محنت ۾ عظمت



اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد ؐ جن جي زندگي اسان لاءِ ھڪ مثالي زندگي آھي. پاڻ ؐ ڪامياب زندگي گذارڻ جو نهايت سھڻو طريقو سيکاريو آھي. پاڻ ؐ  ھميشھ سچائيءَ، امانت ۽ محنت جي تلقين ڪئي آھي.

پاڻ سڳوراؐ پنهنجو سمورو ڪم پنهنجي ھٿن سان ڪندا ھئا. جتيءَ جو ڳنڍ ٽوپو ڪندا ھئا ۽ ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون ھڻندا ھئا. مسجد نبويءَ جي اڏاوت ۾ پٿر ڍويائون ۽ احزاب واري جنگ ۾ کاھي کوٽيائون.

الله تعاليٰ سوره بقره ۾ فرمايو آھي:
”اي انسانو! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آھن اُھي کائو.“

قرآن شريف ۾ الله جو ارشاد آھي:
”جڏھن توھين عبادت کان واندا ٿيو ته زمين ۾ ٽڙي پکڙجي وڃو ۽ محنت مزدوري ڪري الله جو فضل تلاش ڪريو.“

حضورؐ جن جو ارشاد آھي ته:

”سڀني کان پاڪ شيءِ جيڪا توھان کائو ٿا اھا توھان جي ھٿن جي ڪمائي آهي.“

ٻئي ارشاد ۾ پاڻ فرمايائون:
”پورھيت الله جو دوست آھي.“

ھڪ ڀيري ھڪ اصحابي سڳوري، حضورؐ جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول سڀني کان سٺو روزگار ڪھڙو آھي؟

پاڻ فرمايائون ته ”ماڻھوءَ جو پنهنجي ھٿن سان پورھيو ڪرڻ.“

پاڻ سڳورنؐ جو ٻيو فرمان آھي:

”جنهن شخص محنت ڪري حلال طريقي سان روزي ڪمائي. آخرت ۾ سندس چھرو چوڏھينءَ جي چنڊ جيان ھوندو.“

ھڪ ڀيري ھڪ انصاري پاڻؐ سان ھٿ ملايو ته حضور ؐ جن کي سندن ھٿ کھرو لڳو. پاڻ ؐ ان کان پڇيو ته ڇا ڪندو آھين؟

ھن جواب ڏنو ته محنت ڪندو آھيان. پاڻ ؐ ان جو ھٿ چميو ۽ چيائون ته ”اھڙي ھٿ کي باھ ڇھي نه سگھندي.“

الله سائين ۽ نبي ڪريمؐ جن تجارت، ملازمت، زراعت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ محنت ذريعي روزي حاصل ڪرڻ کي عبادت جو درجو ڏنو آھي.

انهي ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته دنيا جي سموري ترقي انسان جي ذھني ۽ جسماني محنت جو نتيجو آھي. ھي روڊ ۽ شاھراھون، عمارتون، پليون انجنيئرن ۽ مزدورن جي محنت جو نتيجو آھن. ڪارخانن جي پيداوار به مزور جي محنت جي ڪري آھي. ھيءُ اناج، داليون، ڀاڄيون ۽ ميوا ھاريءَ جي ڏينهن رات جي پورھئي جي ڪري ئي اسان کي حاصل ٿين ٿا. الله سائين اسان کي محنت جي عظمت سمجھڻ ۽ محنت سان زندگي گذارڻ جي توفيق بخشي. آمين.

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب