عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الۡخُدۡرِیِّ  رضی قَالَ نَهَىٰ رَسُوۡلُ اللہِ صلى الله عليه وسلم عَنْ صَوْمِ يَوْمِ الْفِطْرِ وَالنَّحْرِ   ۔ 
(بخاری شریف کتاب الصوم باب صوم یوم الفطر ج 1 ص 267۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم یومع العیدین ج 1 ص 360۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب فی النھی عن صیام یوم الفطر والاضحیٰ ص 124۔)

”حضرت ابو سعيد خدري ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي.

(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم نَهَىٰ عَنْ صِيَامِ يَوْمَيْنِ يَوْمِ الْفِطْرِ وَيَوْمِ الأَضْحَى  ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم یومی العیدین ج 1 ص 360)
”حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عيد الاضحيٰ ۽ عيد الفطر جي ڏينهن روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي.

(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي عُبَيْدٍ مَوْلَىٰ ابْنِ أَزْهَرَ  قَالَ  شَهِدْتُ الْعِيدَ مَعَ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ رضہ فَجَاءَ فَصَلَّى ثُمَّ انْصَرَفَ فَخَطَبَ النَّاسَ فَقَالَ إِنَّ هَذَا نِ يَوْمَانِ نَهَىٰ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَنْ صِيَامِهِمَا يَوْمُ فِطْرِكُمْ مِنْ صِيَامِكُمْ وَالْآخَرُ يَوْمٌ تَأْكُلُونَ فِيهِ مِنْ نُسُكِكُمْ   ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب تحریم صوم یومی العیدین ج 1 ص 360)
”حضرت ابو عبيد موليٰ ابن ازهر تابعي رحه کان روايت آهي ته مون عيد جي نماز حضرت عمر فاروق ؓ  جي پويان پڙهي. انهن نماز پڙهائي، نماز کان فارغ ٿي ڪري خطبو ڏنائون، ان ۾ فرمايائون ته عيد جا هي اهي ڏينهن آهن جو پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ڏينهن ۾ روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي. انهن مان هڪ ڏينهن ته (رمضان المبارڪ جي پوري مهيني جي روزن رکڻ کان پوءِ) توهان جي فطر جو ڏينهن آهي ۽ ٻيو پنهنجين قربانين جي گوشت کائڻ جو ڏينهن آهي.“ 
(فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت