خط لکڻ لاءِ ھدايتون

خط لکڻ لاءِ ھدايتون

·                              خط جي وسيلي اڳلي سان گالھائجي ٿو، تنھن ڪري خط ۾ کھرا ۽ ان وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
·                              خط لکڻ ۾ اھڙو طريقو اختيار ڪجي، جيئن ڪنھن سان روبرو ڳالھائبو آھي.
·                              عام طرح ڳالھائڻ ۽ خط لکڻ ۾ وڏو فرق آھي.
·                              عام گفتگو ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جون اُڙيون ٿڙيون ڳالھيون به ڪبيون آھن، پر خط ۾ صرف ضروري پنھنجي مطلب وارا خيال سلسليوار ھڪ ٻئي جي پٺيان ظاھر ڪجن.
·                              جيئن گھڻي ڳالھائڻ سان اڳلو بيزار ٿي پوندو آھي، تيئن خط ۾ اجائي پٽاڙ نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ سان به پڙھندڙ بيزار ٿي پوندو.
·                              خط ۾ ساڳي ڳالھ وري وري دھرائڻ کان به پاسو ڪجي.
·                              خيال صاف، سٺا جملا ننڍا ۽ وڻندڙ استعمال ڪجن.
·                              خط ۾ مس ۽ پنو صاف سٺو ھجي، خوشخطي خوبصورت ھجي، آڏن ڦڏن اکرن جو پڙھندڙ تي سٺو اثر نه پوندو.

خط جا ڀاڱا
خط جا ڪل 6 ڀاڱا آھن:
1.  سرو، جنھن ۾ لکندڙ جي ائڊريس ۽ تاريخ ھجي.
2.  لقب ۽ خوش خير عافيت
3.  خط جو مضمون
4.  دُعا سلام
5.  صحيح ۽
6.  سرنامو

خط لکڻ جو طريقو:

خط لکڻ کان اڳ ۾ خط جي ساڄي پاسي پنھنجي ائڊريس لکڻ گھجري. ان کان ھيٺ تاريخ لکجي، جيئن پڙھندڙ کي خبر پوي ته خط ڪٿان آيو آھي. ۽ ڪڏھن لکيو ويو آھي. ان کان ھيٿ ٿوري جاءِ ڇڏي لقب لکجي. لقب مختصر بيان ڪجن، وڏن، ننڍن ۽ پاڻ جيڏن جي لکڻ ۾ وڏو فرق آھي.

مثال:
·      مڪرمي جناب ......
·      جناب بزرگوار باب سائين  ......
·      محترمه والده صاحبه  ......
·      قدم بوسيءَ جي بعد عرض ته  ......
·      پيرن چمڻ بعد گذارش آھي ته  ......
·      نيازن ۽ ادبن بعد  ......

پاڻ جيڏن ۽ دوستن لاءِ
·      پيارا دوست يا پيارا ڀاءُ.
·      منھنجا شفيق  ...... سدا خوش ھجين!
·      منھنجي پياري ڀيڻ  ......
·      اسلام عليڪم.
·      ملاقات جي شوق بعد معلوم ھجي ته
·      سلامن بعد لکجي ٿو ته  ......

ننڍن لاءِ
·      نورچشم الياس شل! عمر تنھنجي وڌي.
·      برخوردار! رشيد احمد بلند اقبال.
·      برادرم عزيز! سدا سلامت ھجو.
جڏھن خط جو مضمون ختم ٿئي ته دُعا سلام ضرور لکجي. تنھن کان پوءِ خط لکندڙ پنھنجو نالو لکي. نالي جي اڳيان، جنھن ڏانھن خط لکجي ان جي مان مرتبي ۽ عھدي مطابق ھيٺيان لفظ لکڻ گھرجن.

·      وڏن لاءِ: اوھان جو نياز مند ......

پاڻ جيڏن دوستن لاءِ:
·      اوھان جو دوست  ......
·      اوھان جو خير انديش  ......
·      اوھان جو ڀلو چاھيندڙ  ......
·      مخلص  ......
·      پٽ ڏانھن: تنھنجو پيءُ
·      ماءُ جو پٽ ڏانھن: تنھنجي ماءُ
·      وڏي ڀاءُ ڏانھن: تنھنجو ننڍو  ڀاءُ  … …
·      ننڍي ڀاءُ ڏانھن: اوھان جو وڏو ڀاءُ  … …
·      پٽ جو پيءُ ڏانھن: اوھان جو فرمانبردار پٽ  … …
·      ڀائٽي جو چاچي ڏانھن: اوھان جو فرمانبردار الف  ـ ب

ھاڻي خط کي لفافي ۾ بند ڪري لفافي تي سرنامو ھن ريت لکجي:
ٽڪلي
جناب اسلم
مڪتبه ڪراچي
اردو بازار
ايم  ـ اي جناح روڊ ڪراچي.






Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت