اصطلاح - مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون سنڌيڪار جوھر بروھي

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار
جوھر بروھي

اصطلاح
علم مثلث
:
اھو علم جو ٽه گونيا بڻائي ڪنھن سطح کي ڪڇي سگھجي. زاوين جي پيمائش جو علم.
زاويه جيب
:
ٻن لڪيرن جي ملڻ سان جڙندڙ لڪير. جيئن V.
مُمَاس
:
ھڪ لڪير کي ٻي ڇُھي گذرندڙ لڪير.
اُصطُرلاب
:
ھڪ اوزار جنھن جي ذريعي ستارن جي بلندي، ھنڌ، گردش ۽ رفتار جي ڄاڻ ملي.
مَدو جزر
:
چنڊ جي ڪشش (ايام البيض) تي سمنڊ جي پاڻيءَ جي لاٿ ۽ چاڙھ يعني جوار ڀاڱا
علم عِمرانيات
:
ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي (آبادي) جي اصولن جو علم ۽ سوشيالاجي.
معاشره
:
اھا جماعتي زندگي، جنھن ۾ ھر فرد کي رھڻ، پنھنجي ترقي ۽ سٺي رھڻي ڪھڻي لاءِ ٻين سان واسطو پوندو ھجي.
خلياتي
:
جسم جو مختصر ترين خانو
شفق
:
سج اڀرڻ ۽ لھڻ وقت جي ڳاڙھاڻ
حاده
:
اقليدس جي اصطلاح ۾، اھو زاويه (ڪنڊ) جيڪو زاويه قائمه يعني 90 درجي کان گھٽ ھجي.
ڪره باد
:
ھوا جو اھو مجموعو، جيڪو زمين جي گولي جي چوڌاري بلند ھوندو آھي.
عرض البلد
:
اھا خيالي ليڪ، جيڪا خط استوا جي برابر ڇڪي وئي آھي.
طول البلد
:
ڪنھن ھنڌ جو فاصلو جيڪو نصف النھار جي لڪير کان معلوم ڪجي.
خط استوا
:
اھا فرضي ليڪ جيڪا زمين جي چوڌاري، ٻن قطبن جي وچ ۾ مڃي وڃي ٿي. ھي ليڪ اوڀر کان اولھھ طرف فرض ڪئي وئي آھي. جڏھن سج ان ليڪ تي پھچندو آھي ته ڏينھن ۽ رات برابر ٿين ٿا.
الجبرا
:
علم جبرو مقابله، حساب جي ھڪ شاخ جو نالو
رصدگاھ
:
ستارن جي گردش ڏسڻ لاءِ جوڙيل مقرر جاءِ.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت