بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
هاڻي پاڻ بڪني بيچ تي اچي پهتا هياسين. سامهون کان
ناريلن جي ڊگهن وڻن جي ڇانوَ ۾ قدآور انگريز مرد ۽ انهن جون ڊگهيون عورتون، واري
تي رکيل ڪرسين تي بي خوف ۽ بي خطر ٿي ليٽيل ته ڪي ستل نظر آيا. ته ڪي وري سمونڊ جي
صاف شفاف نيري پاڻي ۾ وهنجندي، سمونڊ جي رونقن ۾ ڇڙواڳ ڇولين کي دعوت حسن ڏيئي
رهيا هيا.
پرتاب ۽ سائين مختيار ڦوٽو گرافي ڪندي گهڻو پرتي
پرئين پاسي نڪري ويا هيا. عجب مون کي ڦوٽوگرافي لاءِ قابو ڪري وڌو هو. ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن
محبتن ۽ هجتن جي ور چڙهي ويندو آهي، پوءِ انڪار به نه ڪري سگهندو آهي. مون وٽ
منهنجي موبائيل ڪانه هئي، جو مان پنهنجا يا ٻين دوستن جا ڦوٽو ڪڍان. مون موبائيل اڃان
آن نه ڪئي هئي. سوچيو هيم ته هتان واپسي ۾ وڃي موبائيل کولي ٻيجل سان رابطو ڪندس.
عجب جا جيڪي ڦوٽو ڪڍان پيو، هو پنهنجي ڪنهن به ڦوٽو تي مطئمن نه پيو ٿئي. هو
پنهنجي موبائيل جي ڪيمرا جو فوڪس ۽ اينگل سيٽ ڪري پوءِ موبائيل منهنجي حوالي ڪندي،
هدايتون ڏيئي پيو ۽ چوي پيو ته،”هتان هن اينگل کان بيهي، هن انداز سان ڦوٽو ڪڍو“.
هڪڙي ڦوٽي ۾ گهٽ ۾ هڪ اڌ منٽ لڳي پئي پيو. مون کي
اچي بيزاري ٿي ته پاڻ هڪڙي منٽ ۾ ته ويهه پنجويهه ڦوٽو ڪڍي وڃون پر هي همراهه هڪڙي
ئي ڦوٽو تي ڦاٿل آهي. هن جو پنهنجو معيار هيو. هر ڦوٽو جو اينگل سيٽ ڪرڻ. هر ڦوٽو ڪڍڻ
کان پوءِ وري چيڪ ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهه اسان کي ڪٿي پيو پڄي.
”نه يار مزي
وارو ڦوٽو نه آيو“.
هو ڪٿي ڪٿي شڪايتي لهجي ۾ به چئي پئي ويو. جنهن تي
مان هن کي عرض ڪيو ته،“قبلا! مون ڦوٽوگرافي جو ڊپلوما نه ڪيو آهي، جهڙو ڦوٽو اچي ٿو،
اهو ئي اٿو”.
سائين مختيار ۽ پرتاب گهڻو اڳتي نڪري ويا هيا. هڪڙي
انگريزياڻي اسان جي سامهون سپون ميڙي رهي هئي. هوءَ خاموش هئي ته سمونڊ به خاموش
هيو. خاموشيءَ ۾ خاموشي جو ماحول جڙي ويو هو. پر پوءِ به مون کي لڳو ته هن سان
سمونڊ جون ڇوليون محو ڪلام آهن. هن جي ويجهو وڃي بيهي رهيس، دل چيو ته هن سان اندر
جي ڳالهه ڪيان ته مائي منهنجي هن يار کان جان ڇڏائي“؟. پر پوءِ اڃان ان ئي سوچ ۾
هيس ته عجب يوسف منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چوڻ لڳو،”سائين! هي پوز ڀلا ڪيئن آهي، هي
سمونڊ جو بئڪ گرائونڊ اچي بس“. ڪناري تي پاڻي کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا پٿر رکيا ويا
هيا ۽ انهن جي مٿان ڪاري رنگ جو تيل هاريو ويو هو ته جيئن سمونڊ جو پاڻي انهن پٿرن
کي نه کائي سگهي. دنيا ۾ لوهه اها شي آهي، جيڪو هر شيءَ کي ڪاٽي ڇڏي ٿو، وري ان جي
مٿان باهه آهي، جيڪا لوهه کي به ڳاري، رجائي ڇڏي ٿي، باهه وري هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري
ڇڏي ٿي. ساڳي ريت وري باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻي آهي، جيڪو باهه کي به وسائي ڇڏي. اهڙي
ريت وري انسان اهو آهي، جيڪو پاڻي کي به پي وڃي ٿو. سو هن بيچ يا ٻيٽ جي سامهون ٻيا
به ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ نظر اچي رهيا هيا.
سو مون کي
جڏهن گهڻي خفت ٿي ته مان به تڪڙو اڳتي نڪري ويس. عجب به منهنجي پويان پويان ڊڪندو
آيو. مون ڪوشش ڪئي ته هن کي ڦوٽو ڪڍڻ ۾ نظر انداز ڪيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا ڦوٽو هن
کي نه پيا وڻن. سو مون وڃي پرتاب جو پاسو ورتو. پر هي اتي به پهچي ويو ۽ مان اتان
وري وڃي سائين مختيار جو پاسو ورتو، جيڪو اڪيلو اڪيلو پئي گهميو. پيارو عجب به اچي
پرتاب کي لڳو ته منهنجون تصويرون ڪڍ. مان شڪر ڪيو ته هاڻي پرتاب پاڻهي منهن ڏيندو.
مون سائين مختيار صاحب جون تصويرون دل سان ڪڍيون ته هن منهنجون. ٻنهين هڪٻئي جون
پئي تصويرون ٺاهيون. مختيار صاحب جي موبائيل جي رزلٽ ڀلي آهي. ان ڪري هن جون
تصويرون سُٺيون پئي آيون. مختيار صاحب فقير ماڻهو آهي تصويرن جي معاملن ۾ هو بلڪل
سڌو آ. تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه ٽي ڪلڪ ڪري ڦوٽو گرافي جو شوق پورو ڪندو آ. هن جي هُن کي ڳڻتي
نه هوندي آهي ته تصوير ڀلي نڪتي، يا خراب. ڪا ڳالهه ناهي. پر عجب جي ڦوٽوگرافي جو
داستان به عجيب هيو. جيڪو منهنجي سمجهه کان گهڻو ٻاهر هيو. شايد پرتاب سمجهي ويو
هوندو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment