سگريٽ ڇڪڻ (Smoking) صحت لاءِ خطرناڪ

سگريٽ ڇڪڻ (Smoking) صحت لاءِ خطرناڪ
سگريٽ ڇڪڻ ڦڦڙن تي اثر ڪري ٿو. گھڻي تعداد ۾ سگريٽ ڇڪڻ سان دل ۽ رت جي رڳن کي نقصان ٿي سگھي ٿو. گھڻو عرصو سگريٽ ڇڪڻ واري سان گڏ ڪمري ۾ رھندڙ شخص جي صحت تي به اثر پوي ٿو. عام طور سگريٽ ۾ جيڪي شيون ٿين ٿيون اھي نڪوٽين، ٽار ۽ ڪاربان مونو آڪسائيڊ آھن انھن سڀني جو جسم تي جُدا جُدا اثر ٿئي ٿو.

نڪوٽين (Nicotine) تنتن کي تحرڪ ڏي ٿي ۽ جڏھن ان کي ھڪ دفعو استعمال ڪبو آھي ته ماڻھو ان جو عادي ٿي پوي ٿو. نڪوٽين دل جي ڌڙڪڻ ۽ رت جو دورو تيز ڪري ٿي، نتيجي ۾ دل جون بيماريون به پيدا ٿين ٿيون. ٽار (Tar) مان ڦڦڙن جو ڪئنسر ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو. ڪاربان مونو آڪسائيڊ جسم ۾ زھر ڇڏيندڙ نقصانڪار مادو آھي.

ساھ کڻڻ جي سرشتي ۾ پيدا ٿيندڙ مرض
ساھ کڻڻ جي سرشتي ۾ ٿيندڙ بيماريون ھن ريت آھن.

1)   ساھ جي نالين جي سوزش (Bronchitis)
ساھ جي نالين ۾ سوزش سگريٽ ڇڪڻ يا بئڪٽيريا جي نالين ۾ داخل ٿيڻ سبب ٿيندي آھي. سگريٽ ڇڪڻ دوران ڪجھ ننڍڙا ذرڙا نڙيءَ ۽ ساھ جي سنھين نالين ۾ ڦاسي پون ٿا جنھن ڪري بلغم نما مادو (Mucus) نالين ۾ جمع ٿئي ٿو ۽ سيليا جي چُرپُر رکجي وڃي ٿي. بلغم نالين ۾ سوزش ۽ سگريٽ ڇڪڻ واري مخصوص کنگھ پيدا ڪري ٿو انھيءَ صورتحال جي ڊگھي عرصي تائين برقرار رھڻ جي ڪري ساھ جي نالين ۾ زخم ٿي پوندا آھن ۽ ماڻھو مستقل طور ان مرض ۾ مُبتلا ٿي پوندو آھي.

2)   سلھ يا ٽي بي (Tuberculosis)
ٽي بي ڦڦڙن جي بيماري آھي جيڪا ھڪ خاص قسم جي جيوڙي بئڪٽيريا مائيڪو بئڪيٽريم ٽيوبرڪيولسس جي حملي سبب ٿيندي آھي. اھي جيوڙا ڦڦڙن جي تاندورن کي ختم ڪن ٿا. ھيءَ بيماري ايڪسري ۽ بلغم جي چڪاس جي مدد سان سُڃاڻي سگھبي آھي. ٽي بي جو علاج عام آھي ھن بيماريءَ تي آسانيءَ سان ضابطو آڻي سگھبو آھي.

3)   ڦڦڙن جو ڪئنسر (Lung Cancer)
ھي مرض انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار سمجھيو وڃي ٿو. ڦڦڙن جي ڪئنسر جي مرض ۾ ساھ جي نالين جي ڀتين جي غير رواجي ۽ تيز اوسر ٿئي ٿي جيڪا کين سوڙھو ڪري ڇڏي ٿي نتيجي ۾ ساھ کڻڻ انتهائي مشڪل ٿيو پوي. ھن مرض جي سُڃاڻپ ايڪسري جي مدد سان ڪري سگھجي ٿي. جيڪڏھن ڀتين جي ٿولھھ واري اوسر ظاھر ٿيندڙ ھجي ته سرجري يا تابڪار شعائن ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿي.

4)   ٻيا مرض
ساھ جي سرشتي جي ٻين مرضن ۾ ليرنگٽس (Laryngitis) آھي جيڪو مرض لئرنڪس (Larynx) جي سوزش يا زخم ڪري ٿئي ٿو. ھڪ مرض نمونيا (Pneumonia) به آھي جنھن جي ڪري ڦڦڙن ۾ شديد خارش ۽ سوزش يا کنگھ ٿيندي آھي نمونيا جو سبب ھڪ بئڪٽيريا نيموڪوڪس آھي.


Back to Index



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت