هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
سائين مختيار به منهنجي ڳالهه سمجهي ويو هو. اسان ٻيئي
واڪ ڪندا هوٽل تي اچي ويهي رهيا سين. هاڻي ته سج به لهي ويو هو. شام شفق به چٽي
نظر اچي رهي هي. ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ته ٻيئي دوست عجب ۽ پرتاب اچن پيا.
اسان چانهه جو آرڊر ڏنو. پرتاب چانهه نه پيتي. اسان شام جي چانهه نه پيئون ته مٿي
۾ سور پئجي وڃي. سو اسان ٽنهي چانهه پيتي ۽ پرتاب جوس جو مزو ورتو. انهي چانهه ۽
جوس تي خوب ڪچهري ٿي. مشاعرو ٿي ويو.
سائين مختيار جي صدارت ۾ ئي ادبي ڪچهري کان وٺي
انگريزي ٻوليءَ تائين پاڻ محو گفتگو رهياسين. جڏهن ڪافي دير ٿي ويئي ته پاڻ اٿي، ڪچهري
ڪندا، هوٽل تي پهتاسين. ٿوري دير پوءِ کان جنيد ۽ مظفر به موٽي آيا. هنن ٻڌايو ته
هو به بڪني بيچ کان ٿي آيا آهن. اسان کي ڏاڍو ڳولهيون پر اسان نه ملياسين. اڄ رات
اسان کي سامان پيڪ ڪرڻو آهي. سڀاڻي اسان کي مالي وڃڻو آهي. ستين وڳي واري فيري ۾.
هڪڙي رات اسان کي مالي ۾ يا هڙو مالي ۾ گذارڻي آهي. باقي سترهين تاريخ تي اسان جي
مالديپ کان موڪلاڻي جي فلائيٽ آهي..
ان کان پوءِ مون موبائيل آن ڪئي ته موبائيل کلي
ويئي هئي پر هن جي اسڪرين تي هيٺيان ٽي آپشن اچن پيا. ريبوٽ ڪيو، فارميٽ ڪيو، سئچ
آف ڪيو. مون ري بوٽ جو آپشن تي ڪلڪ ڪيو پر موبائيل منهنجو سڏ نه ورنايو هو ۽
منهنجي ان حڪم تي ڪو به عمل نه ٿيو هو. پر هاڻي مولا جي ڪرم سان ري بوٽ ٿي ويو هو.
پر ان کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو آپشن ڏنائين ته
your phone is too hot to temperature . مون وري موبائيل کي آف ڪري
ڇڏيو. مون کان هڪڙي غلطي ٿي ته مون موبائيل کي چارجر تي لڳائي ڇڏيو، جيڪو مون کي
نه ڪرڻو هيو. جنهن جي ڪري ٿوري دير کان پوءِ موبائيل صفا تپي باهه ٿي ويو. ائين لڳو
ته ڪا شي اندران سڙي رهي آهي. سو ٿيو به ائين موبائيل جو ڪم پورو ٿي ويو هو.
اڄ رات جي ماني هن ئي اٿينس وويو واري هوٽل جي ميس
۾ کائڻ جو ارادو هيو. بيري کي مٿي هوٽل واري روم ۾ گهرايوسين. هن کي رات جي ماني ۾
دال، سبزي (گوبي مڪس)، ڪڪڙ جو ٻوڙ، چانور، چپاتيون ۽ ڪجهه سلاد جو آرڊر ڏنوسين. هن
چيو ته،”سڀ شيون تازيون پچائينداسين، ان ڪري اڌ منو ڪلاڪ کن لڳندو، ان کان پوءِ
توهان هيٺ لهي اچجو ماني تيار هوندي“.
جڏهن اڌ منو ڪلاڪ کان به گهڻو وقت ٿي ويو ته اسان سڀ
هيٺ لٿاسين. هوٽل جي ڊائننگ ٽيبل تي اچي ويهي رهياسين. پر ماني ۾ اڃان به ٿوري دير
هئي. ماني تازي پچي رهي هئي. تقريبن ڏهن منٽن کان پوءِ لذيذ گرم گرم ماني ٽيبل تي
هئي. بک جي ڪري ماني ڏاڍي سٺي لڳي پر هون به ماني ڏاڍي لذيذ هئي. بل به ٻين هوٽلن
کان گهٽ آيو. ٽوٽل بل 19 ڊالر آيو هو، جيڪو تمام گهڻو مناسب هيو. ماني کائي واپس
پنهنجي ڪمري ۾ آياسين. جنيد ماني ۾ نه هيو. خبر ناهي هو ڪٿي هو ۽ ڪهڙن خفن ۾ هيو.
رابطي ۾ نه هيو.
مون کي مزو ٺپ نه پئي آيو. موبائيل جي خراب ٿي وڃڻ
جي ڪري منهنجو ٻيجل سان رابطو ڪٽجي ويو هو. انڪري ڪري مون کي اها ڳڻتي هئي ته ٻيجل
منهنجي باري ۾ پريشان ٿيندو هوندو. جاني دوستن سان رابطي ۾ هيو. مون جاني کي چيو
ته،”ڪيئن به ٻيجل جو نمبر هٿ ڪيو يا پرتاب جو نمبر ٻيجل کي ڏيو ته ان تي ڪال ڪري“.
پر مالديپ ۾ ٻيجل سان رابطو نه ٿي سگهيو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment