مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمود راجه


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)


----------------------
حافظ محمود راجه
----------------------
شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي سجاولي
سجاول شهر صوبو سنڌ ۽ سڄو ملڪ پاڪستان مسلم امت هڪ جيد بزرگ عالم دين عظيم شيخ الحديث ۽ مجاهد شخص جي زندگي جي برڪات کان محروم ٿي ويا. انا لله وانااليه راجعون
شيخ الحديث مولانا عبدالغفور صاحب قاسمي (المعروف سائين قاسمي) جي نالي کان ڪير ناواقف هوندا؟
سائين قاسمي صاحب جي پيدائش 1361هه مطابق 1942ع ۾ سجاول شهر جي ويجهو گجو ڳوٺ ۾ ٿي. سائين قاسمي صاحب جا استاد مولانا نور محمد سجاولي، مولانا عبدالله ميمڻ ... مولانا محمد نور، مولانا حبيب الله سمون صاحب هئا. سائين قاسمي صاحب دورو حديث جو بنوري ٽائون ڪراچي جي مدرسي عربيه اسلاميه ۾ پڙهيو.
جتي سائين قاسمي صاحب جا استاد مولانا سيد يوسف بنوري. مولانا محمد ادريس ميرٺي. مولانا مصباح الله شاهه وغيره هئا. بنوري ٽائون جي مدرسي ۾ تعليم دوران مولانا سيد بنوري صاحب جن سائين قاسمي صاحب جن کي گهڻو ڀائيندا هئا ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. حضرت سيد بنوري صاحب جن سائين قاسمي صاحب جي ذات ۾ بي پناهه علمي جوهر ۽ علمي لياقت کي محسوس ڪيو هو.
سائين قاسمي صاحب صوبه سنڌ ۾ حق جي نشاني طور سڃاتا ويندا هئا. باطل قوتن لاءِ اگهاڙي تلوار هئا.
علم ۽ عمل ۾ ته سائين جو مرتبو تمام گهڻو بلند هو، غريبن ۽ مسڪينن سان تمام گهڻو سهڪار ڪندا هئا. خاص ڪري ايمرجنسي موقعن تي تمام گهڻي مدد ڪندا هئا. سائين قاسمي صاحب جو سياسي تعلق، شروع کان پڇاڙي تائين جمعيت علماءِ اسلام سان رهيو. جمعيت علماءِ اسلام کي علماءِ حق جي جماعت ڪري مڃيندا هئا.
سائين قاسمي صاحب جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي مجلس شورا جا ميمبر ۽ صوبه سنڌ جا نائب امير به رهيا. پڇاڙي تائين جمعيت علماءِ اسلام صوبه سنڌ جا سرپرست هئا.
سائين قاسمي صاحب جو مولانا فضل الرحمان صاحب سان ذاتي گهرو ۽ خاص تعلق رهيو. پاڻ مولانا فضل الرحمان صاحب کي علماءِ حق جو نمائندو ۽ موجوده دور ۾ اڪابرين حق جي نشاني سمجهندا هئا. مولانا فضل الرحمان صاحب جن به بعض اهم موقعن تي سائين قاسمي صاحب سان مشورو ضرور ڪندا هئا. جنهن به جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان صاحب سائين قاسمي صاحب سان گڏ هوندا هئا ته جلسي جي انتظاميه کي چوندا هئا ته مون کان اڳ سائين قاسمي صاحب جو بيان ٿئي تان ته آئون سائين قاسمي صاحب جو بيان ضرور ٻڌان. مولانا فضل الرحمان صاحب پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ چيو ته “مون کي سائين سان محبت هئي ۽ سائين قاسمي کي مون سان محبت هئي.”
جڏهن تحريڪ انصاف طرفان بيروني ايجنڊا تي ميوزيڪل شو پيش ڪري ماڻهن کي گڏ ڪيو پي ويو ته ان جي مقابلي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي طرفان اسلام زنده باد ڪانفرنسون ڪري سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جو پيڇو ڪيو ويو هو ته ان موقعي ته به سائين قاسمي صاحب پنهنجي معذوري ۽ پوڙهپڻ هوندي به سڄي ملڪ ۾ ٿيڻ واري “اسلام زنده باد ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪري باطل خلاف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ۽ تحريڪ انصاف وارن کي سنئين سڌي ٻڌائي.
سائين قاسمي صاحب جون تقريرون سادن الفاظن ۾ ڏاڍيون پر اثر هونديون هيون. ڪنهن وڏي کان وڏي مسئلي کي مختصر جملن ۾ سمجهائڻ جي کين ڏات مليل هئي. جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان ٻه دفعا قومي ۽ هڪ دفعو صوبائي سيٽ تي اليڪشن ۾ به حصو ورتائون.
