سيوهڻ جي مٽيءَ ڏانهن - رکيل مورائي
سيوهڻ جي مٽيءَ
ڏانهن
رکيل مورائي
او سيوهڻ جي
مٽي! تنهنجو فاتح ٿيو نه سڪندر.
تو جنهن کي
مريادا بخشي بڻيو لعل قلندر.
مروند جي مٽيءَ
تي جنهن جو، ماندو ٿيو ٿي ساههُ.
تنهن تُنهنجي
جهوليءَ ۾ پنهنجو پورو ڪيو پساههُ.
ان کان اڳ ۾
تون سمجهي وئينءَ هڪ پَوتر اسٿانُ.
توتي ڪو
اوَتارُ لٿو هو، نالي شِوُ ڀڳوانُ.
۽
پوءِ تو ڏي ڪيئي آيا، غوث، قُطب ابدالَ.
تو ۾ پنهنجو
مَسڪن جوڙيو مست قلندر لال.
جنهن کان
پوءِ جيڪي ڀي آيا، تن کي ملي پناههَ.
اڄ تائين تن
سڀني جي آ سنڌڙيءَ ڏي ئي ڪاههَ.
سالڪ، عاشق،
عالم ڪيئي، تو ۾ ٿيا مدفونُ!
جن کي آيو
دنيا جي ڪنهن مٽيءَ تي نه سُڪون!
Comments
Post a Comment