪيائين هم، نڪا ڪيائين تم،
مسٽر ايم . گدواڻي جي انگريزي ڪتابچي “شاهه لطيف” تان، هڪ هندستاني صوفي (ائن انڊين
صوفي) جي تصوير، جا کيس 1922ع ۾ برٽش ميوزيم (برطاني عجائبخاني) جي ڪنهن قلمي نسخي
مان هٿ آئي هئي، سا کڻي ڇپايائين؛ اهو ته ٺهيو پر هڪ هندستاني صوفي جا لفظ به محو ڪري،
ان جي هيٺان لکيائين “شاهه عبداللطيف ڀٽائي”. انهيءَ تدليس ۽ جعلسازيءَ تي مون
مرحوم کي گهڻو ئي ڇينڀيو هو، پر ڏڌل کير ٿڻن ۾ پئجي نٿو سگهي.
پر اها خرابي اتي ختم نه ٿي. مارچ 1951ع
۾ جڏيهن ميان محمد عثمان ڏيپلائيءَ پنهنجو ”اصلي وڏو مڪمل شاهه جو رسالو“ شايع ڪيو، جو سند دعويٰ موجب ”سڀني
رسالن کان گهڻن بيتن وارو آهي“، تڏهن ان جي غلاف توڙي سرورق تي ساڳي برڪت واري
تصوير ڇپايائين، ۽ پڻ ان جي سرورق تي هي لفظ وڌائين ”اصلي تصوير حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه.“ مطلب ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ. هن تصوير ۾ اهو
هندستاني صوفي پيش جي تڏي تي، ساڄي پاسي کان صندل تي طول رکي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي، کاٻي
هٿ ۾ وڃني اٿس، ۽ مٿي تي اڇي ڪپڙي جي بخائين ٽوپي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو هڪ متشرع
صوفي، ٺهي ٺڪي پنهنجي صورت ڪڍائي، ۽ اندر جي اصنامن کي ڀڃڻ بدران اٽلو پنهنجي بت
کي پوڄڻ لڳي! آنجاهني سر ٽي. ڊبليو. آرنلڊ، جنهن گدواڻيءَ جي ڪتاب تي تمهيد لکي
آهي، تنهن تمهيد جي آخر ۾ انهيءَ تصوير جي باري ۾ هي لفظ فرمايا آهن: ”شاهه لطيف جي
ڪابه سچي صورت معلوم ناهي، مگر سرورق تي ڏنل تصوير هڪ اهڙي طبقي جي مسلم ديني بزرگ
جي آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف به هو.“
هينئر جڏهن هر سال شاهه جي ورسيءَ ملهائڻ
جو تحرڪ زور وٺڻ لڳو آهي، تڏهن هر ڪو واجهه وجهي رهيو آهي ته ڪهري به طرح شاهه جي
تصوير ايجاد ڪريون، خواه حقيقي هجي خواه موهومي. اسان جي فاضل دوست مولوي
عبدالواحد سنڌي ايڊيٽر ”نئين زندگي“ جي اڳيان شهوراڻي صاحب جو شاهڪار موجود هو. سو
کيس خيال آيو ته ڇونه ”شاهه لطيف عدد“ کي انهيءَ تصوير سان سينگارجي. ڇا ڪيائين جو
انهيءَ ”هندوستاني صوفي“ جي تصوير جو بلاڪ ٺهرائي، ان جو ٺپو ”نئين زندگيءَ“ جي
عنواني صفحي تي هڻڻ گهريائين. اتفاق سان مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ مورت جو تذڪرو ڇيڙيائين.
تنهن تي مون کيس گدواڻيءَ وارو ڪتاب هوبهو ڏيکاريو ۽ چيومانس ته: اها تصوير شاهه
لطيف جي ناهي، بلڪه هڪ هندوستاني صوفي جي آهي، جا مرحوم شاهواڻي ماڻهن کي مونجهاري
۾ وجهڻ لاءِ شاهه ڏي منسوب ڪئي اهي. انهيءَ باري ۾ مون هڪ خط پاڪستان جي ”اداره
مطبوعات“ جي نائب مدير مسٽر عزيز احمد ڏانهن به لکيو ۽ روبرو به سمجهايو مانس. آخر
پنهنجي چوڪ قبول ڪيائون، پر چيائون ته: جنهن صورت ۾ بلاڪ وغيره تي ڪافي خرچ ٿي چڪو
آهي، تنهن ڪري رڳو تصوير شايع ڪئي ويندي. پر ان جي هيٺان نڪي شاهه جو نالو نڪي
هندوستاني صفيءَ جا لفظ درج ڪيا ويندا. بهرحال اها مورت ”نئين زندگي“ جي سر صفهي
تي لڳي، ۽ نئين چشم بندي سروع ٿي. جيئن ته انيهءَ مورت جو واسطو شاهه جي ورسيءَ
سان هو، نه فقط عام ماڻهن دوکو کاڌو، پر الوحيد جي سابق فاضل ۽ محقق ايڊيٽر به ان
کي ”شاهه جي تصوير“ ڪري ليکيو. ”چول گل بسيار شد، پيلان بلغزند“ ــ فاعتبرو يا
اولي الابصار.
شاهه جو شان ڪاغذي تصوير کان مٿاهون
آهي. سندس مورتون ڇپائڻ سنديس شخصيت جي اهانت ۽ بي مروتي اهي. اهڙين حرڪتن کان باز
اچڻ گهرجي. جن جو اندر اجرو آهي ۽ دل جون طاقتون کليل اٿن، تن کي شاهه جي بزرگيءَ
جي تصور لاءِ ٻاهرين ٽيڪن جي ضرورت ناهي. شاهه جي عظمت ۽ بلدني انهيءَ ۾ آهي ته
خود سندس ڪلام پڙهي پر جهون ۽ دوئيءَ جا ورق ورائي ڇڏيون. اهي صنم ۽ صورتون پاڻ
حجاب آهن ۽ دوست جي ديدار کي ڇپائين ٿيون. اهي گهڙا ئي گهوريا جي محبوب جي ملڻ ۾
گهڙيون وجهن.
صورت سوجهه
مَ تنهن جي، پيءُ پڇين ٿو جو
اِي سخن آهي
سو، جو منهن مقابل نه ٿئي.
(شاهه)
-----------------------------------------
1.
منهنجي ڪينئن
کاڌل ”لطائف لطيفي“ جي نسخي مان هي لفظ کاڄي ويو آهي، تنهن ڪري اوٽ تي لکيو اٿم.
2.
شاهه
لطيف بري ڏهين صدي هجريءَ جو هڪ صوفي قادري بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزار راولپنڊيءَ
جي ڀرسان ”نور پور“ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ آهي، جتي هر سال ويساک مهيني جي 15 تاريخ کان
پوءِ پهرئين خميس تي ميلو لڳندو آهي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهو فوٽو ميرزا صاحب
جن کي خبر ڏيڻ کان سواءِ پڪرداس وارن ڇپايو هو
ميرزا صاحب جن جو انهي فوٽي سان ڪو تعلق ناهي.
Comments
Post a Comment