تحريڪ نظام مصطفيٰ، تحريڪ تحفظ ختم نبوت، تحريڪ ناموس رسالت ۽ امريڪي دهشت گردي خلاف تحريڪن ۾ سائين قاسمي صاحب جو وڏو ڪردار رهيو. ان کان علاوه ضلع بدين صوبه سنڌ ۾ “لواري حج” جي نالي چند گادي نشين لواري جي علائقي ۾ ڪوڙي حج لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف به سائين قاسمي صاحب پنهنجي استاد ۽ مرشد مولانا نور محمد  سجاولي صاحب ۽ ٻين عالمن سڳورن سان ٻانهن ٻيلي ٿي “لواري حج” خلاف تمام ماڻهن کي متحرڪ ڪيو ۽ جهاد جو اعلان ڪيو، هڪ دفعي جڏهن سائين قاسمي صاحب برطانيه ۾ ختم نبوت ڪانفرنس جي موقعي تي مولانا يوسف لڌيانوي صاحب سان هم سفر هئا ته بقول منهنجي ڀاءُ سعيد احمد راجا (جيڪو برطانيه جو رهاڪو آهي) جي ته جڏهن مولانا يوسف لڌيانوي صاحب، سائين قاسمي صاحب جا بيان ٻڌا ته چيائين ته لڳي ٿو ته قاسمي صاحب توهان کي ڪنهن وڏي بزرگ هستي جون دعائون آهن ته سائين قاسمي صاحب ڇيو “ها مون کي منهنجي استاد ۽ مرشد مولانا نور محمد سجاولي صاحب جون دعائون آهن. انهيءَ سفر ۾ مجاهد ختم نبوت مولانا الله وسايا صاحب به سائين قاسمي صاحب سان گڏ هئو. مولانا الله وسايا صاحب پاڻ هڪ دفعي سجاول ۾ تقرير ڪندي پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته “هن درويش جون تقريرون ايتريون ته پر اثر هيون جو مون به پنهنجو تقرير وارو مقرر وقت هن درويش (سائين قاسمي صاحب) کي ڏنو ته اهڙيون ڳالهيون وري ڪڏهن نصيب ٿينديون.”
شيخ التفسير مولانا غلام محمد سومرو جيڪو سائين قاسمي صاحب جو خاص رفيق آهي، سفر حضر ۾ اڪثر سائين قاسمي صاحب سان گڏ رهيا. فرمائي ٿو ته جڏهن آئون ۽ سائين قاسمي هندستان “دارالعلوم ديوبند” وياسين ۽ شيخ الحديث مولانا اسعد مدني جيڪي مولانا حسين احمد مدني صاحب جا فرزند هئا سان ملاقات ٿي ته مولانا اسعد مدني صاحب سائين قاسمي صاحب جي ملاقات ۾ علمي ڳالهين سان تمام متاثر ٿيا ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ پنهنجي مسند تي سائين قاسمي صاحب کي وهاريو.
سائين قاسمي صاحب استاد نور محمد سجاولي صاحب جي وفات کان پوءِ مولانا اسعد مدني صاحب سان بيعت ڪئي.
سائين قاسمي صاحب جا هزارين شاگرد سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن، جن سائين قاسمي صاحب کان علم ۽ عمل جو فيض حاصل ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ پنهنجي عظيم استاد جو مشن اڳتي وڌائي رهيا آهن.
ان کان علاوه مقامي خاص شاگردن ۾ مولانا محمد صالح الحداد صاحب مفتي نذير احمد عمراڻي صاحب، مولانا عيسيٰ سمون، مولانا حسين شاهه سجاولي، مفتي شفيع هنڱورجو، مولانا ابراهيم سومرو، مولانا عمرمڱسي، مولانا علي محمد مگسي، مولانا عبدالرئوف پنهور، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ، مولانا عبدالله نهڙي، مولانا سيف الله سومرو، مولانا عبدالڪريم کوسو، مولانا احسان الله چانڊيو، مولانا عبدالوهاب ڪرمتي، مولانا محمد سليم عاطف چانڊيو، مولانا محمد انور سومرو، مولانا غلام حسين ميمڻ، مولانا نجيب الله ميمڻ ۽ ٻيا آهن جيڪي پنهنجي علائقن ۾ باقائده اداره هلائي رهيا آهن ۽ پنهنجي استاد جو فيض ماڻهن تائين پهچائي رهيا آهن.
جامعه قاسميه ۽ مدرسه دار الفيوض الهاشميه مدرسن جا شيخ الحديث سائين قاسمي جن هئا، انهن جون هڪ سو جي ويجهو شاخون آهن.
ان کان علاوه تنظيم اصلاح المدارس جي نالي سان سو جي ويجهو مدرسه سائين قاسمي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ هئا. سائين قاسمي صاحب جي وفات 25 نومبر 2013ع بمطابق 20 محرم 1435 هه تي ٿي.
الله پاڪ، سائين قاسمي جي علمي عملي فيض کي مزيد اڃا به عام ڪري جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام نصيب ڪري، اسان سڀني کي پرخلوص نيت سان سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ اسان سڀني ۽ پوري امت مسلمه جي مغفرت ڪري..... آمين ثم آمين.


فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت