سُر سورٺ - داستان چوٿون

سُر سورٺ

داستان چوٿون

ا
رِءَ مَصلِحَتَ مَڱـڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ؛
نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ؛
خِيمي ۾ کَنگھارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِّ؛
لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ؛
تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱـڻهارَ کي.

2
مَرُ ته آئين، مَڱـڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون؛
جيڪا ڳاهَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهِي سُون؛
تَنهِن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پَوَيئِي پَٽَ ۾.“

3
چارَڻَ! تُنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ؛
هَڻِي آيو هَٿَن سين، جِئَرو رکِيو جِيُّ؛
راتِ مُنهنجو رِيُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“

4
تانُ نه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
سَٽَ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيُ، ته ٿوڪُ پِرائِيين.“

5
تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَهِيو سو قَبُولُ پِيو؛
سِرُ ته آهي سَٽَ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ؛
خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُھ نَهِين.“

6
چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، گُهرِيُءِ سو گھورِيان؛
گَهرُ، سورَٺِ نه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان؛
ڳُجِھي آهِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري، تان اورِيان؛
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان؟ ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَنءِ؟

7
ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
تَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“

8
ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنهِن پارِسَ پيراتِي؛
ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي؛
ڪَڍِي تَنهِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.

9
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
سَهسين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!“

10
سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگھارَ؛
ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ؛
سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پسو! راڄا راضِي ٿِيو.




Shah Abdul Latif Bhittai 


Back to INDEX







سُر  يمن  ڪلياڻ






سُر  سريراڳ




سُر  سامونڊي




سُر  سهڻي




سُر سسئي آبري




سُر ڪوهياري




سُر حسيني





Digital Sindh
Smart People




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت