Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش

 

 

بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش

 

هاڻي منجهند جو وقت هو. دوستن کي بک به لڳي هئي. دوستن جو خيال هو ته ڪٿي ڪا ڪي ايف سي ڳولجي. ان ڪي ايف سي جي ڳولا ۾ مختلف گهٽيون مٽائيندا هلندا رهياسين. ڪيترن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئيسين، پر ڪنهن به نه ٻڌايو. هتي ڪي ايف سي هجي ته ماڻهو ٻڌائي به سهي. هڪ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه سمجهن نه پيا، ٻيو ته وري انگريزي به هتان جي ماڻهن جو مسئلو هئي. گوگل جي ٻڌائڻ تي به ڪنهن منزل تي نه پهتاسين. ڪنهن ٻڌايو ته ڪي ايف سي هتان کان تمام گهڻو پري آهي. توهان کي ٽيڪسي ڪرائڻي پوندي. پر پوئتي موٽڻ کان پاڻ اڳتي هلڻ کي ترجيح ڏنيسين. پنڌ ئي پنڌ. هل هلان. پاڻ مختلف مارڪيٽن کان ٿيندا. اڳتي وڌياسين.

رستي ته هڪڙي مڇي مارڪيٽ آئي. جنيد ته بنا هٻڪ جي ئي ان ۾ اندر گهڙي پيو. شايد هن کي مڇي جي ڌپ وڻندي آهي. يا وري اها ڌپ هن کي ڀانءِ پئجي ويئي آهي. پر مون سان ٻيو مسئلو آهي. مان ان گيٽ تان نڪ بند ڪري تڪڙو اڳتي نڪري ويس. اندر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه هئي. مون کي اها ڌپ صفا بيمار ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري اتي ته بيهڻ به منهنجي لاءِ مسئلو هيو. مختيار صاحب ۽ پرتاب مون کان اڳيان اڳيان هلي رهيا. اڳيان سائي ڀاڄي ۽ فروٽ جي مارڪيٽ نظر آئي. اسان کي ان خوشبو پاڻ ڏانهن ڇڪيو هو، اسان ان مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين. انب، انگور، ڪيلا، ناريل، پپيتو، زيتون، اناناس، صوف، ڇانهين ۽ ٻيو مختلف تازو پڪل ميوو پر هتان جي فروٽ جي ڪوائلٽي ڏاڍي سٺي ۽ معياري هئي. اسان گهڻو پنڌ ڪري آيا هئاسين. مون کي لڳي ٿو ته تقريبن ٽي ڪلو ميٽر کن پنڌ هيو. پنڌ ڪرڻ جي ڪري ڪافي ٿڪاوٽ ٿي هئي.

 نيٺ اچي مالديپ جي صدر جي آفيس اڳيان ڪبوترن واري چوراهي تي پهتاسين. هزارين پاريهر، ڪبوتر چوراهي تي چڳي رهيا هيا. ان جي چوڌاري شاندار پارڪ هيو. جنهن جي ڇٻر سهڻي نموني سان هتان جي مالهي سيٽ ڪري ڇڏي هئي. سامهون کان آرمي وارن جو به دفتر هيو. ان اڳيان وري پريزيڊنٽ جي آفيس هئي. ڪبوترن سان ڪچهري ڪندا، انهن سان دل بهلائيندا. ڦوٽو گرافي جو مزو وٺندا هلندا رهياسين. روڊ جي ٻي پاسي سي پورٽ هيو. جتي سامونڊي جهاز بيٺا هيا. نيوي وارن جو به هڪڙو وڏو جهاز صدر صاحب لاءِ بيٺو هيو. سو سنگت کي ساڻ ڪري گوگل جي مدد سان ڪي ايف سي جي تلاش ۾ رهياسين. پر ڪٿي به ڪي ايف سي جو نالو نشان نظر نه آيو.

جڏهن مالديپ جي صدر جي آفيس اڳيان گذرياسين ته اتي ڪنهن به قسم جو ڪو به خاص پروٽوڪول نظر نه آيو. صدر صاحب جون ٻه گاڏيون مالديپ جي جهنڊي سان بيٺيون هيون ۽ انهن جي ڀرسان فقط ڊرائيور بيٺا هيا. اسان لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته صدر جي آفيس اڳيان ڪا به پوليس موبائيل، نه رينجرس جي گاڏي يا ڪو فوج جو دستو نظر نه آيو. ان کان علاوه نه ئي ڪو هٿيار سان ماڻهو نظر آيو ۽ ڪا به سيڪيورٽي نظر نه آئي.

اسان ڇهه ڄڻا اجنبي اتي ڦوٽو ڪڍندارهياسين. پاسي ۾ مين روڊ جي ٽريفڪ روان دوان هئي. نه روڊ بند ڪيو ويو هو ۽ نه ئي وري سيمينٽ جا ڪي بيريئر لڳل هيا ۽ نه ئي وري ڪي خاردار تارون وڇايل هيون. نه ئي ڪا چيڪنگ، نه ئي وري ڪا روڪ رنڊڪ. اسان ان جاءِ تي ڪافي دير تائين بيٺا ڦوٽو ڪڍرائيندي، وڊيو ٺاهيندا رهياسين ۽ هيڏي هوڏي ڦرندا رهياسين پر ڪنهن به اسان کان اهو نه پڇيو ته توهان مشڪوڪ ٿا لڳو. توهان هتي ڇا ٿا ڪيو. ڪٿان جا آيو ۽ ڪير آهيو يا هتي ڇو آيا آهيو وغيره وغيره.

 مطلب ته ايئن لڳو ته صدر جي آفيس به ڪنهن عام ماڻهو جي آفيس آهي، جيڪا ڪنهن عام پبلڪ جي جاءِ تي آهي. جتي هر ڪو ماڻهو آساني سان پهچي سگهي ٿو.

اسان وٽ سنڌ سيڪٽريٽ آهي، جتي به مين گيٽ تي گارڊ ويٺا هوندا آهن پر هتي ته نه گارڊ، نه پروٽول. نه اسڪوٽرن جي قطارون، نه ڙو ڙو ڙو جا مٿي ۾ سور وجهندڙ سائرن/ آواز. نه پوليس وارن جون رڙيون ته پري ٿيو، پري ٿيو، صاحب ٿو اچي. نه روڊ بلاڪ، نه ٽريفڪ لاءِ آزار.

صدر جي آفيس جي پويان واري روڊ سان جيڪا عمارت نظر اچي رهي هئي ان ۾ شاهي محلات وارا منارا ڪنهن محلات جو ڏيک ڏيئي رهيا هيا. اسان ته هاسيڪار به وڃي صدر جي گاڏي جا اڳيان پويان پيا ڦرون، اتي موجود وردي وارن ڊرائيورن کي چيڙائڻ جي ڪوشش پيا ڪيون ته من پڇي وجهن ته توهان ڪير آهيو، پر نه ڪنهن به اسان ڏي ڌيان ئي نه ڏنو.

هاڻي ته بک جي ڪري بُرو حال ٿي ويو هو. ڪي ايف جي چڪر ۾ مورڳوئي سر ٿي ويو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more