Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

آزاديءَ کان پوءِ

آزاديءَ کان پوءِ

 

او شال آزادي اچي چوڏهين چنڊ جيان،

رهندي رات اڃان ڪارونجهر تي ڪيترو.

(شيخ اياز)

ڪنهن به ملڪ جي آزادي، ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڪيڏي وڏي نعمت آهي. سو انگريز سامراج ڌرتي تي ڪٿي ڪٿي نه پهتو آهي. پرائي زمين کي پنهنجو ڪري ويهي رهڻ، ان ڌرتي جي ماڻهن تي پنهنجي حڪمراني ڪرڻ، انهن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائڻ، اهو ڪيڏو ظلم آهي. سو ان جبر، ظلم جي رات کڻي ڪيڏي نه ڊگهي ڇو نه هجي پر نيٺ ته صبح ٿيڻو آهي، نيٺ ته ڪو ڀڳت سنگهه پيدا ٿيڻو آهي، نيٺ ته ڪو روپلو ڪولهي ڄمڻو آهي، سو مالديپ ۾ به آزاديءَ جو سج اڀريو.

برطانوي راڄ 1950ع جو گانGan نالي جزيري کي پنهنجي ايئر بيس جي استعمال لاءِ مالديپ حڪومت سان سو سالن جو معاهدو ڪيو ۽ ان مد ۾ ٻه هزار پائونڊ ساليانو ادا ڪندا هئا. پر 1957ع جو ان معاهدي جي مدت کي گهٽ ڪري، ان رقم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي گانGan جزيري جا ماڻهو جيڪي برطانيا جي موجودگي جو مالي فائدو وٺي رهيا هيا، اهي ان فيصلي جي خلاف اٿي بيٺا ۽ مالديپ کان الڳ ٿي بيٺا ۽ پنهنجي رياست نالي متحده جهموريه سوئيديو نالي جوڙي ورتي.

 1962ع جو ابراهيم ناصر هن علائقي کي مقامي پوليس جي ذريعي ٻيهر ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ معاهدي جي رقم ست لک پائونڊ طئي ڪري ٽيهه سالن تائين ايئربيس کي برطانيه جي حوالي ڪيو. ويهين صدي جي شروعات ۾، دنيا ۾ نمودار ٿيندڙ نئين تبديلين جي ڪري ۽ مختلف علائقن ۾ آزادي جي جدوجهد جي تحريڪن برطانوي سامراج کي ڪمزور ڪري وڌو. جنهن جي ڪري برطانيه مالديپ ۾ پروٽيڪشن ايگريمينٽ کان به هٿ کڻي ويو ۽ 26 جولاءِ 1965ع جو برطانيه رايل ايئربيسRAF واري معاهدي کان به مالديپ کي آزاد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته برطانيه پنهنجو هي ايئر بيس 1976ع ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هتي گان جي نالي سان ايئرپورٽ آهي. اهو معاهدو سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ ٿيو هيو.

آزادي کان پوءِ 1968ع ۾ آدمشماري جي دوران سلطنت کي جهموريه مالديپ بڻايو ويو ۽ ملڪ جو نئون آئين ترتيب ڏنو ويو. جنهن مطابق ابراهيم ناصر ٻيهر چئن سالن جي عرصي تائين آزاد جهموريه مالديپ جو پهريون صدر چونڊيو ويو. 1975ع ۾ برطانيا پنهنجو ايئربيس استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سري لنڪا سان مڇيءَ جي ڪاروبار ۾ گهاٽي جي ڪري ملڪ جا معاشي حالات خراب ٿيڻ لڳا. جنهن جي ڪري عوام روڊن تي نڪري آئي. ابراهيم ناصر سنگاپور هليو ويو. بعد ۾ هن تي اپوزيشن الزام هنيا ته هن حڪومت ۾ ڪرپشن ڪئي، پر هن تي ڪو به الزام ثابت نه ٿي سگهيو، ڇو ته هنن وٽ ڪو به ثبوت نه هيو. ابراهيم ناصر جي ياد ۾ گادي جي هنڌ مالي ۾ ابراهيم انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو رکيو ويو، جنهن کي مالي ايئرپورٽ به چئجي ٿو. 1978ع واري اليڪيشن ۾ اقوام متحده ۾ مالديپ جي سفير مامون عبدالغيوم کي مالديپ جو صدر ڪيو ويو. جيڪو 2008 تائين ملڪ جو صدر هيو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more