Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

دي ٽيچرز سان ملاقات

  

دي ٽيچرز سان ملاقات

 

سري لنڪن ايئرپورٽ تي گهمندي گهمندي ڏاڍو مزو اچي پيو. ديوارن تي خوبصورت تصويرون پينٽ ٿيل هيون. صفائي جو سٺو بندوبست ٿيل هيو. اڳتي هلندي اسان جي دوست پرتاب ۽ مظفر کوکر ڊيوٽي فري شاپ جي پڇا ڪئي ته خبر پئي ته اڳتي آهي. ان پاسي سيڪيورٽي گارڊ بيٺل هو. جنهن اسان سڀني جا پاسپورٽ چيڪ ڪري اسان کي اڳتي ڇڏيو. آر ٽو به ان پاسي ئي هيو. اڳتي ڪافي دڪان هيا. سوم رس جو تمام وڏو دڪان هيو، جتي نوجوان ڇوڪريون ڪم ڪري رهيون هيون. پرتاب ان اسٽور تان پيڪيج ۾ ٻه استاد يعني دي ٽيچرز پاڻ سان سفري ساٿي ساڻ ڪري هلڻ جو پڪو پهه ڪيو. باقي مظفر به پنهنجي مزاج موجب پنهنجو راشن هٿ ڪيو. اهو سوم رس جون شيشيون دوستن سان ساڻ هيون. سو اتان نڪري سامان سوڌو پاڻ اچي آر ٽو ۾ ويهي پنهنجي جهاز جو انتظار ڪري رهيا هياسين. ٻاهر مسلسل برسات هلي رهي هئي. جنهن جي ڪري ايئرپورٽ جو ماحول به مٽجي ويو هو. هر مسافر جي چهري تي رونق هئي. هن زون ۾ ڪافي رش ٿي ويئي هئي. سڀ انتظار ۾ هيا ته ڪيڏي مهل ٿي بورڊنگ ٿئي.

هاڻي اعلان ٿيو هو ته اسان جو جهاز بورڊنگ لاءِ تيار آهي. سو مسافر سڀ اميگريشن پروسيس لاءِ قطار ۾ بيهي ويا هيا. ان ئي قطار ۾ ٻه عجيب ڪورين ڇوڪريون نظر آيون. جن مان هڪڙي جي مٿي جي وارن جو رنگ گلابي هلڪو ۽ ٻي جي وارن جو رنگ فيروزي هيو. هي هٿراڌو رنگ ڪرايو ويو هو. هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي پسند آهي. ڪن کي ڪارا وار وڻن ته ڪن کي سفيد وار. ڪن کي وري انگريزن وارا ڳاڙها ڀورا ناسي وار. پر هن قسم جو مٿي جي وارن جو رنگ مون پهريون ڀيرو ڏٺو هيو. مرد حضرات ته ٺوڙهه ڪرائي پيا گهمن. ٺوڙهه به هاڻي فيشن ٿي ويو آهي. پر ڪن کي وارن جو مسئلو آهي. ڇوته اهي گنجا آهن.

مختيار صاحب چيو ته،”يار هنن ڇوڪرين جي وارن جو رنگ عجيب آهي. هي ڇوڪريون ته سچ ۾ گڏيون پيون لڳن“. مطلب ته هنن جي وارن کي ڏسي اسان ته سوچڻ تي مجبور ٿي وياسين ته وارن جو ڪارو يا اڇو ته قدرتي رنگ هوندو آهي. پر ڪي ڪي عورتون يا مرد پنهنجي شوق جي آبياري لاٰءِ وارن کي مختلف رنگ ڪري ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هي به ڪو انهن جي علائقي جو فيشن هوندو. قد جون ننڍڙيون، جسماني طور تي سنهڙيون، هي ڪورين ڇوڪريون به عجيب هيون. سڀني جي توجهه جو مرڪز هيون. سو ايئرپورٽ تي هلڪي موسيقي، مڌر سرن جا رنگ ڇڙيل هيا. هي مڌر سُر ايئرپورٽ جي ماحول کي کنيو بيٺا هيا. هن پاڪ موسيقيءَ ۾ ڪو به بي سرو آواز شامل نه هيو. ان ڪري موسيقي جي روح سان گڏ، اسان پارن موسيقي جي عاشقن جا به روح تازا توانا ٿي پيا هيا.

ٿر جو سريلو فنڪار ۽ ان کان وڌ رسيلو انسان مرحوم صادق فقير چوندو هو ته هيءَ سموري ڪائنات موسيقي سان ٽمٽار آهي. ڪائنات جي سڀني رنگن سان سر جو سنگ ساٿ رهيو آهي ۽ اها ئي سريلائي آهي جيڪا هڪڙي جينيئس کان وٺي اٻوجهه ماڻهو تائين هر ماڻهو کي موهي. پنهنجي مٺڙي منڊ ۾ منڊي متاثر ڪندي رهي آهي. شينهن جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو ته ان سان به هڪڙو سر پيدا ٿئي ٿو پر سر جي انهن آلاپن ۾ دهشت ۽ دٻدٻو سمايل آهي، جيڪو هر ٻڌنڌڙ کي ڌوڏي وجهي ٿو. تڏهن ئي ته شينهن کي جهنگل جو بادشاهه، چندن جي وڻ کي ٻيلي جو بادشاهه، سورهيه کي سينا جو سر موڙ ۽ سپوت کي راڄ جو سرواڻ چوندي، ڪنهن هندي شاعر ڪهڙي نه عقل واري ڳالهه ڪندي چيو آهي ته،

شينهان کا کالو نهين، نهين چندن ڪا باغ

سور ماڪي سينا نهين، نهين سپوتان ڪا راڄ

يعني شينهن جو ولر نه هوندو آهي، نه ئي وري چندن جو باغ ٿيندو آهي، ٻه وڻ به هڪ ٻئي جي سرهاڻ جي سٽ نه سهندي، سڙي خاڪ ٿي ويندا، اهڙي طرح سپهه سالارن يا بهادرن جي فوج نه هوندي ۽ هر راڄ ڀاڳ ۾ سپوت به ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا آهن.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more