رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم  مَنۡ اَفۡطَرَ  یَوۡمًا مِنۡ رَمَضَانَ مِنۡ غَیۡرِ رُخۡصَۃٍ وَلاَ مَرَضٍ لَمۡ یَقۡضَ عَنۡہُ صَوۡمَ الدَّھۡرِ کُلَّہٗ وَاِنۡ صَامَہٗ رواہ احمد۔ (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب تنزیۃ الصوم الفعل الثانی ج 1 ص 177۔ بخاری شریف باب اذا جامع فی رمضان وغیرہ ج 1 ص 259۔ مسند احمد بن حنبل ج 2 ص 386۔ 442۔ 458۔ 470۔ سنن ابہ داؤد کتاب الصوم باب 39)
”حضرت ابو هريرة رضھ کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪو ماڻهو سفر وغيره جي شرعي اجازت کان بغير ۽ بيماريءَ (جهڙي ڪنهن شرعي عذر کان بغير) رمضان المبارڪ جو هڪ روزو به ڇڏي ڏيئي ته اهو شخص اگر ان جي جڳهه تي پوري عمر به روزا رکي ته جيڪا شئي فوت ٿي وئي آهي اها پوري نه ٿيندي.

هن حديث شريف جو مطلب هي آهي ته شرعي عذر ۽ اجازت کان بغير رمضان المبارڪ جو هڪ روزو ڄاڻي واڻي ڇڏڻ سان رمضان شريف جي خاص برڪتن ۽ الله پاڪ جي خاص رحمتن کان جيڪا محرومي ٿيندي آهي، پوري عمر نفلي روزا رکڻ سان به انهيءَ محرومي ۽ نقصان جي تلافي نٿي ٿي سگهي، اگرچه هڪ روزي جي قانوني قضا هڪ ئي ڏينهن جو روزو آهي ليڪن ان سان اها برڪت ۽ نعمت ڪڏهن به حاصل نه ٿيندي جيڪا روزي ڇڏڻ جي ڪري هٿ مان نڪري ويئي آهي.

جيڪي ماڻهو رمضان المبارڪ جا روزا بيپرواهيءَ جي ڪري ڇڏي ڏيندا آهن اهي سوچين ته اهي پنهنجو پاڻ کي ڪيترو وڏو نقصان پهچائي رهيا آهن. ۽ اگر روزي کي ٽوڙيو ويو هجي ته ان جي بدلي ۾ ٻن مهينن جا روزا ڪفاري جي طور تي رکڻ سان فرض ذمي تان لهي ۽ ساقط ٿي ويندو.





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت