مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ  رضى الله عنه   قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ‏ أَفْضَلُ الصِّيَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ شَهْرُ اللَّهِ الْمُحَرَّمُ وَأَفْضَلُ الصَّلاَةِ بَعْدَ الْفَرِيضَةِ صَلاَةُ اللَّيْلِ (مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل صوم المحرم ج 1 ص 368)

”حضرت ابوهريرة رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته رمضان المبارڪ جي روزن کان پوءِ بهترين روزا الله پاڪ جي مهيني يعني محرم الحرام جي مهيني جا روزا آهن ۽ فرض نماز کان پوءِ سڀ کان بهترين نماز رات (يعني تهجد) جي نماز آهي.

هن حديث شريف ۾ محرم الحرام جي مهيني جي نسبت الله پاڪ جي طرف ڪئي وئي آهي ان سان هن مهيني جي عظمت ۽ شرف و فضيلت کي ظاهر ڪرڻ مقصود آهي ورنه ته سڀئي مهينا الله پاڪ جا ئي مهينا آهن ۽ فتاويٰ عالمگيري ۾ تحرير آهي ته محرم الحرام جو روزو رکڻ مستحب آهي. (فتاويٰ عالمگير ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 202)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت