سگھارن ۽ تندرست ماڻھن جو راز

سگھارن ۽ تندرست ماڻھن جو راز
حڪيم نور محمد کتري

شخصي حفظان صحت
تاريخ ھن ڳالھ جي شاھد آھي ته دنيا ۾ اھي ئي قومون پنھنجي وجود کي قائم رکي سگھيون آھن. جن جا فرد تندرست ۽ سگھارا ھجن. اھو ئي سبب آھي جو ھيءَ چوڻي مثال بنجي چڪو آھي، ته صحتمند قومن لاءِ صحتمند فردن جو ھجڻ ضروري آھي. ھر فرد پنھنجي روزمرھ جي زندگي کي تڏھن سرانجام ڏيئي سگھندو آھي، جڏھن ھو صحتمند ھجي.
شخصي صحت جي حفاظت مان مراد اھي اصول ۽ قانون جن تي عمل ڪندي انسان پنھنجي ذاتي صحت کي برقرار رکي سگھندو آھي. ھڪ اھڙو انسان جيڪو تندرست نه ھجي اھو انھن سڀني ڪمن کي جيڪي ھن کي سرانجام ڏيڻا ھجن صحيح نموني پورا نه ڪري سگھندو آھي. ھر فرد جيڪڏھن پنھنجي ذميواري کي پورو نه ڪري سگھي ته انھيءَ ڳالھ جو بخوبي اندازو ڪري سگھبو آھي ته گڏيل طور تي اھڙي قوم جو مستقبل قومن جي ڊڪ ڊورڙ ۾ ڪھڙو ٿي سگھندو آھي.
شخصي صحت سان ھي مقصد به نه آھي ته ھر ماڻھو رستم ۽ سھراب ھجي پر ان مان ھي مراد آھي ته قوم جو فرد گھٽ ۾ گھٽ انھيءَ قابل ھجي جو ھو زندگي جي ڪمن ڪارن کي سھڻي نموني پورو ڪري سگھي ۽ قومي زندگي ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي ته جيئن قوم پنھنجي آزادي ۽ وقار برقرار رکي سگھي.
انھيءَ ٿورڙي ڳالھ کان پوءِ ان ڳالھ جو جائزو ورتو ويو آھي ته بنيادي طرح سان شخصي صحت جي حفاظت لاءِ اسان کي ڪھڙين ڳالھين تي توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي. انھي سلسلي ۾ اسان شخصي صحت کي ٻن اھم حصن ۾ ورھائي سگھون ٿا.
1.  شخصي صحت جي حفاظت لاءِ انفرادي يا شخصي ضرورتون.
2.  شخصي صحت جي حفاظت لاءِ معاشرتي يا گڏيل ضرورتون.
معاشرتي يا اجتماعي صحت جي حفاظت لاءِ گھٽ ۾ گھٽ جن ڳالھين ڏانھن توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي. اھي ھيٺين ريت آھن.
1.  ھوادار ۽ پاڪيزه رھائش
2.  خالص ۽ متوازن غذاءَ
3.  خالص ۽ مفيد مشروبات
4.  آرام ۽ سڪون جا موقعا
5.  واندڪائي جي وقت جو صحيح استعمال ۽ تفريح وغيرھ.

1.  ھوادار ۽ پاڪيزه رھائش:
شخصي صحت لاءِ اڄڪلھ جي ترقي ڪندڙ دور ۾ ذاتي رھائش وقت جي اھم ترين ضرورت آھي سوڙھو ۽ اونداھو گھر، تازي ھوا لاءِ روشندان ۽ درين جو نه ھجڻ، سوڙھن گھرن ۾ گھڻن ڪٽنبن جو رھڻ، سوڙھين گھٽين ۾ گھڻ منزلون عمارتون، سج جي ڪرڻن جو ڪمرن ۾ داخل نه ٿي سگھڻ اھي خاميون آھن. جن جي ڪري انساني صحت بري نموني متاثر ٿيندي آھي.
شخصي صحت لاءِ ضروري آھي ته گھرن جي اڏاوٽ ھڪ منظم منصوبي بندي تحت ٿئي. گھرن جي تعمير کان اڳ ۾ ويڪريون گھٽيون ۽ رستا تعمير ڪيا وڃن. ڪارخانه ۽ ملون وغيرھ رھائشي ڪالوني کان پري ھجن. گھرن ۾ تازي ھوا لاءِ درين ۽ روشندانن جو خصوصي انتظام ھجي. اڏاوتي ڪمن جي وچ ۾ ئي گھٽين، نالين ۽ ڪني پاڻي جي نيڪال جا انتظام مڪمل ھجن. گھمڻ ڦرڻ لاءِ آبادين ۾ کليل پارڪ ۽ باغيچا ھجن.

2.  خالص ۽ موازن غذا:
شخصي صحت لاءِ رھائش کان پوءِ ٻي اھم ضرورت خالص ۽ متوازن غذا آھي. ٻارن جي پرورش ۽ اوسر جي ڏينھن ۾ طاقت ڏيندڙ غذا جو ملڻ اڃا به ضروري آھي. اڄ جا ٻار مستقبل جي قوم آھن. جن جي ڪلھن تي ملڪ ۽ قوم جي خدمت، بقاء ۽ دفاع جو انحصار آھي. جھڙي نموني ھڪ سرسبز ۽ ٽڙيل باغيچي جي اوسر لاءِ مناسب پاڻي ۽ تازي ھوا ملڻ ضروري آھي. اھڙي طرح نسل انساني جي باغيچي کي نپائڻ لاءِ خالص ۽ متوازن غذاء انتھائي ضروري آھي. انساني زندگي جون بنيادي ضرورتون خالص اٽو، گيھ، کير، گوشت، آنا، مڇي، تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا آھن. جنھن ۾ پروٽين جياپا (حياتين) لحميات ۽ سڻڀ جيڪي انساني زندگي لاءِ تمام ضروري آھن.

3.  خالص ۽ مفيد مشروبات:
شخصي صحت جي معاملي ۾ پيئڻ جي شين جو گھرو عمل دخل آھي، انسان جي بنيادي ضرورت پاڻي آھي.
جيئن ته الله تعاليٰ فرمايو:
وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاء كُلَّ شَىْءٍ حَىٍّ
۽ اسان ھر شيءِ کي پاڻي سان زندگي بخشي آھي.

تازو ۽ صاف شفاف پاڻي غذا سان گڏ اھم ضرورت آھي. ترقي يافته ملڪن ۾ ته پيئڻ جو پاڻي خود حڪومت مھيا ڪندي آھي، جيڪو صحت جي حفاظت جي اصولن مطابق دوائن سان پاڪ ۽ صاف ڪيو ويندو آھي. ڪي علائقا ھونئن به خوشنصيب آھن جو الله تعاليٰ انھن کي زير زمين صاف ۽ شفاف پاڻي جا ذريعا پنھنجي رحمت سان وھائي ڏنا آھن ته جيئن انسان انھن مان لطف اندوز ٿين. ڪن علائقن ۾ صاف پاڻيءَ جا آبشار، چشما ۽ ڍنڍون آھن.
پر ڪي علائقا اھڙا به آھن جتي اڄ جي ترقي يافته دور ۾ اھڙو پاڻي پيئڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي جتي جانور وھنجندا آھن. جتي ماڻھو ڪپڙا ڌوئندا آھن خطرناڪ ۽ مھلڪ بيمارين جا جراثيم، پاڻي ۾ موجود رھندا آھن. اسان جي ملڪ ۾ پيٽ جي مختلف جيتن جو مرض گھڻو پکڙيل آھي. جنھن جو سڀ کان وڏو سبب خالص ۽ صاف پاڻي ميسر ٿيڻ نه آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھن وقت ڪاري سائي يا ھيپاٽائيٽس اي - بي - سي جو مرض عام ۽ وڌندڙ آھي. ڪن ڳوٺن ۾ کليل ۽ گندا کوھ ۽ ڪن علائقن ۾ واھ پيئڻ جي پاڻي جا ذريعا آھن.
ھن ڳالھ جي تمام گھڻي ضرورت آھي ته حڪومت کي ڪيتري ئي نه ڳري رقم ڇونه ڏيڻي پوي، پر ھو پيئڻ لاءِ خالص ۽ صاف پاڻي خود شھرين کي مھيا ڪري ۽ اھا سھولت چند وڏن شھرن تائين محدود نه ھجي پر ڳوٺن وغيرھ ۾ جتي پاڻي ميسر نه ھجي ماڻھن کي اھا نعمت مھيا ڪئي وڃي.
حڪومت ڪروڙين رپيا انساني صحت جي بحالي جي دوا درمل لاءِ اسپتالن جي اڏاوتن ۽ دوائن پھچائڻ تي خرچ ڪندي آھي. جيڪڏھن انھيءَ کان گھٽ رقم خالص غذا ۽ صاف پاڻي پھچائڻ تي خرچ ڪري ته ھيءَ ڳالھ يقين سان چئي سگھجي ٿي ته ايتريون بيماريون پيدائي ڪونه ٿين.
مشروبات جي سلسلي ۾ جديد دور ٻن قسمن جي مشروبن کي رواج ڏنو آھي.
1.  ٿڌا مشروب
2.  گرم مشروب
ٿڌا مشروب جيڪي مختلف قسمن جي ”ڪولن“ يا ڪنھن ٻي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ ملندا آھن. پھريون ته اھي خالص ئي نه آھن ۽ ٻيو ته انھن جو بي موقعو استعمال ايتري حد تائين وڌي ويو آھي جو ڪروڙن روپين جو زرمبادله به ضائع ٿي رھيو آھي ۽ تجربن سان ھي ڳالھ چئي سگھجي ٿي ته معدي جون گھڻيون بيماريون جن ۾ ھلندڙ زماني ۾ بدترين بيماري تبخيره معدھ ۽ السر شامل آھي. اھڙن قسمن جي ناقص ۽ تيز مشروبن جي استعمال جو نتيجو آھي. مختلف قسم جي آئيس ڪريمن کي به ان ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو.
گرم مشروبن ۾ چانھـ ڪافي وغيرھ جو استعمال تمام گھڻو آھي. چانهـ جيڪا ھڪ دوا ھئي ھاڻي نشي جي حد تائين ضرورت بنجي چڪي آھي. چانهـ جو گھڻو استعمال السر ۽ ٻين معدي جي بيمارين جو سبب بنجي ويئي آھي.
ضرورت ھن ڳالھ جي آھي ته ٿڌا ۽ گرم مشروب نھايت احتياط سان استعمال ڪيا وڃن.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت