ٿورين ٿورين غلطين تي ٻارن کي پوري ڪلاس ۾ شرمنده نه ڪيو ... اسد الله شر - سانگهڙ


ڇا اسان اهڙا استاد ٿي سگھون ٿا؟
ٿورين ٿورين غلطين تي ٻارن کي پوري ڪلاس ۾ شرمنده نه ڪيو.


شادي جي تقريب ۾ هڪ صاحب پنھنجي ڄاڻ واري ماڻھو جي پاسي وڃي ٿو ۽ پڇا ڪريس ٿو ڇا توهان مون کي سڃاڻو ؟
انھي غور سان ڏسي ۽ چيو ها توهان منھنجي پرائمري اسڪول جا شاگرد آهيو، ڇا ڪري رهيا آھيو اڄڪلھ ؟
شاگرد جواب ڏنو مان بہ توهان وانگر هاڻ استاد آهيان ۽ استاد ٿيڻ جي خواهش مون کي توهان جي وجھ سان پيدا ٿي.
استاد پڇيو اهو ڪيئن؟
شاگرد جواب ڏنو  توهان کي ياد آهي تہ هڪ دفعو ڪلاس جي ڪنھن ڇوڪري جي تمام خوبصورت واچ چوري ٿي وئي هئي ۽ اها گھڙي مون چورائي هئي، توهان پوري ڪلاس کي چيو هو جنھن بہ واچ چورائي آهي اهو واپس ڪري، مان واچ واپس ڪرڻ چاهيان پيو پر شرمندگي کان بچڻ جي جرئت نہ ڪري سگھيو هئس...
توهان پوري ڪلاس کي ڀت جي طرف منھن ڪرڻ اکيون بند ڪري بيھڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ سڀني جي کيسن جي تلاشي ورتي هئي ۽ منھنجي کيسي مان واچ ڪڍي ڪري بہ منھنجو نالو کڻڻ کان سواء واچ ان مالڪ کي ڏني هئي ۽ مون کي هن عمل تي اوهان شرمندو نہ ڪيو، مان ان ڏينھن کان استاد ٿيڻ جو پڪو پھ ڪيو هو.
استاد چيو تہ ڪھاڻي ڪجھ ائين آهي تہ تلاشي دوران مون بہ پنھنجون اکيون بند ڪيون هيون ۽ مون کي بہ اڄ خبر پئي آهي تہ هي واچ توهان چورائي هئي.
ڇا اسان اهڙا استاد ٿي سگھون ٿا جيڪي پنھنجي عملن سان ٻارن کي استاد ٿيڻ جي سکيا ڏئي سگھون نہ ئي ٿورين ٿورين غلطين تي ٻارن کي پوري ڪلاس ۾ شرمنده ڪيون.


اسد الله شر
03053890381
شهيد ڪرم الله خان شر وليج – سانگهڙ

Share on WhatsApp

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت