ٻرڻ جي عمل ۽ ساھ کڻڻ جي عمل ۾ ڪھڙو فرق آھي؟

جيو گھرڙن ۾ ساھ کڻڻ (Cellular respiration)
جيو گھرڙن ۾ موجود انزائيمس (Enzymes) جي مدد سان ٿيندڙ عمل جنھن جي نتيجي ۾ کاڌي جي آڪسيجڻ ڪري توانائي نيڪال ٿئي انھيءَ عمل کي جيو گھرڙن ۾ ساھ کڻڻ چئبو آھي.

اي ٽي پي ۽ اي ڊي پي  (ATP & ADP)
اي ٽي پي توانائي جا ماليڪيول آھن جن مان توانائي خارج ٿيڻ بعد رھيل خالي کوکو اي ڊي پي سڏبو آھي جيڪو وري نئين فاسفيٽ سان ملي اي ٽي پي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

خميرجڻ (Fermentation)
ڪجھ جيوڙن  ۽ مُفت خورن ۾ آڪسيجن کان بغير ساھ کڻڻ جو عمل ٿيندو آھي انھيءَ کي خميرجڻ چئبو آھي.

روشنائي ترڪيب (Photosynthesis)
ٻوٽن ۾ سائي مادي ۽ سج جي توانائيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻيءَ مان کاڌو تيار ٿيڻ وارو عمل روشنائي ترڪيب جو عمل سڏبو آھي.

برونڪائيٽس (Bronchitis)
ساھ جي نالين ۾ ٿيندڙ سوزش وري بيماريءَ کي برونڪائيٽس چئبو آھي جنھن جو سبب بئڪٽيريا جو نالين ۾ داخل ٿيڻ يا سگريٽ ڇڪڻ آھي.

ٻرڻ جي عمل ۽ ساھ کڻڻ جي عمل ۾ ڪھڙو فرق آھي؟
ٻرڻ جي عمل (Combustion) ۾ ڪاٺيون، ڪوئلو يا گئس وغيرھ آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ ٻري توانائيءَ سان گڏ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي نيڪال ڪن ٿيون ساھ کڻڻ جي عمل ۾ وري کاڌي ۾ موجود توانائيءَ سان ڀرپور نامياتي پيچيدا جُزا آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ ٻرن ۽ ڳرن ٿا جنھن جي رد عمل ۾ توانائي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي حاصل ٿين ٿا.
ٻرڻ وارو عمل ھڪ ئي ڌڪ ۾ مڪمل ٿي سموري توانائي گرميءَ جي صورت ۾ نيڪال ڪري ٿو جيڪا پوءِ استعمال ٿي ماحول ۾ ملي ضايع ٿي وڃي ٿي جڏھن ته ساھ کڻڻ جو عمل ھڪ کان وڌيڪ مرحلن ۾ ڪجھ مخصوص انزائيمس جي مدد سان آھستي آھستي اي ٽي پي جي صورت ۾ توانائي جمع ڪري ٿو ۽ ڪجھ گرميءَ جي صورت ۾ نيڪال ٿئي ٿي.

روشنائي ترڪيب ۽ ٻرڻ جي عمل ۾ ڪھڙو فرق آھي؟
1)               روشنائي ترڪيب ۽ ٻرڻ جو عمل ٻئي ڪيميائي عمل آھن جيڪي ھڪٻئي جي اُبتڙ آھن.
2)               روشنائي ترڪيب توانائي خرچ ڪندڙ عمل آھي ۽ ٻرڻ جو عمل توانائي نيڪال ڪندڙ عمل آھي.
3)               روشنائي ترڪيب جو عمل صرف ڏينھن جو ٿئي ٿو ۽ ٻرڻ جو عمل ھر وقت ٿئي ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت