Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي

 

 

مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي

 

 اٿينس ويو جو لوڊر رڪشا اچي چڪو آهي. هوٽل جي ٻاهران بيٺو آهي. ناشتو لڳي چڪو آهي. اسان سڀ ناشتي جي ميز تي گڏ ٿيا آهيون. ناشتو ڪري، اسان به رڪشا ۾ ويهي رهياسين. اسان جو سامان هوٽل جي اسٽاف وارن رڪشا ۾ اڳ ۾ لوڊ ڪري ڇڏيو هو. پنجن منٽن جي پنڌ تي گرائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي اچي بيٺا هياسين. اسان سان گڏ هوٽل جو مينيجراعظم به پنهنجي ويسپا ٽائيپ موٽر سائيڪل تي چڙهي آيو هيو.

اسان اڄ ايترو سوير پهتاهئاسين جو مالي ڏانهن ويندڙ فيري ۾، فيري جو عملو فيري کي اندران اندران صفائي ۾ مشغول هيو. پائليٽ اڃان نه پهتو هيو. اسان اتي ئي ڪناري تي ئي، فيري جي اڳيان بيهي ڪجهه تصويرون ڪڍرايونسين. جيسيتائين ٻيِڙي تيار ٿئي. جنيد چاهيو ته اعظم جي موٽر سائيڪل تي ٿورو چڪر هڻي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. هاڻي فيري جي صفائي ٿي چڪي هئي. ان ڪري اتان جي اسٽاف اسان جو سامان (اسان جا بيگ ۽ ٿيلها) فيري ۾ رکي ڇڏيا هيا. ان کانپوءِ، هڪڙو همراهه ساين ڀاڄين جا پاچڪا ڀري، لوڊر تي کڻائي آيو هو. جيڪي جهاز جي ڊيڪ تي رکيا ويا ها ۽ اسان وارا بيگ گيٽ کان اندر ڪيبن ۾ رکيا ويا هيا. فيري ۾ اسٽاپ جا ٻه ماڻهو اڳ ۾ ئي اچي ويا هيا. هاڻي ته هن جو ٽڪيٽ چيڪر ۽ پائليٽ به اچي ويا هيا. اسان کي فيري ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو هو. اسان سڀ هاڻي فيري ۾ ويهي چڪا هيا سون.

فيري بلڪل ستين وڳي پڪي ٽائيم تي اتان ان گرائيدو هاربر مان نڪتي. هڪڙي منٽ لاءِ به ڪنهن جو انتظار نه ڪيو ويو. ٻيڙي هلڻ مهل صبح جي تازي هير اهڙي ته گهلي رهي هئي جو مون زندگي ۾ اهڙي هير ڪٿي به محسوس نه ڪئي هئي. تازي تازي، آلودگيءَ کان پاڪ، صاف، ٿڌڙي هوا، سمونڊ جو جهان، نيرو پاڻي. واهه. سچ ته هن هوا مون کي ننڊ ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. هن ٻيڙي جي ٽڪيٽ وٺندڙ ملازم کي نيري رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هئي. جنهن جي پٺيان انگريزي ۾ لکيل هيو. ايم ٽي سي سي.

 هن ٻيڙي جو پائليٽ به هن ئي ٻيٽ ۾ رهندڙ آهي. هن جي رهائش به هن ئي گرائيدو ٻيٽ ۾ آهي. هتان کان ٻيڙي ڪڍندو آهي، هتي ئي شام جو واپس آڻي لنگر انداز ڪندو آهي. جڏهن ٻيڙي جي پوين سيٽين تي نظر ڊوڙايم ته مون کي هڪڙو پوڙهو نظر آيو. يوسف ٻڌايو ته،”هي اهو ئي ساڳيو پوڙهو آهي، جيڪو اسان سان گڏ ڪالهه مافوشي کان ايندي هن ئي فيري ۾ منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو. هو رنگ جو ڪارو، عجيب غريب رنگين پينٽ شرٽ. هي به گرائيدو ٻيٽ جو رهائشي هيو. عمر جو پڪو، چشمو پاتل، ننڍڙي قد جو، سنهڙو سيپڪڙو، ڪارڙو، گهنڊيدار وارن وارو، هي همراهه سڄي دنيا گهمي چڪو آهي“.

جنهن تي مون کي حيرت ٿي ته واقعي ئي هي سڄي دنيا گهمي چڪو آهي. يوسف ٻڌايو ته،”هو ڪنهن جهاز ۾ لگيج واري شعبي ۾ ڪم ڪندو آهي.“ هن وقت به هن سان جنيد ۽ يوسف ڪچهري ڪري رهيا آهن.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more