ھيٺين جا سائنسي سبب ٻڌايو؟

ھيٺين جا سائنسي سبب ٻڌايو؟

(1)           جيوگھرڙي جي جھلي جو مختلف نمونن ۾ نفود پذير ڪيئن ٿيندو آھي؟
جيوگھرڙي جي جھلي ھڪ منتخب نفود پذير جھلي (Selectively permeable membrane) آھي ڇا ڪاڻ ته ھن مان مخصوص قسمن جا ماليڪيول گذري سگھن ٿا. ڪيترن ئي جانورن جي جيوگھرڙن ۾ جيوگھرڙي جي جھليءَ اندر مختلف مادا خالن (Vacules) جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ان عمل کي آينڊو سائٽوسز (Endocytosis) چئبو آھي.



(2)           جيوگھرڙو بنيادي بناوت ۽ ڪم جو ايڪو ڇو آھي؟
 جيوگھرڙو بنيادي بناوت ۽ ڪم جو ايڪو آھي ڇو ته اھو مختصر ترين ايڪو زندگي کي بنياد فراھم ڪري ٿو اھي سڀ ڪم جيڪي جاندار ڪري سگھن ٿا اھي دراصل انھن جي جيوگھرڙن جا آھن. يعني ته زندگيءَ جي بناوت ۽ جاندارن جي ھر ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ جيوگھرڙو ذميدار آھي.



(3)           ساڳئي جنس جي گروھ جي ڪروموسوم جو تعداد ھڪ جيترو ڇو ٿو ٿئي؟
ڇو ته اھي ورھاست وقت پنھنجو پاڻ کي اڳي ئي ٻيڻو ڪري ڇڏيندا آھن.



(4)           مياسز کي ڇو جيوگھرڙي جي تخقيقي ورھاست چئجي ٿو؟
مياسز کي جيوگھرڙي جي تخفيفي ورھاست انھيءَ ڪري چئبو آھي جو ھن ورھاست ۾ آبائي گھرڙي جي ڀيٽ ۾ ڌيئر گھرڙي ۾ ڪروموزومس جو تعداد اڌ رھجي وڃي ٿو.



(5)           ٻه ٻج پن (Dicot) ٻوٽي جي پن جي مٿين سطح ھيٺين سطح کان ڇووڌيڪ سائي ٿيندي آھي؟
پن جي مٿئين سطع تي سج جي روشني سڌيءَ طرح پوي ٿي جڏھن ته ھيٺيون حصو روشنيءَ جو گھٽ مقدار حاصل ڪري ٿو.





Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت