Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ جي گاديءَ جي هنڌ مالي ۾

  

مالديپ جي گاديءَ جي هنڌ مالي ۾

 

هن وقت صبح جا سوا نو ٿيا آهن. پاڻ مالي ٻيٽ جي ڪناري تي پهچي چڪا آهيون. هتي به مسافرن لاءِ شاندار انتظارگاهه آهي. جيئن ڪنهن وڏي ريلوي اسٽيشن جو ڪو پيلٽ فارم هجي. هتي به ٽڪيٽ گهر آهي. توهان مافوشي، گلي ۽ گرائيدو کان علاوه ڪيترن ئي ٻيٽن لاءِ هتان ئي ٻيڙيون نڪرنديون آهي. هي جنڪشن آهي. هتان توهان ٽڪيٽ وٺي سگهو ٿا. هي هيڊ ڪوارٽر آهي. هتان کان مختلف ٻيٽن لاءِ ٻيڙيون نڪرنديون آهين. سينٽرل اي سي وارو هي اسٽاپ تمام خوبصورت ۽ صاف سٿرو آهي. شاندار نموني سان صفائي ٿيل آهي. بهترين واش روم صفائي، سٿرائي ٿيل. اسان بيگ گهلائيندا ٻاهر نڪري آياسين. مظفر هتان جي واش روم ۾ ويو هو. هن ٻڌايو ته بلڪل ايئرپورٽ جهڙا بهترين واش روم آهن. هن کي ڳالهه ڏاڍي وڻي هئي.

گروئيدا کان جڏهن مالي پهتاسين ته ائين لڳو ته منهوڙي کان صدر آيا هجون. يعني ٻهراڙيءَ کان شهر. پر هتان جي ٻهراڙي شهرن کان وڌيڪ خوبصورت، هر قسم جي آرائش سان سينگاريل، سنواريل ۽ سٺو معيار رکي ٿي. جتي سڪون ۽ خاموشيءَ جو راڄ آهي. دنيا جا سياح جڏهن پنهنجن گوڙ گمسان وارن شهرن کي ڇڏي اچن ٿا ته انهن جي ترجيح ۾ اهي ئي ٻيٽ آهن، جتي پهچي اهي سک جو ساهه کڻن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو شهرن جا ماڻهو ٻهراڙين ۾ وڃڻ پسند ڪن ٿا، جڏهن ته شهرن جي حالت اڃان ڪجهه خسته حال آهي.

 ٻهراڙين ۾ هر قسم جي سهولت موجود آهي. جيئن بجلي ، پاڻي، گئس، سٺيون اسپتالون، اعليٰ تعليمي مرڪز، مارڪيٽون. دڪان ۽ هوٽلون وغيره. 24 ڪلاڪ لائيٽ آهي. هڪڙي سيڪنڊ لاءِ به لائيٽ نه ٿي وڃي. ان ڪري اي سي وارا ڪمرا ته صفا برف ٿيو وڃن. هتي قانون جي بالادستي آهي. ڪو به قانون کان مٿي ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو ڏوهه جي شرح صفا ذري گهٽ ٻُڙي آهي. منشيات جو هڪ اڌ ڪيس ٿيندو آهي ، نه ته بس. هتان جا ٿاڻا ويران آهن. ايس ايڇ او ايماندار آهن. پنهنجي پگهار تي ئي انحصار ڪن ٿا. نه لالچ نه لوڀ. هر ٻيٽ کي سرڪار پاران ٿاڻو ڏنل آهي. جنهن ۾ پنج سپاهي هر وقت موجود هوندا آهن. باقي ڦر، لٽ، چوري چڪاري، ڌاڙو، ڌمڪيون، ڀتي وغيره جو ڪو به ڪيس ڪونهي.

 هن ملڪ جي باري ۾ چون ٿا ته هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو جو سمونڊ هن ملڪ کي ڳڙڪائي ويندو، پر سچ اهو آهي ته هنن ٻيٽن کي سالن جا سال ٿيا آهن. صديون گذري ويون آهن، پر اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي. هيترن ٻيٽن مان ڪو به هڪڙو ٻيٽ اڄ ڏينهن تائين نه ٻڏو آهي. هتان جي سرڪار ته اهو ڪم ڪيو آهي جو هن سمونڊ تي ئي ڪيترائي هٿراڌو ٻيٽ پڻ ٺهرايا آهن. جن تي سياحن جي پڻ آمد ٿئي ٿي. ڪو وقت ايندو جو انهن ٻيٽن تي مافوشي، گلي ۽ گرائيدو جهڙن ٻيٽن جيان وڏيون وڏيون عمارتون اڏيون وينديون.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more