غذائي لحاظ کان ٻين تي ڀاڙيندڙ بئڪٽيريا

غذائي لحاظ کان ٻين تي ڀاڙيندڙ بئڪٽيريا

غذائي لحاظ کان ٻين تي ڀاڙيندڙ (Heterotrophic) بئڪٽيريا ٽن قسمن مردھ خور يا سئپروفائٽڪ (Saprophytic) ھڪٻئي تي ڀاڙيندڙ يا سمبايوٽڪ (Symbiotic)۽ مفت خور (Parasites) جا ٿين ٿا.

(1)           مردھ خور بئڪٽيريا (Saprophytic bacteria)
ھي بئڪٽيريا پنھنجي غذا مئل نامياتي مرڪبن مان حاصل ڪندا آھن. ٻئي نموني جا بئڪٽيريا ھيومس ۾ موجود نامياتي  مرڪبن کي سادن مرڪبن ۾ تبديل ڪن ٿا. پوءِ مردھ خور انھن سادن مرڪبن کي جذب ڪري توانائي طور ڪم آڻين ٿا. ڪجھ مردھ خور مئل جانورن ۽ ٻوٽن کي ڳاري انھن جي پيچيدا مرڪبن کي سادن مرڪبن ۾ تبديل ڪندا آھن.

(2)           ھڪٻئي تي  ڀاڙيندڙ بئڪٽيريا (Symbiotic bacteria)
ھي بئڪٽيريا ٻين جاندارن سان گڏ رھن ٿا. پنھنجي غذا پنھنجي ميزبان کي ڪو نقصان پھچائڻ بغير حاصل ڪندا آھن. ھن جو مثال نائٽورجني بئڪٽيريا آھن جيڪي ڦرين وارن  ٻوٽن جي پاڙن ۾ رھن ٿا.

(3)           مفٽ خور بئڪيٽريا (Parasitic bacteria )
ھي ٻين جاندارن جي تاندورن ۾ واڌ ويجھ وٺندا رھن ٿا. ۽ پنھنجي غذا ميزبان مان حاصل ڪندا آھن. ۽ کين نقصان به پھچائيندا آھن. ھن قسم جي بئڪٽريا ۾ اينزائيم جو پيچيدھ نظام نه ھوند وآھي.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت