اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
14.07.2024 صبوح جو سوا
پنجين وڳي اک کلي. هوٽل اٿينس وويو جي پرسڪون بسترن گهري ننڊ ڏياري سمهاري ڇڏيو
هو. ان ننڊ ڏيارڻ ۾ نه فقط بسترن جو ڪمال هو، پر طويل سفر جي ٿڪاوٽ جو به ڪجهه ڪردار
شامل هيو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پاڻ کي اٿارڻ لاءِ الارام سيٽ نه ڪيو. نه ئي گهڙيال
جي گهنٽي يا وري موبائيل جو الارام. منهنجو پروگرام ئي منهنجي ذهن ۾ الارام سيٽ ڪري
ڇڏيندو آهي. ان ڪري مون کي ڪنهن به دوست کي اٿارڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. مان ڀلي
رات جو ڪيڏي به دير سان سمهان پر وري به صبح جو سوير ئي اک کلي ويندي آهي. اصل ۾
مان پنهنجي دماغ جو الارام پنهنجي ڪم سان ئي رات جو سيٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجو
دماغ ئي منهنجو الارام آهي، جيڪو مون کي هرروز ساڳي وقت تي جاڳائيندو آهي. مون کي ڪنهن
ٻي الارام جي ضرورت نه آهي.
اها منهنجي سالن جي عادت آهي. ڪورٽ جلدي وڃڻ جي ڪري
سوير اٿندو آهيان. تقريبن 8 يا سوا اٺين وڳي ڪورٽ پهچي ويندو آهيان. مون کي منهنجو
ڪلائينٽ ڳوليندو نه آهي، بلڪ مان ۽ منهنجا ايسوسيئسٽس ڪلائينٽ کي ڳوليندا آهيون.
منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته مان جج صاحبان جي ڪورٽ ۾ ويهڻ کان اڳ ۾ ڪورٽ روم ۾
موجود هجان، ان ڪري ڪورٽ روم ۾ منهنجي نالي جو سڏ اڪثر ڪري گهٽ ٿيندو آهي. ان ڪري
مان ان سڏ کان اڳ ۾ ئي ڪورٽ ۾ ويٺل هوندو آهيان. پر هڪڙن وڪيلن جو خيال آهي ته وڪيل
جو سڏ ڪورٽ مان ضرور ٿئي، ڪورٽ مان ان جي نالي جي پڪار ٿئي ته جيئن ٻاهر ويٺل
اصيلن کي خبر پوي ته فلاڻي وڪيل جو سڏ ٿيو آهي. ايئن ڪرڻ سان انهن جو نالو ٿيندو.
بدنام هي سهي نام تو هوگا.
منهنجا روم پاٽنرز اڃان ننڊ جي آغوش ۾ ورتل آهن.
مان برش ڪري، شيو ڪري، وهنجي فريش ٿي اچي پنهنجي بيڊ تي ويهي هي چند اکر لکي رهيو
آهيان. ٿوري دير کان پوءِ سائين مختيار سمون به ننڊ مان بيدار ٿيا آهن. پرتاب گهري
ننڊ جي مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪندي نظر آيو. هوٽل جو ڪمرو صفا برف ٿي ويو هو. 24 ڪلاڪ اي
سي جو هلڻ هن ڪمري جي صحت لاءِ سهي هجي يا نه هجي پر اسان جي صحت لاءِ اوکو هيو.
جيتوڻيڪ هي ٻيٽ آهي، جهنگ آهي، ٻهراڙي آهي، هن جي
چئني طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. سمونڊ آهي. پر پوءِ به هتي زندگي جي هر سهولت موجود
آهي. گئس، پاڻي، ۽ لائيٽ. هتي لائيٽ هڪ منٽ جي لاءِ به نه ويندي آهي. نه ئي ڪو بريڪ
ڊائون آهي. نه ئي وري گرڊ اسٽيشن جي صفائي جي بهاني سان لائيٽ بند ڪئي ويندي آهي.
۽ اهڙي ريت هتي ڪا به لوڊ شيڊنگ جي حرامپائي به نه آهي. اسان جي ڪمري جو نمبر 204
آهي، جڏهن ته جنيد وارا ڪمري نمبر 202 ۾ آهن جيڪو ساڳي ئي فلور ۾ آهي.
هينئر جنيد وارن جي ڪمري ۾ ويس ته جيئن انهن کي ننڊ
مان جاڳيان ته جيئن اهي اٿي تيار ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي تياري ڪن. جڏهن ٽي چار دفعا دروازو
کڙڪايو تڏهن مس وڃي مظفر کوکر اکيون مهٽيندي دروازو کوليو. ڪمري ۾ نظر ڊوڙايم ته سڀ
دوست گهري ننڊ ۾ ستل هيا. پر پوءِ منهنجي آواز تي سڀ بيدار ٿي پيا. مان موٽي
پنهنجي ڪمري ۾ آيس. مختيار سمون صاحب به تيار ٿي چڪو هو. هوٽل جو ماحول انتهائي
خاموش، ماٺيڻو ۽ پرسڪون آهن. نه گوڙ، نه شور، نه هُل نه هنگامو. بس سڪون ئي سڪون
هيو. سڪون جهڙي شيءَ به ڪيڏي نه نعمت آهي. اسان وٽ دلاسو ڏيندا آهن ته دنيا ۾ سڪون
ڪٿي، سڪون رڳو قبر ۾ ئي آهي، پر اهو جملو هن ماحول ۾ صفا ڪوڙ ٿو لڳي. مالديپ ۾
توهان ڪنهن به ٻيٽ ۾ هجو، توهان کي سڪون جيئري ئي ملندو. ان لاءِ توهان کي قبر ڏانهن
وڃڻ جو انتظار نه ڪرڻو پوندو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment