پيڊي ڪيور (Pedicure)

پيرن جي سار سنڀال
پيڊي ڪيور (Pedicure)

اَکيون ته آهن اکيون
پر پيرن سان نه پهچن
حڪيم نور محمد عبدالڪريم کتري – سجاولي


سائين طالب الموليٰ جن ڇا خوب فرمائي ويا آهن ته:
”اکيون ته آهن اکيون پر پيرن سان نه پهچن، هي روئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٽجن“
پيرن جي اهميت نه فقط شاعرن جي نظرن ۾ اهم آهي پر طبي نڪته نگاه کان به هڪ اهم درجو رکندڙ آهن ۽ انساني خوبصورتي ۾ به پيرن جو خاص مقام آهي. ذيابيطس يا شگر جي مريضن کي ته پيرن جي حفاظت لاءِ معالج خاص هدايتون ڏيندا آهن.
اسان جي معاشري ۾ پير اسان جي جسم ۾ سڀ کان گهڻو وڌيڪ نظرانداز ٿيڻ وارو حصو آهن، حالانڪه هي پير ئي آهن جيڪي سڄي ڄمار انسان جي پوري وجود جو بوجهه کڻندي هر جاءِ تي گهمندا رهندا آهن ۽ انهيءَ جي باوجود اسان ماڻهو پنهنجن پيرن جو قدر نه ڪندا آهيون، انهن جي آرام ۽ سڪون جو خيال ته هڪ پاسي پر انهن کي پهچڻ وارين تڪليفن کي به گهڻو ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، اسان جا ٻئي پير مالڪ رب العزت جي طرفان عطا ڪيل خوبصورت تحفو آهن. جن ماڻهن کي پنهنجي روزانو بسر ٿيندڙ زندگي ۾ پيرن جو گهڻو استعمال ڪرڻو پوندو آهي انهن کي ڪڏهن ڪڏهن وري پيرن جي باري ۾ مختلف قسمن جا مسئلا به پيش ايندا آهن.
هڪ عام ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ ٽن هزارن کان ڏهن هزارن تائين وکون کڻندو آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر ۾ تقريبن 77000 هزار ميلن جو مفاصلو طئي ڪندو آهي. ٿڪيل ۽ تڪليف ۾ گذاريل پيرن جو اثر انساني جسم تي به پوندو آهي ۽ فقط ايتروئي نه پر گهڻي تڪليف جا اثر انساني جسم سان گڏ دماغ ۽ روح تائين محسوس ٿيندا آهن پر انهن سڀني ڳالهين کان فقط  ۽ فقط هڪ عمل جي ذريعي نه فقط بچي سگهجي ٿو پر تڪليف مان به نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ انهيءَ عمل کي پير پسار (Foot Bath) چئبو آهي.
ڊگهو مفاصلو هلڻ يا گهڻو پيادو هلڻ جي ڪري انساني پير ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڪڏهن ته سڄي به ويندا آهن تنهن ڪري ڊگهي سفر جي واپسي تي پنهنجي پيرن کي لوڻ مليل اڌ ڪوسي يا نيم گرم پاڻي ۾ رکي ويهجي (ياد رکجي ته پاڻي ۾ لوڻ ٿوري مقدار ۾ ملائڻ گهرجي) ۽ جيڪڏهن پيرن ۾ پگهر به آيو هجي ته انهيءَ پاڻي ۾ بورڪ پائوڊر يا ڦٽڪي ذرو به وجهو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن 10 منٽن تائين پنهنجا پير پاڻي ۾ وجهي ويهو ۽ ڏهن 10 منٽن کان پوءِ پير پاڻي مان ٻاهر ڪڍي صاف ڪپڙي يا بجهري ٽوال سان صاف ڪريو ۽ انهن تي ٿورو پائوڊر لڳايو.
جيڪڏهن توهان جي پيرن مان ڌپ يا بدبوءِ اچڻ جي به شڪايت به هجي ته پير پُسار Foot Bath مهل پاڻي ۾ اصلي گلاب جي گلن جو عرق، لونگن جو تيل يا ليوينڊر جي تيل جا ڪجهه ڦڙا به شامل ڪريو ۽ پير سڪائڻ يا خشڪ ڪرڻ کان پوءِ انهن تي Eau-de-Colone استعمال ڪريو.
ٿڪيل پيرن کي جلدي جلدي آرام پهچائڻ لاءِ توهان نيم گرم پاڻي ۾ نم يا ڦودني جي عرق يا پنن کي ٿوري مقدار ۾ شامل ڪريو. جيڪڏهن دماغي ٽينشن يا مٿي جي سور مان جلدي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيو ته ٿورڙي تيز گرم پڻي ۾ تازو ادرڪ يعني سُنڍ يا ليمي جو پاڻي ملائي انهيءَ پاڻي ۾ پير پُسار Foot Bath ڪري وٺو.
جيڪڏهن توهان جي پيرن جي آنڱرين ۽ کُڙين جي کل سخت ۽ بي جان ٿي ويئي هجي ۽ توهان جا پير بدنما نظر اچڻ لڳن ته ڪسٽرآئل يعني ايرنڊي جو تيل ۽ ليمن جو رس هڪ جيترو وزن ملائي انهيءَ سان سخت جاين ۽ انهيءَ جي آس پاس مساج ڪريو ۽ انهيءَ کان پوءِ بائي ڪاربونيٽ مليل نيم گرم پاڻي سان پيرن کي ڌوئي ڇڏيو.
جيڪڏهن پيرن ۾ Fungus ۽ بيڪٽريا جو مسئلو هجي ته تازي سنڍ يعني ادرڪ جو پاڻي ڪڍي ۽ ٿورو سرڪو پاڻي ۾ ملائي انهيءَ پاڻي سان پيرن کي ڌوئڻ گهرجي.
ڪڏهن ڪڏهن پيرن ۾ جلن يا ساڙو ۽ سُوٽون محسوس ٿينديون آهن، جن کان محفوظ رهڻ لاءِ چانهن جي پتي ۽ نازبو يا تُلسي جي پنن کي پاڻي ۾ وجهي ڪري اوٻاريو ۽ پوءِ پاڻي کي ٿورو ٿڌو ڪري انهيءَ ۾ پندرهن منٽن تائين پير وجهي ويهو.
پيرن ۾ پائڻ لاءِ هميشه معياري، نرم ۽ آساني سان مڙندڙ مٽيريل مان ٺهيل جوتا ۽ چپلون استعمال ڪريو، ته جيئن پير نه فقط حفاظت سان رهن پر انهن جي خوبصورتي ۽ شيپ به برقرار رهي سگهي. جوتو يا چپل استعمال ڪرڻ کان اڳ انهيءَ ڳالهه جو ضرور اطمينان ڪرڻ کپي ته پسند ڪيل سليپر يا سينڊل يا چپل وغيره جيڪا به هجي انهيءَ ۾ پير جو هيٺيون حصو چڱي طرح ويهي رهي ۽ پير ان ۾ آرام محسوس ڪري ۽ اهڙا جوتا سينڊل يا چپلون وغيره هرگز نه خريد ڪريو جيڪي خريد ڪرڻ مهل پيرن ۾ سوڙها يا ننڍا ٿين. وڪڻڻ وارا سيلز مين ته وڏا چالاڪ هوندا آهن ۽ چوندا آهن ته پائڻ سان ۽ هلڻ کان پوءِ پاڻ ئي ويڪرا ٿي ويندا يا کُلي ويندا پر هنن جي ڳالهين ۾ هرگز نه اچو ڇاڪاڻ ته هر سينڊل، چپل يا سليپر وغيره سان ائين ٿيڻ ممڪن نه هوندو آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود فيشن کي ميچ ڪرڻ جي چڪر ۾ اڪثر پنهنجي پير جي آرام کي نظر انداز ڪري جديد ۽ ڊگهين کڙين وارا سينڊل يا ٻيا انهيءَ قسم جا جوتا وغيره استعمال ڪرڻ سان پيرن جون هڏيون، جوڙ ۽ کُڙيون ڪافي گهڻيون متاثر ٿينديون آهن ۽ ڪڏهن ٿوري بي احتياطي جي نتيجي ۾ ڊگهي کُڙين جي سينڊلن جي ڪري پير مڙي به ويندا آهن ۽ پير جي هڏي کي شديد نقصان پهچڻ جو انديشو هوندو آهي ايستائين جو ڪڏهن انهيءَ بي احتياطي جي ڪري چيلهه ۽ ڪرنگهي جون هڏيون به متاثر ٿينديون آهن ۽ سڄي زندگي تڪليف ۽ سور جو روڳ لڳي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ M.R.I ٽيسٽ ۽ آپريشن تائين وڃي معاملو پهچندو آهي، تنهن ڪري ماهر فزيشن انهي سلسلي ۾ پيرن جي هڏين ۽ خاص ڪري کُڙين جي بيمارين جي ذميداري مڪمل طرح ڊگهي کڙين يا هيل وارين سينڊلن تي وجهن ٿا، جنهن باري ۾ اُنهن جو چوڻ آهي ته جن کي گهڻو وقت جوتا يا سينڊل وغيره پائڻا پوندا آهن، انهن کي گهرجي ته اهي ننڍي هيل يا بنان هِيل وارا جوتا يا سينڊل استعمال ڪن.
کُڙي ۽ پير جي آڱرين جي آس پاس جي کل جي بيجان ۽ سخت ٿيڻ جو اهم سبب، جُتين ۽ سينڊلن وغيره جي اندرين حصن جو غير معياري هجڻ هوندو آهي.
گرمي جي موسم ۾ نرم ۽ کُليل سينڊل استعمال ڪجن ته جيئن پيرن کي آرام ملي ۽ سردي جي موسم ۾ بند جتيون يا سينڊل وغيره استعمال ڪجن ۽ انهيءَ سان گڏ پيرن ۾ ڪاٽن يا نيچرل فائبر جا ٺهيل جوراب استعمال ڪريو ڇاڪاڻ ته انهن جي استعمال سان پير گرم ۽ خشڪ رهڻ سان گڏ آرام ۾ به رهندا. انهيءَ کان سواءِ پيرن ۾ رت جي وهڪري کي نارمل رکڻ لاءِ به پيرن تي توجه ڏيو ته جيئن پير تڪليف کان بچي سگهن، جنهن لاءِ جيڪڏهن روزانو ممڪن هجي ته لان جي پسيل گاه يا ڇٻر تي صبح جو سوير پيرين اگهاڙو ضرور هلڻ گهرجي. تنهن کان سواءِ سمنڊ ڪناري واريءَ تي به اگهاڙين پيرن سان هلڻ به گهڻو فائدي وارو ثابت ٿئي ٿو.
گهر ۾ يا ٻاهر جاگنگ ڪرڻ وقت نرم جاءِ تي اگهاڙين پيرن سان جاگنگ ڪرڻ ٺيڪ يا مناسب هوندو آهي پر سخت زمين يا فرش تي جاگنگ ڪرڻ مهل ڳرا ۽ مضبوط جوتا ۽ جوراب ضرور استعمال ڪرڻ گهرجن ته جيئن پيرن کي موافق طريقي سان فائدو پهچي سگهي.
جيڪڏهن توهان جو ڪم مسلسل هڪ ئي جڳهه تي بيهي ڪرڻ جو هجي جيئن سيلر ڪائونٽر وغيره ته ڪجهه گهڙين لاءِ وجهه وٺي ڪاٺ جي ٺهيل ننڍي اسٽول تي چڙهو ۽ لهو ته جيئن ته توهان جي پيرن جو رت جو وهڪرو ٺيڪ ٿي وڃي.
پيرن کي خوبصورت رکڻ لاءِ هميشه پيرن جي حفاظت مستقل بنيادن تحت ڪرڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان پنهنجا پير نه فقط خوشنما ۽ خوبصورت نظر ايندا پر ٻيا به اسان جا پير ڏسي اسان کان متاثر ٿي سگهن ٿا جنهن لاءِ ”پيڊي ڪيور“ جو طريقو استعمال ڪريو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو پر انهيءَ کان اڳ انهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکو ته جديد ۽ تيز رفتار معاشري ۾ پاڻ کي فيشن ۽ بدلجندڙ لائف اسٽائل سان گڏوگڏ رکڻ لاءِ پنهنجي پيرن جي چڱي طرح توجه سان حفاظت ضرور ڪريو ڇاڪاڻ ته اهي ئي شيون آهن جنهن جي ڪري توهان ٻين جي سامهون پاڻ کي بهتر ۽ نمايان طور تي پيش ڪري سگهو ٿا يا سگهو ٿيون.

