Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

هڙومالي کان مالي ڏانهن روانگي

 

 

هڙومالي کان مالي ڏانهن روانگي

 

 صبح جو اسان کي هڙومالي کان مالي وڃڻو هو. ان ڪري اسان پنهنجو سامان سيٽ ڪري هوٽل کان نڪري آياسين. اڄ اسان ڊبل ٽريڪر بس ۾ هڙومالي کان مالي گهمڻ لاءِ نڪري وينداسين. اسان هوٽل کان نڪري، پنڌ ڪندا، مختلف گهٽيون وٺي R-1 جي بس اسٽاپ تي اچي بيٺاسين. اسان کي ٻڌايو ويو ته مالي ڏانهن هتان کان ”آر-ون“ بس ويندي آهي. اسان هاڻي بس اسٽاپ تي اچي بيهي رهياسين ته ٿوري دير کان پوءِ ”آر-ون“ به اچي ويئي. هي ڊبل ٽريڪر اي سي واري بس آهي. جيڪا هتان جي بهترن سروس آهي.

اسان سڀ پوئين گيٽ کان بس ۾ چڙهي پياسين. اڃان بس اسٽارٽ ئي نه ٿي هئي ته ڪنڊيڪٽر آيو، جنهن ٽڪيٽ جي پڇا ڪئي. اسان ته ٽڪيٽ نه ورتي هئي. ان ڪري هن چيو ته،”پريان شاپنگ سينٽر ۾ ٽڪيٽ جي آفيس آهي اتان ٽڪيٽ وٺي پوءِ پوئين بس ۾ اچو“.

هر ٻن منٽن کان پوءِ بس هلندي آهي. اسان سڀ هڪدم لهي پياسين. جنيد ۽ مظفر ويا، وڃي ٽڪيٽ وٺي آيا. في ماڻهو جي هڙومالي کان مالي تائين ڏهه روفيا ٽڪيٽ هئي.

 جنيد ٻڌايو ته،”هتي تمام وڏي مارڪيٽ هئي، جيڪا سينٽرل اي سي هئي. اتي فروٽ ۽ تازيون ڀاڄيون تمام بهترين نموني سان سجائي رکيون ويون هيون. جنيد اتان فروٽ نارنگي ٽائيپ فروٽو به وٺي آيو.هن کي 2 روفيا في فروٽو مليو هيو. هڪ هڪ ڪري سڀني کنيو.

اسان هاڻي بس اسٽاپ تي هياسين. هن دفعي سامهون کان آر 6 اچي رهي هئي. پر هن جو روٽ ٻيو هيو. اسان گهٽي نمبر 36 تي بيٺا هياسين. هي تمام وڏو ڪشادو روڊ هيو. جيئن اسان وٽI.I. چندريگر روڊ ڪراچي ويڪرو آهي. ٻن منٽن کان پوءِ آر سڪس ٻيهر آئي. پر اسان لاءِ بيڪار هئي. اسان جي هي ٽڪيٽ 24 ڪلاڪن تائين ويلڊ هئي. اسان بس جي وچان ڏاڪڻ تان مٿي ٽريڪ تي صفا اڳيان اڳيان وڃي ويهي رهياسين. اسان کان علاوه هن حصي تي ٻيو ڪو به مسافر نه هيو. سڀ سيٽون خالي هيون. بس ڊرائيور کي شايد ڪاٿي وڃڻو هيو. ان ڪري هو ڏاڍو تڪڙي بس تيزي سان ڀڄائي رهيو هيو يا وري هن جو ڪو ٽائيم مقرر هوندو ۽ وري اوچتو ڇڪي بريڪ هڻي پيو.

 ان حساب سان هو بس کي هلائي رهيو. ايڏي زبردست اي سي جو اسان کي ته سي ٿيڻ لڳو. بهترين معياري بس سروس هن کان وڌيڪ ڪٿي به نه ڏٺيسين. سچ ته اهڙي قسم جي اي سي واري سروس هتان جي ماڻهن لاءِ وڏي نعمت هئي. گهٽ خرچ ۾ ڪٿان کان ڪٿي ماڻهو اچي نڪري ٿو. مان هن قسم جي جديد ڊبل ٽريڪر اي سي واري بس ۾ زندگي ۾ پهريون ڀيرو ويٺو هيس. بس جي ڇت جي ڪنڊ تي هڪڙو اسٽيڪر لڳل هيو، جنهن ۾ ڪجهه هدايتون درج هيون. نو سموڪنگ، نو ايٽنگ. بهترين روڊن تي هنن گاڏين جو ئي حق هيو. جتي جتي بس بيهي پئي، ماڻهو کڻي پئي، اتي ئي روڊ تي انگريزي ۾ لکيل هيو”ڊراپ آف“. روڊن تي سفيد رنگ جا نشان ۽ ڦڪي رنگ جو پٽو صاف روڊ جون نشانيون ظاهر ڪري رهيا هيا.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more