اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)


پاڪستان اسان جو وطن آهي. جنهن کي اسان پيارو پاڪستان چوندا آهيون، اهو قائداعظم محمد عليءَ جناح جي رهبري ۽ رهنمائي، جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ڪري وجود ۾ آيو. اسان جي ملڪ پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي حاصل ڪئي. قائداعظم محمد علي جناح ان جو پهريون گورنر جنرل بڻيو.

پاڪستان جا چار صوبا آهن، پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان.

·      آباديءَ جي لحاظ کان پنجاب وڏو صوبو آهي.
·      زمين جي لحاظ کان بلوچستان وڏو صوبو آهي.
·      آمدني ۽ پيداور جي لحاظ کان سنڌ وڏو صوبو آهي.
·      پاڪستان جو دارالحڪومت اسلام آباد ۾ آهي.
·      سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي.
·      بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪوئيٽا آهي.
·      خيبر پختونخواه جي گاديءَ جو هنڌ پشاور آهي.
·      پنجاب جي گاديءَ جو هنڌ لاهور آهي.

پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر سنڌ ۾ آهي، جنهن کي ڪراچي چيو وڃي ٿو. ٻيا به وڏا شهر آهن جيئن حيدرآباد، سکر، ملتان، گوجرانوالا، فيصل آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور وغيره.

پاڪستان حسين نظارن سان ڀريو پيو آهي. صوبي سرحد ۾ وڏا جبل ۽ واديون ڏسڻ وٽان آهن. جتي غير ملڪي سياح ويندا آهن ۽ گهمي ڦري گهڻو خوش ٿيندا آهن. پاڪستان ۾ ٿڌا علائقا آهن، جيئن مري، ڪوئيٽا، گورک هل اسٽيشن. انهن مڙني علائقن ۾ سياري جي مند ۾ برف پوندي آهي.

الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي گهڻين ئي نعمتن سان نوازيو آهي، جنهن ۾ يورينم، ڪوئلو، تيل، گيس، ٽامو، لوهه، سنگ مرمر ۽ ٻيون اعليٰ قسم جون ڌاتون ملن ٿيون.

اسان جي ملڪ جو مذهب اسلام آهي، جنهن ڪري سڀ پاڪستاني پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي رهن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ يورينم ملي ٿو، جنهن مان اسان فائدو وٺندي پنهنجي وطن کي ايٽمي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي.

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت