Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

گُرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي

  

گُرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي

 

گورائيدو (Dhivehi) مالديپ ۾ ڪافو اٽول Kaffu Atoll جو هڪڙو رهائشي ٻيٽ آهي. گورائيدو ٻيٽ هڪ ڪلو ميٽر کان به گهٽ آهي. يعني 0.62 ايم آئي ڊگهو ۽ ويڪرو. اهو مالي اٽول جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. جيڪو مالي ايئرپورٽ کان 391 ڪلو ميترن جي مفاصلي تي آهي. اتي پهچڻ جو بس هڪڙو ئي رستو ٻيڙي جي ذريعي ئي آهي. هي ٻيٽ سرفنگ ۽ ٽرٽل سنورڪلنگ، ڊالفينس، واري جي دڙن، ٽٻي ڏيڻ واريون جايون ۽ ڊالفن جي پٺي تي سواري ڪرڻ جي ڪري گهڻو مشهور آهي. هتي پبلڪ فيري MTCC مالي کان 2 ڪلاڪ ۽ 15 منٽ وٺندي آهي. جڏهن ته اسپيڊ واري ٻيڙي فقط 45 منٽ وٺندي آهي. اسپيڊ فيري گرائيدو کان مالي ويندي آهي ۽ مالي کان گرائيدو ويندو آهي. مالي کان گرائيدو روزانو ٽي فيريون نڪرنديون آهن. اها پبلڪ فيري ايم ٽي سي سي فيري نمبر 309 آهي. فيري جو ڪرايو 22 مالديپي روفياآهي. گرائيدو ٻيٽ کان 7 وڳي صبح جو نڪرندي آهي ۽ مالي کان اڍائي وڳي منجهند جو نڪرندي آهي.

هي ٻيٽ چئن پاسن کان ناريلن، ڪيلن جي وڻن، کجين جي وڻن ۽ ساوڪ سان گهيريل آهي. روڊ ڪچا آهن. هتي جيڪو شهر اڏيل آهي اهو سڄو منصوبي تحت ئي اڏيل آهي. هر گهر جي اڳيان ٽي چار لوهي ڪرسيون واڻيل رکيل آهن. جتي سج لٿي مهل يا ٽيپهري کان پوءِ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري گهٽين ۾ ويهي ڪچهري ڪن ٿا. هر گهر جي اڳيان ساوڪ، گلن جا ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا ٻوٽا پوکيل آهن. هتان جا ماڻهو مرد توڙي عورتون ٻنهين جا رنگ سانوارا يا مشڪي آهن. ڪنهن به گهر جي اڳيان کليل گٽر، نالي نظر نه آئي. سڀ زمين جي هيٺان هيا. بجلي جون تارون به نظر نه آيون ۽ نه ئي وري واٽر سپلاءِ جون لائينون يا وري سئي گيس جون لائينون ڪٿي به ٻاهر نڪتل نظر آيون. هتي اهو رواج هيو ته هر گهر جو ڀاتي گهر کان ٻاهر گهٽي ۾ ئي پنهنجا جوتا لاهي پوءِ اندر گهر ۾ گهڙندو. جوتا گهر ۾ اندر يا ڪمرن ۾ نه هوندا بلڪ گهر کان ٻاهر. گرائيدو ۾ هڪڙو سرڪاري اسڪول به آهي ته ٿاڻو به. هر ٻيٽ جي ٿاڻي ۾ پنج پوليس وارا آهن. هڪڙو آفيسر ۽ ٻيا سپاهي.

 هتان جي ماڻهن جو اڳ ۾ ڪاروبار ماهيگيري هيو. جيڪو هاڻي صفا گهٽ ٿي ويو آهي. پرهتان جا جهونا ان ڪم ۾ اڄ به رڌل نطر اچن ٿا. جڏهن ته هتان جي نئين ٽهيءَ جو سڄو ڌيان ۽ توجهه جو مرڪز هتان جي سياحت تي آهي. هتي هڪڙي وڏي مسجد به آهي جتي مون کي سومهڻي جي نماز پڙهڻ ۽ پيش امام سان ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل آهي. هتان جي رهائشي هوٽلن جا اگهه ڪافي گهڻا آهن. ڪن جا اگهه 70 ڊالر ته ڪنهن جا 50 ڊالر، اسان کي جيڪا هوٽل ملي ان جو اگهه 22 ڊالر في ڊبل بيڊ روم مليو هو. هتي گرائيدو سامونڊي بيچ به آهي، جتي شام جو اڪثر ڪري غيرملڪي سياح، چڍا پائي، سمونڊ جي ڪناري سان تڙڳندي توهان کي نظر ايندا.

هتان جي سامونڊي ڪنارن تي موجود پاڻيءَ جو رنگ فيروزي ۽ نيرو آهي. جڏهن ته سمونڊ جي جن ڪنارن تي پاڻي گهرو آهي اتي ان جو رنگ ڪارو ٿيو وڃي. هتان جا سڀ ماڻهو انگريزي نه پيا سمجهن. جڏهن ته ڪي ماڻهو خاص ڪري هوٽلن وارا ٿوري گهڻي انگريزي ڳالهائي ڪم ٽپائين پيا. هتان جي هوٽلن ۾ اڪثر ڪري اسٽاف ٻاهرين ملڪن جو آهي، نيپال، بنگلاديش، انڊيا ۽ پاڪستان. ڏاڍو آئڊيل ٻيٽ آهي. تمام گهڻو انگريز/گورو فيملي سان لٿل نظر آيو. هوٽل جي روم ۾ گيلري هئي، جتان گهٽي نڪري پئي. سامهون کان جنرل اسٽور هيو. جڏهن ته هڪڙو تمام وڏو وڻ فروٽ جهليو بيٺو هو. انب کان به وڏو، يا ته هي durian جو وڻ هيو يا ٻيو ڪو. ٿڪاوٽ جي ڪري رات جو سمهڻ کان پوءِ گهري ننڊ اچي ويئي. ڇو ته ڪمري ۾ پُرسڪون ماحول هيو. سڄي رات اي سي هلي رهي هئي. هڪڙي منٽ لاءِ به لائيٽ نه ويئي هئي. ڪمرو ڪولنگ جي ڪري چل ٿي ويو هو. رات جي پوئين پهر ته مون کي اي سي کي بند ڪرڻو پئجي ويو هو. جيئن ته صبح جو اسان کي مافوشي Maafushi ٻيٽ تي گهمڻ لاءِ وڃڻو هو. ان لاءِ اسان کي ستين وڳي واري فيري پڪڙڻي هئي. جيڪا اسان واري گرائيدو ٻيٽ کان فڪس ستين وڳي نڪرڻي آهي، سو پهريئن رات ڏاڍي پرسڪون ۽ راحت بخش گذري.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more