پيڊي ڪيور:
انسان جا پير دنيا جي بهترين انجنيئرنگ جي شاهڪارن مان هڪ آهي. پيرن جي پرگهور درحقيقت چهري جي پرگهور کان به وڌيڪ اهم آهي.
ميڊيڪل يا طبي نڪته نگاه ۽ حسن ۽ خوبصورتي جي زبان ۾ پيرن، ڄنگهن يا ٽنگن ۽ پير جي آڱرين جي پرگهور کي پيڊي ڪيور چوندا آهن. ”پيڊي“ لاطيني زبان ۾ پير ۽ ”ڪيور“ سار سنڀال، پرگهور کي چوندا آهن.
پيڊي ڪيور جي ذريعي ننهن کي خوبصورت بنايو ويندو آهي ۽ ان جي آس پاس يا ويجهو ويجهو کل کي صحتمند ۽ مضبوط به رکيو ويندو آهي، انهيءَ لاءِ انهيءَ ڪم جي ڪندڙن کان اِهو ڪرائڻ بهترين هوندو آهي، پر اهو ڪم توهان ڪري سگهو ٿا، پيڊي ڪيور جو سادو ۽ آسان طريقو واپرائي پاڻ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

پيڊي ڪيور جي طريقي جي شروعات ٻن طريقن سان ڪري سگهجي ٿي.
1.  جيڪڏهن پيرن جا نُنهن نرم آهن ته انهن کي ڪٽي فائل سان هڪجهڙو ڪري پوءِ پير پاڻي ۾ وجهي ٻوڙي ڇڏيو.
2.  جيڪڏهن پيرن جا نُنهن سخت هجن ته پهريان پيرن کي پاڻي ۾ ڀڄائي پيرن جي ترن جي صفائي ڪريو ۽ نُنهن ڪٽي برابر ڪريو.
انهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکو ۽ خاص خيال ڪريو ته نُنهن تي سوڄ يا چمڙي تي انفيڪشن ۽ ڦُلوڪڻا نه هجن، تنهن کان سواءِ کنگهه، نزلو يا بخار به نه هجي.

طريقو:

1ـ نُنهن کي گهسائي هڪجهڙو يا برابر ڪرڻ:
نُنهن ڪٽي هڪجهڙا يا برابر ڪريو. پيرن جا نُنهن ڊگها نه هئڻ گهرجن. بهترين ۽ سُهڻي شڪل يا شيپ چوڪور وانگر يو U شڪل آهي.

2ـ پيرن کي پاڻي ۾ ٻوڙڻ:
ٻنهي پيرن کي نيم گرم پاڻي ۾ شيمپو يا ليڪوئڊ سوپ وجهي، چند ڦڙا ڊيٽول ۽ لوڻ ملائي ٻوڙيو. ڏهن منٽن کان پوءِ پير ٻاهر ڪڍي خشڪ ڪريو.

3ـ پير جي ترن جي ٽريٽمنٽ:
پيرن جي ترن کي نرم برش سان رڳڙيو، صفائي جي وچ ۾ هنن کي پاڻي ۾ به ٻوڙيندا رهو، ٻنهي پيرن کي وري، واري سان صاف ڪريو. هاڻي پيرن کي خشڪ ڪريو.

4ـ نُنهن جي ٽريٽمنٽ:
پيرن کي خشڪ ڪرڻ کان پوءِ هاڻي نُنهن جي ٽريٽمنٽ ڪريو. هاڻي نُنهن تي ڪريم لڳايو ۽ نُنهن جي آس پاس جي چمڙي کي ڪيوليڪل پشر سان پويان ڌڪيو. ننهن صاف ڪري انهن هيٺان مٽي وغيره صاف ڪريو.

5ـ پيرن جو مساج:
هاڻي پيرن تي چڱي طرح ڪريم لڳائي انهن جي مالش ڪريو، مالش سان رت جو دورو وڌندو جيڪو پيرن جي صحت ۽ حرڪت لاءِ ضروري آهي.

6ـ چيريل يا ڪريڪ ٿيل کڙين جو علاج:
پيرن جي ترن ۽ ننهن جي نارمل ٽريٽمنٽ کان پوءِ ڪا ڪولڊ ڪريم، ويزلين، پٽروليم جيلي کڻي چيريل جاين تي لڳايو، تنهن کان سواءِ ديسي ماکي اصلي وارو ميڻ 10 گرام، کوپري جو تيل 30 گرام گرم ڪري تنهن ۾ ڄاڻايل ميڻ کي چڱي طرح مڪس ڪري انهيءَ ۾ چند ڦڙا ڪنهن به عطر جا شامل ڪري رکو ۽ اهو محلول به چيريل يا ڪريڪ ٿيل کڙين تي لڳائي سگهجي ٿو. چيريل کڙين تي مٿي ڄاڻايل ڪن به شين مان ڪا هڪ لڳائي ۽ ڪاٽن جا جوراب پائي ڇڏجن، تنهن کان پوءِ هيئر ڊرائير سان پيرن کي 5 کان 10 منٽن تائين گرمي پهچايو، پيرن کي ٿڌو ٿيڻ ڏيو ۽ پوءِ جوراب لاهي ڇڏيو ۽ پوءِ خشڪ کل کي ڪپهه يا نرم فلالين جي صاف ڪپڙي سان اُگهي ڪري الڳ ڪري ڇڏيو. ٿورڙي ميٽ جنهن کي ملتاني مٽي به چوندا آهن ۾ 5 يا 6 ڦڙا گلاب جي اصلي عرق جا ۽ 5 يا 6 ڦڙا زيتون جو تيل يا ڪو ٻيو تيل چڱي طرح ملايو ۽ انهي مرڪب کي پيرن تي لڳائي اڌ ڪلاڪ ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.

پيرن لاءِ ورزشون:
هاڻي توهان کي پنهنجن پيارن پيرن لاءِ ڪجهه ورزشون به ڏسجن ٿيون.
هڪ بهترين ورزش سمنڊ، دريا يا ڪنهن ندي جي ڪناري پاڻي جي ويجهو پُسيل واري تي اگهاڙين پيرن هلڻ، پيرن لاءِ ته بهترين ورزش آهي ئي آهي پر دماغ کي به ان سان انتهائي سڪون ملي ٿو ۽ دماغ فريش ۽ تازو توانو ٿيو وڃي.
1.  سڌو بيهي رهو، پير جي چنبن يا پٻن تي بيهو ۽ وري پير آهستي آهستي هيٺ رکو، ائين بار بار يا هر هر ڪريو، اهڙي طرح پير جو آرچ مضبوط ٿيندو آهي ۽ ٽڻين جي چوڌاري ٽشوز ۾ مضبوطي پيدا ٿيندي آهي.
2.  هڪ وڏي تختيءَ تي بجهرو ٽوال ڍڪي پنهنجي اڳيان رکو پير تختيءَ تي رکي چنبا ٻاهر ڪڍي وٺو ۽ آڱرين کي موڙي ٽوال کي جهلڻ جي ڪوشش ڪريو، ائين ڪرڻ سان آنڱرين جو شيپ بگڙجڻ کان يا خراب ٿيڻ کان محفوظ رهندو آهي. هڪ هٿ سان پير کي جهلي ٽڻي کي اندرين پاسي موڙيو ۽ پوءِ ٻي پير سان به اهو عمل ساڳي طرح ڪريو.
3.  پنهنجي هٿ سان پيرن جي آڱرين کي جهلي مٿي کڻو ۽ هڪ پوءِ ڇڏي ڏيو
4.  پيرن جي آڱرين جي فزيو ٿيراپي ڪرڻ لاءِ هر آڱر کي واري واري سان جهلي ۽ دائري جي شڪل ۾ گهمايو.
5.  پنهنجي هٿ جون آڱريون پيرن جي آڱرين جي وچ ۾ ڦاسايو، هاڻي پير هيٺ جهڪائي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.
6.  ٻنهي هٿن سان واري واري سان پيرن کي موڙيو، انهيءَ سان گڏوگڏ پير جي آڱرين کي هيٺ مٿي ڪريو. هر آڱر کي آهستي آهستي هڪ ٻئي کان ڇڪي پري ڪريو.
7.  هر آڱر کي واري واري سان هٿن جي مضبوطي سان دٻايو اهڙي طرح ٽڻين تائين هي عمل ضرور ڪريو.

هاڻي هيٺ ڪجهه مشورا پيرن جي خوبصورتي لاءِ عرض ڪجن ٿا، انهن مشورن تي مسلسل عمل ڪندي توهان پنهنجي پيرن کي خوبصورت بنائي سگهو ٿا.
رات جو سمهڻ مهل هنڌ تي ليٽڻ کان اڳ پيرن کي صابڻ سان ڌوئي بجري ٽوال سان ضرور خشڪ ڪريو.
جيڪڏهن توهان جا پير خشڪ هجن يا کڙي چيريل هجي ته سمهڻ کان اڳ انهن تي ڪولڊ ڪريم، گلسرين يا ڄانڀي جو تيل لڳايو.
گهر ۾ اگهاڙين پيرن قطعي نه هلو.
سخت جوتا ۽ چپلون پائڻ کان پرهيز ڪريو، توهان جي پيرن لاءِ بهترين جوتو يا چپل وغيره اهو آهي جنهن ۾ توهان کي آرام محسوس ٿئي.
هر هفتي پيرن جي باقاعدي سار سنڀال ۽ پيڊي ڪيور Pedi-Cure سان ڊگهي مدي تائين پيرن کي صحتمند رکي سگهجي ٿو.

شگر جي مريضن جا پير:
اسان جي ملڪ ۾ جيئن جيئن ذيابيطس يا شگر جي مريضن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي تيئن تيئن شگر جي مريضن جي پيرن جي تڪليف ۾ به واڌارو ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري سڀ کان پهرين ته شگر جي مريضن کي پنهنجي پيرن جو پنهنجي ٻئي جسم کان وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي ۽ پيرن جي حوالي سان پنهنجي ذاتي معالج جي مشورن کي توجه سان هينئين سان هنڊائڻ گهرجي، هتي اسان شگر جي مريضن جي پيرن لاءِ پڻ ڪجهه مشورا عرض رکنداسين، اميد ته شگر جا مريض انهن تي ضرور توجه ڏيندا.
شگر جا مريض وهنجڻ کان پوءِ پنهنجي پيرن جا ننهن انهن جي جوڙجڪ مطابق لاهين يا ڪٽين، جيڪڏهن نظر ڪمزور هجي يا ننهن ڪٽڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ته پنهنجي معالج ڏانهن وڃن.
پيرن جي سيڪائي ڪڏهن به استري، هيٽر، گرم پاڻي، ڳاڙهي ليمپ يا گرم پاڻي جي بوتل سان هرگز نه ڪن.
پيرن تي ڪڏهن به هوم سرجري نه ڪريو ۽ ڪڏهن به بليڊ يا ڇري سان پيرن جي چمڙي کي نه ڪتريو ۽ پيرن اگهاڙو هميشه لاءِ نه هلو.
هميشه صحيح ماپ جو جوتو پايو جنهن جو سول نرم هجي، جوتو هميشه شام جي وقت خريد ڪريو، نئون جوتو هڪ يا ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه وجهو.
سمهڻ مهل پيرن تي هميشه سٺو موسچرائيز لڳايو.
هميشه ڪاٽن جا جوراب پايو ۽ اِهو خيال ڪريو ته جورابن جا ڌاڳا نڪتل نه هجن.
پيرن جي مسئلن لاءِ ڌيان ڏيندا ڪريو ۽ انهن کي معمولي نه سمجهو. پيرن جي مسئلن لاءِ هميشه تريبت يافته معالج يا ڊاڪٽر سان رجوع ڪريو. سخت چمڙي ڪڏهن به پاڻ نه ڪُتريو. متاثر ماڻهو جن جي پيرن ۾ ڪا به تڪليف پيدا ٿي پوي ته هنن کي پنهنجن پيرن جي حفاظت کي هميشه اوليت ڏيڻ گهرجي ٿوري به لاپرواهي سان زخم وڌي وڏا ٿي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ گينگرين به ٿي سگهي ٿي ۽ پير ڪٽڻ جو هميشه خطرو موجود رهي ٿو.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت