سُر سارنگ - داستان چوٿون
سُر
سارنگ
داستان
چوٿون
1
سَڄَڻَ
سانوَڻَ مِينھَن
جِئَن، جُھڻِڪَنِ
پاسي جھوڪَ؛
ڏِيندا
پاهُ پَٽَنِ
کي، مَنجھان
مِينھَن موڪَ؛
لَسَ
پِيارِينِ لوڪَ،
آگَمَ ڪَيو
اَکِيُنِ سين.
2
واھُندان
وِڄُون ٿِـيُون،
کِڙِيُون ڏَنھن
کَنڀاتَ؛
ڪُنڍِيُون
ڪاھي گَسِ
ڪَرِيو، وَڇُون
ڪَرِيو واٽَ؛
سَنگھارَنِ
سُکُ ٿِيو،
لَٿِي اُڃُ
اُساٽَ؛
جُھڙُ
ڦُڙُ ڏيئي
جھاتَ، پُسائِينديُون
پَٽـيُون.
3
سَڄو
صافُ نه
اُڀِري، سَرِلي
وِچان سِجُ؛
مُنھُن
چَڙِھيو ماڙھن
کي، ڏِئي
وڌايُون وِڄُ؛
ھِنئَڙا!
کَپُ مَ
کِجُ، سِگھا
مِلَندَءِ سُپِرين.
4
ڍَٽِ
ڍَرِي پَٽِ
پيئِيُون، ٿِيا
وَلھارَنِ وِيَ؛
سِڄُ،
چَنڊُ نه
پاڙِيان، سيڻَنِ
جي شَبِيہَ؛
جي
جانِي اَندَرِ
جِيءَ، سي
پِرِين پيھِي
گَھرِ آئِيا.
5
ڍَٽِ
ڍَري پَٽِ
پيئِيُون، وِڄُنِ
ڪَيا ڌَرَمَ؛
واحِدَ
وَڏائِي ڪَيا،
ڪُنڍِنِ ساڻُ
ڪَرَمَ؛
سَنگھارَنِ
شَرمَ، رَکُ
مُنھنجا سُپِرين!
6
موٽِي
مانڊاڻِ جِي،
واري ڪَيائِين
وارَ؛
وِڄُون
وَسَڻ آئِيُون،
چَؤڏِس ۽
چَوڌارِ،
ڪي
اُٿِي ويئِيُون
اِسِتَنبولَ ڏي،
ڪي مَڻِـيُون
مَغرَبَ پارَ؛
ڪي
چِمِڪَنِ چِينَ
تي، ڪي
لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ
سارَ؛
ڪي
رَمِي ويئِيُون
رومَ تي،
ڪي ڪابُلَ،
ڪي قَنڌارَ؛
ڪي
دَھلِيءَ، ڪي
دَکَنِ، ڪي
گُڙَنِ مَٿي
گِرِنارَ؛
ڪَنھِين
جُنبِي جيسَلمِيرَ
تان، ڏنا
بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين
ڀُڄُ ڀِڄائِيو،
ڪَنھِين ڍَٽَ
مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين
اَچي اَمرَ
ڪوٽَ تان،
وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ!
سَدائِين ڪَرِين،
مَٿي سِنڌُ
سُڪارَ؛
دوسَ!
مِٺا دِلدارَ،
عالَمُ سَڀِ
آبادِ ڪَرِين.
7
موٽِي
مانڊاڻِ جِي،
جُڙي ڪَيائِين
جوڙَ؛
وِڄُون
وَسَڻَ آئِيُون،
ٻَہِ ٻَہِ
ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ
جا عالَمَ
۾، لَکين
ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ
لاتي سوڙَھ،
ساندَهِ سُھائو
ٿِيو.
8
حُڪُمُ
ٿِيو بادَلَ
کي، ته
سارَنگَ ساٺَ
ڪَجَنِ؛
وِڄُون
وَسَڻَ آئِيُون،
ٽَہَ ٽَہَ
مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ
مَھانگو لَهِي
ميڙيو، سي
ٿا ھَٿَ
ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ
مَنجھان پَندِرھَن
ٿِيا، اِئَن
ٿا وَرِقَ
وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا
ڏيہَ منا،
شالَ مُوذي
سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي
وَڏي وَسَ
جُون، ڪَيُون
ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ
چوي سَڀنِ،
آهِ توهِ
تُنھنجِي آسِرو.
9
اَندَرِ
جُھڙُ جُھورِ
وَھي، ٻَھَرِ
ڪَڪَرُ نه
ڪوءِ؛
وَسائِيندي
وِڄُڙي، حُبَّ
جنِين کي
ھوءِ؛
لالَنُ
جنِين لوءِ،
تن اوڪاڻِين
نه اَکــيُون.
10
آگَمِجِي
آئِيُون، اُتَران
ڪَري اُورِ؛
جي
پِرين ھُئَڙا
ڏُورِ، سي
مُون کي
مِينھَن ميڙيا.
وائي
آئِي
مُندَ مَلارَ،
آئون کُھِنبا
ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
وَسَڻَ
جا ويسَ
ڪَيا، اَڄُ
مُنھنجي يار؛
لارَ
لائِيندي وَڇُڙا،
ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا
وارَ؛
پَکي
آءُ پِريِن
تُون، لَہُ
مُنھنجِي سَيّدُ!
سارَ.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment