ليکڪ جي ڊيسڪ تان
جوڳيئڙا جهان ۾...
سنڌي ٻوليءَ جي
سفرنامن جي دنيا جو مهان ليکڪ الطاف شيخ آهي. جيڪو سنڌ توڙي هند ۾ ڄاتل سڃاتل
شخصيت آهي. اهڙو ورلي ڪو سنڌ جو پڙهيو ڪڙهيو ماڻهو هوندو، جنهن الطاف جا سفرناما
نه پڙهيا هجن.اسان ته سائين کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهندا پئي آيا هون. الطاف شيخ
سنڌ جو اهو سيلاني، فقيرمنش دانشور آهي، جنهن سان جڏهن به ملڻ جو موقعو مليو ته هن
جو مون سان سڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جيان هو. هن مون کي سدائين مان ڏنو. منهنجي جڏهن
ڪراچي ۾ رهائش هوندي هئي ته هر مهيني يا ٻي ٽين مهيني فون ڪري چوندو هو ته،”صحبت!
تو لاءِ ڪتاب ڪڍي ڇڏيا اٿم، اچ اچي کڻي وڃ“. جڏهن به مون کي ڪتابن کڻڻ ۾ دير ٿي
ويندي هئي ۽ الطاف صاحب ڏي نه وڃي سگهندو هيم ته وري ٻيهر فون ڪري چوندو هو ته
”صحبت ! جيڪڏهن تو کي ٽائيم نه ٿو ملي ته مان توڏي ڪتاب کڻي ٿو اچان“. سچ ته مان ڏاڍو
شرمندو ٿيندو هيم. سائين انتهائي شفيق، محبتي، مان ڏيڻ واري تمام وڏي شخصيت آهي.
منهنجي هر سفرنامي تي مون کي همٿائڻ، سفرناما لکڻ تي منهنجي حوصله افزائي ڪرڻ، اهو
ئي منهنجي لکڻ ۾ اتساهه جو ڪارڻ آهي. سائين سان جڏهن به ملڻ ٿيندو آهي (هاڻي ته ڪيئي
ڏينهن ٿي ويا آهن، جو سائين جو درشن نه ٿيو آهي، باقي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري وٺندا
آهيون)ته دروازي وٽ ئي آڌر ڀاءَ ڪندا آهن. ان ڪري سنڌ جي هن سيلاني فقير کي اسان
جي جنمن جو ۽ نسلن جو سلام.
ان ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته انسان جڏهن ماءُ جي پيٽان جنم وٺي اچي ٿو ته تنهن ڏينهن کان وٺي هن جو سفر
شروع ٿي وڃي ٿو. پوءِ هو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ۽ اهڙي ريت هو مسلسل سفر ۾ رهي ٿو.
سفر پوءِ سنڌي وارو هجي يا کڻي انگريزي وارو، پر هوندو سفر ۾ آهي. سفر ئي زندگي
آهي. پر ڪي ماڻهو گهڻين نعمتن هوندي به انهن شين کان محروم ئي رهجي ويندا آهن،
يعني هوندي سوندي به. شاهه صاحب سچ چيو آهي ته؛
محروم ئي مري ويا ماهر ٿي نه مئا،
چڙي جيئن چنهب هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هيا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.
سفرنامو ”منهنجو
ديس جهان“ (هي ٿائيلينڊ، لائوس، ڪمبوڊيا، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جو سفر نامو آهي).
هن جو ليکڪ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي آهي. هي ڪتاب مون کي منهنجي ايڊووڪيٽ دوست سيد عزيز
الرحمان شاهه (دادو بار جو اڳوڻو صدر) بار ۾ ئي ڏنو هو. جيتوڻيڪ شاهه صاحب اسان وٽ
جسماني طور تي نه رهيو آهي، پر روحاني طور تي هو اسان دوستن سان اڄ به گڏ آهي. هن
جو انتقال 3 آڪٽوبر 2024ع تي ٿيو. سو هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل پيچ تي سيد منير شاهه
لکيو آهي ته؛
”سفر پهرئين ڏينهن کان ئي انسان جو مقدر رهيو آهي. شين ماڳن ۽ مڪانن
بابت ڄاڻڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. سفر جي اهميت ۽ فائدن جي ڪري ان کي زندگي جو
استعارو (Metaphor of life ) چيو ويو آهي.“
سفرنامي لکڻ جو
اندز هر ليکڪ جو پنهنجو آهي. الطاف شيخ صاحب جو ته مٽ ئي ڪونهي. سندس هر ڪتاب سون
۾ تورڻ جهڙو آهي. هن کان علاوه سنڌ جا ٻيا ڪيئي سندباد هن صنف ۾ پنهنجي طبع آزمائي
ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ ان سفرنامي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، جيڪو پڻ ڏاڍو
دلچسپ آهي. اهڙو ڪهڙو سفرنامو ٿي سگهي ٿو. اچو ته پڙهون.
سفرنامو ”هوا جي
ديوار“ جو ليکڪ منظور جوکيو آهي. جنهن جو مهاڳ منهنجي استاد سائين الطاف شيخ جن
لکيو آهي. الطاف شيخ پنهنجي هن مهاڳ ۾ لکي ٿو ته؛
”هونئن ته مون کان ڪو سٺي/دلچسپ ناول يا سفرنامي جو ٽيسٽ پڇي ته آءُ
ته اهو ئي چوندس ته جيڪو توهان هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪريو ته ان کي ڇڏڻ تي دل نه چوي“.
سفرنامي جي catalogue ۾ سفرنامن جي تمام گهڻي ڀرمار
آهي. پر جڏهن به سفرنامي جو نالو يا تصور ذهن ۾ اڀري اچي ٿو ته سڀ کان اڳ ۾ الطاف
شيخ جو نالو نڪري نروار ٿي بيهي ٿو. الطاف شيخ سفرنامي جي دنيا ۾ ايترو ڪم ڪيو جو،
ننڍي کان ننڍو پاٺڪ اهو کڻي سنڌ جو هجي يا هند جو، اهو الطاف شيخ صاحب جي نالي کان
بخوبي واقف آهي.
الطاف شيخ کان
علاوه جن اديبن سفرناما شوق سان لکيا آهن، انهن جي به لسٽ ڊگهي آهي. پر هتي چند
سفرنامن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ۽ وقتائتو سمجهان ٿو.
سفرنامو ”ڏوري ڏوري
ڏيهه“ تنوير عباسي صاحب جو لکيل آهي. هي يورپ جو سفرنامو آهي. هن جي صفحي نمبر 30
تي تنوير عباسي صاحب ڪمال جون سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو ته؛
”مائيڪل اينجلو سسٽين شئپل ۾ بلڪل اگهاڙيون تصويرون ٺاهيون. جن کي
پوءِ انجير جي پنن سان ڍڪيو ويو. جڏهن انهن تصويرن تي اعتراض ٿيو ته عبادت گاهه ۾
اگهاڙيون تصويرون مذهب جي خلاف آهن. ته مائيڪل اينجلو انجيل جو حوالو ڏنو ته قيامت
۾ خدا سڀني کي اگهاڙو اٿاريندو. هن چيو ته جي خدا جي اڳيان سڀ اگهاڙا هونداسين ته،
خدا جي گهر ۾ اگهاڙين تصويرن جي هجڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. مائيڪل ايجلو، مرڻ کان اڳ،
پنهنجيون جيڪي به تصويرون وٽس موجود هيون، اهي ساڙي ڇڏيون“.
”نيل نديءَ ڪناري“سفرنامو سنڌ جي مشهور ليکڪ آفتاب ميمڻ جو آهي. هن ڪتاب
جي عنوان ”هڪ ساحل ۽ هڪ سارا“هيٺ عمر قاضي پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته؛
”هونءَ ته ڀلان ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ئي ناهي پر پال ٿاروڪس، وليم لسيٽ هيٽ
مون ۽ ايرڪ نيو باءَ جا سفرناما پوريءَ دنيا ۾ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جڏهن ڪوئي وي
ايس نائپال جو هندستان جو سفرنامو”گهايل ثقافت“ پڙهي ٿو ته هندستان جي اصل تصوير
اکين آڏو اچيو وڃي. دانشورن ۽ صحافين جا سفرناما ته انهن ملڪن جي پيداوار، ماڻهن
جي مزاج ۽ سياسي اٿل پٿل يا جمود جو ڀرپور عڪس پيش ڪن ٿا پر جڏهن سفرنامي ۾ تخليقي
ادب جو سُر شامل ٿي وڃي ٿو ته ان جي لذت جو درجو ئي ٻيو ٿي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ مان
ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان آمريڪي نوبل انعام يافته اديب جان اسٽين بيڪ جو مشهور ڪتاب
”ٽريول وٿ چارلي“ ۽ پرريبيڪا ويسٽ ۽ ڊي ايڇ لارينس به ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. پر جيڪي
سفرناما مڪمل طور تي تصوراتي حوالي سان لکيا ويا، انهن جي ڪيٽيگري الڳ آهي. هومر
جي اوڊيسي کان وٺي جوناٿن سفٽ جي گليورس ٽريولس تائين ڪيترائي ڪتاب ڪڏهن به نه پراڻا
ٿيندڙ اهي پيارا داستان آهن، جي ماڻهوءَ جي شعور ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهندا. هونءُ
ته سفرنامن جا قسم ماڻهن جي مزاجن وانگر انيڪ آهن پر جيڪڏهن ايڪيڊمڪ حساب سان انهن
جي ورڇ ڪجي ته انهن کي گهڻو ڪري سماجي، سياسي ۽ بنهه ذاتي قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو“.
منهنجي سامهون آغا
ثناالله خان جو سفرنامو ”اچو ته نيپال گهمون“ رکيل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ انور فگار
هڪڙو لکي ٿو ته؛
آغا چوي ٿو ته؛
”صبح جو اٿون ٿا، تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي نڪري وڃون ٿا. سڄو ڏينهن گهمڻ ۾ ٿا گذاريون. هڪ
هڪ شيءَ کي جاچي جاچي ڏسڻ هڪ ٽوئرسٽ جي خواهش هوندي آهي. ان کان سواءَ، ان ملڪ جا
تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ به ضروري هوندا آهن“. واقعي ئي ٽورسٽ ٿوري وقت ۾ جيڪو مطالعو
۽ مشاهدو ڪري، نتيجا ڪڍي ٿو وٺي، سو به قيمتي سرمايو ٿيو پيو. وري جو ان کي
سفرنامي جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري، ته اهو تاريخ جو هڪڙو اهڙو انوکو پهلو ثابت ٿي پوي ٿو،
جو وقت گذرڻ کان پوءِ ڄڻ اهم ماخذ جي حيثيت ٿو وٺي“.
الطاف شيخ جي
سفرنامي ”مون کي موهيو ملائيشيا“ جي مهاڳ ۾ رخسانه پريت لکي ٿي ته؛
”هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪو به انسان جيترا اڳڀرا قدم کڻندو آهي،
جيتريون سرحدون لتاڙيندو آهي، سندس ذهن جا
ventilator اوترا ئي وڌيڪ کُلندا آهن ۽ ان تي دنيا
گهمڻ سان نوان نوان انڪشافات ٿيندا آهن. سوچ کي نيون وسعتون ملنديون آهن. ائين ماڻهوءَ
جي ذهني سوڙهائپ هڪ وڏي وشالتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سفر ڪندڙ ماڻهو اگر
اديب آهي ته ان جو سفر نه صرف پاڻ لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو، پر هو پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ
لاءِ به هڪ وڏو ڪارائتو درد بڻجي وڃي ٿو. جڏهن هو پنهنجين تخليقن ذريعي اهو سمورو stuff هڪ potential energy (ڳجهي توانائي) وانگر
پنهنجي ديس واسين ڏانهن منتقل ڪري ٿو”.
اسحاق انصاري جي
سفرنامي ”نڪري پيس نيپال“ جي مهاڳ ۾ بدر ابڙو لکي ٿو ته؛”هر ليکڪ جو پنهنجو انداز
هوندو آهي ۽ هرهڪ جو پنهنجي سوچ جو زاويو ٿئي ٿو. هرڪو پنهنجين محدود حالتن ۾
مشاهدو ماڻي ٿو. اسحاق انصاري بهرحال، هڪ سٺو سياح آهي. کيس خبر آهي ته سياحت ڪيئن
ڪجي؟ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن رٿا بندي ڪجي؟. اها اضافي خوبي اٿس ته پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا
دلچسپ پيرائيي ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. نه ته کوڙ سارا سياح فقط گهمي ڦري دل
وندرائي موٽي ايندا آهن. جن ڏٺو ۽ ٻين تائين ڄاڻ نه پڄائي منهنجي نظر ۾ اهو بيڪار
ويو“.
مون کي اصل ۾ جنهن
شخصيت سفرناما لکڻ تي اتساهيو اهو سائين الطاف شيخ آهي. سائين سان ملاقاتن ۽ سندس
سفرنامن مون کي شوق ڏياريو ته مان به دنيا گهمان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جو سٺيون
يادون کڻي پنهنجي ديس واسين تائين ڪتابي شڪل ۾ پهچايان.
هن سفرنامي ۾
منهنجا دوست جيڪي مون سان مالديپ جي مانڊاڻ ۾ ساڻ ۽ منهنجي دل جي دولت ۽ کاڻ هيا
انهن ۾ ؛ناليج سينٽر لاڙڪاڻي جو روح روان سائين پروفيسر مختيار سمون صاحب، پرين
پيارو دوست، خوبصورت صلاحيتن جي مال؛ ٿر ايجوڪيشن الائنس جو CEO
محترم پرتاب شيواڻي، پريس ڪلب ڀان/ڄامشوري جو
صدر محترم ڀاءُ مظفر کوکر، JJ ٽريولر ۽ ٽوئرازم جو سڄاڻ ساٿي جنيد ڏهر ۽ ڪلات بلوچستان جو ۽ براهوي
ٻولي جو خوبصورت شاعر محترم يوسف عجب شامل آهن. جن سفر دوران مڪمل طور تي پنهجائپ
جو احساس ڏياري، هن ٽرپ کي جلا بخشيو.
پنهنجي سفر جي
همسفر ساٿين لاءِ لطيف سائين جو هي بيت لکندس ته:
جوڳيئڙا جهان ۾، نُوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.
مان انتهائي تهه
دل سان ٿورائتو آهيان محترم پياري سائين دليپ ڪوٺاري صاحب جن جو، جن هن ڪتاب جي
مهاڳ لکڻ لاءِ حامي ڀري پر شايد وقت جي ڪمي جي ڪري هو نه لکي سگهيو. تنهن جي
باوجود مان دليپ ڀاءُ شڪرگذار آهيان. دليپ سان منهنجي پهرئين ملاقات منهنجي
سفرنامي “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جي مهورتي تقريب ۾ ٿي، جيڪا 28 ڊسمبر 2024ع جو مٺي ۾
منقعد ٿي هئي. دليپ انتهائي سادڙو، محبتن جو ڀنڊار، پيارو ماڻهو لڳو. هن جي سادگي
به ڪروڙن روپين کان به مٿي لڳي. جڏهن مون دليپ جي باري ۾ سنڌيانا ۾ پڙهيو ته مون
کي ڪافي حيرت ٿي هي خوبصورت انسان پاڻ ۾ ڪيڏي نه مڻيا رکي ٿو. اصل ۾ دليپ سنڌي ادب
جو اهو تخليقار آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهولي ۾ ڪيترا ڪتاب ڏنا. هن پنهنجي هڙان وڙان
خرچ ڪري مٺي ۾ هڪڙي جوت جلائي آهي، جنهن جونالو هن ’نينهن پبليڪيشن‘ رکيو آهي. هن
پليٽ فارم تان هن مرد مجاهد هن وقت تائين نالي واري شاعر سائينداد ساند جو شعري
مجموعو ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ (1996ع)، نوجوان شاعرن فيض فِراقِيءَ جو شعري مجموعو ’غمن
جون گهَٽائون‘ (2004ع) ۽ ڀارُو مل امراڻي سوٽهڙ جا ٻه ڪتاب: ’گيت سانوڻ من ڀانوڻ
جا...!‘ (لوڪ شاعري: 2006ع) ۽ ’مُرڪن مالهائُون‘ (شاعري: 2012ع) شايع ڪرايا آهن.
ان کان علاوه
منهنجي ڄاڻ ۾ اهو ڄاڻي به اضافو ٿيو ته دليپ سنڌ جي ترقي، سنڌي ٻولي ۽ نئين ٽهي جي
تعليمي اوسر ۾ به دلچسپي رکي ٿو. هي محب وطن محبوب ماڻهو ان ڏس ۾ سنڌي ادب سان عشق
جو ثبوت ڏيندي جيڪي عملي ڪم ڪيا آهن انهن ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جو عمل به شامل آهي. سو
دليپ ڪوٺاري صاحب ٿرديپ جي تـوسـط ۽ ذاتـي لـڳاءَ سـان تـحـريـر، تحـقيـق،
تـرجـمـي ۽ تـرتيـب وسـيلي 15 ڪتابڙا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾: (1) ’سستو چُلهو-
سؤکِي سانجڻ‘، (2) ’سهنج جو سامان‘، (3) ’ڀيڙو پاڻي-نيڙو پاڻي‘، (4) ’ٻار گُهرن ٿا
پيار‘، (5) ’ننڍا قرض- وڏا لاڀ‘، (6) ’پِيار منجهان ڏيان پِينگهو لوڏي‘ (سنڌي
لولين، هُلراڻن ۽ هيجاڻن جي چونڊ)، (7) ’مٽيءَ-هٿڙن جي ڪلا ۽ ٻوڏ سٽيل ٻارڙا‘ (ٻارن
جي چترڪاري ۽ ٺهڪندڙ شعرن جون سٽون)، (8) ’اصـلـوڪـن لـوڪـن جـا آواز‘ (ڌرتـي ڌڻين
جي شاعريءَ جا چونڊ اسم)، (9) ’اچـو تـه پنهـنجو ڳـوٺ سـڌاريون‘ (صفائي سٿرائي ۽ ٻارن
جي پورهئي جـي حـوصـلـي شـڪـنـيءَ تـي ڇهن طبعزاد ۽ ٻِن چونڊيل گيتن جو ڪتابڙو)،
(10) ’ڏِيئي سَنديُون لاٽُون‘ (ٿرديپ سماچار جا چونڊ اداريا) ۽ (11) ’امن جي آرسي‘
وغيره شامل آهن.
دليپ ڪوٺاري
نوجوان محققن جي معاونت ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ مٺي (ٿرپارڪر) ۾ ’رابيل ريسورس سينٽر‘
نالي هڪ ادارو به قائم ڪيو آهي. هو ’ڏات ڌڻي مڃتا فورم، مٺي‘ ذريعي سنڌ، خاص ڪري ٿر
جي قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن جي علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پورهيي جي قدردانيءَ جي ڏِس ۾
مختلف مڃتا ۽ اعزازي تقريبون منعقد ڪري چُڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ
جي سيڪريٽري ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي رابطا سيڪريٽريءَ طور پنهنجي دور ۾ نه رڳو سرگرم
رهيو، پر ڪيترا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام به ڪرائي چڪو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ شاخ سنڌ جي
بهترين شاخن مان هڪ قرار ڏني وئي.
مان ٿورائتو آهيان
پنهنجي پاڙيسري، پنهنجي دوست محترم تابش بخاري صاحب جن جو، جنهن پڻ تمام ٿوري وقت
۾ هن ڪتاب لاءِ چار اکر لکي ڏنا.
مان شڪرگذار آهيان
پياري ڀاءُ محترم سعيد سومري صاحب جو جنهن ڪنول پبليڪيشن طرفان منهنجا ڪتاب ڇاپي
مون تي سدائين ڀلايون ۽ ڀال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو پروفيشنل پبلشر آهي، پر مون
کي خوشي آهي ته هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾
پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اوهان ريڊر منهنجن ڪتابن کي پڙهو ٿا، مون کي
موٽ ڏيئي مانُ ڏيو ٿا، اهو ئي مون لاءِ سڀني کان وڏو انعام ۽ منهنجي حياتي جي ڪُل
موڙي آهي. مان توهان سڀني جو شڪرگذار آهيان.
اوهان جو اهو ئي ساڳيو.
سنڌ ڌرتيءَ جو نوڪر
بلوچ صحبت علي
ايڊووڪيٽ هاءَ ڪورٽ
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment