عاشوري جي روزي جي فضيلت



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
عاشوري جي روزي جي فضيلت
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ـ رضہ قَالَ مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَتَحَرَّى صِيَامَ يَوْمٍ فَضَّلَهُ عَلَى غَيْرِهِ، إِلاَّ هَذَا الْيَوْمَ يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَهَذَا الشَّهْرَ ‏ يَعْنِي شَهْرَ رَمَضَانَ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب صیام یوم عاشوراء ج 1 ص 368۔ مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص 367۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب صیام یوم عاشوراء ص 125)
”حضرت عبدالله ابن عاس ؓ  کان روايت آهي ته مون نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن فضيلت واري روزي جو گهڻو زياده اهتمام ۽ فڪر ڪندا هجن سواءِ هن ڏينهن يعني يوم عاشوراء جي ۽ سواءِ هن رمضان جي مهيني جي.


هن حديث شريف جو مطلب هي آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي طرز عمل مان حضرت عبدالله ابن عباس ؓ  جن اهو ئي سمجهو ته نفلي روزن ۾ جنهن قدر اهتمام پاڻ ڪريم ﷺ جن عاشوري جي روزي جو ڪندا هئا ايترو ڪنهن ٻئي نفلي روزي جو نه ڪندا هئا. اهو حضرت ابن عباس ؓ  جن جو خيال ۽ گمان آهي ته انهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي احوال ۽ اقوال مان ايئن سمجهو هجي ورنه جيتري قدر حقيقت جو تعلق آهي ته نائين ذوالحج جو ڏينهن ۽ ان ڏينهن جو روزو عاشوري جي ڏينهن ۽ ان جي روزي کان بهتر ۽ افضل آهي.

(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ  أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قَدِمَ الْمَدِينَةَ فَوَجَدَ الْيَهُودَ صِيَامًا يَوْمَ عَاشُورَاءَ فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم   مَا هَذَا الْيَوْمُ الَّذِي تَصُومُونَهُ  فَقَالُوا هَذَا يَوْمٌ عَظِيمٌ أَنْجَى اللَّهُ فِيهِ مُوسَى وَقَوْمَهُ وَغَرَّقَ فِرْعَوْنَ وَقَوْمَهُ فَصَامَهُ مُوسَى شُكْرًا فَنَحْنُ اَحَقُ وَاَوۡلیٰ بِمُوۡسیٰ مِنۡکُمۡ فَصَامَہٗ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم وَاَمَرَ بِصِیَامِہٖ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم یوم عاشوراء ج 1 ص 367۔ مسند احمد بن حنبل ج 1 291۔ 310۔ صحیح ابن حبان ج 4 ص 254۔ طبرانی ج 2 ص 50)

”حضرت ابن عباس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف کان هجرت ڪري آيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني جي يهودن کي عاشوري جي ڏينهن  (يعني ڏهين محرم الحرام) جو روزو رکندي ڏٺو. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کان پڇيو ته ڇا (توهان جي مذهبي روايتن جي حوالي سان) هي خاص ڏينهن آهي؟ (۽ ان جي ڇا خصوصيت ۽ اهميت آهي) جو توهان ان ڏينهن جو روزو رکو ٿا. انهن چيو ته هيءُ ڏينهن اسان جي نزديڪ وڏي عظمت وارو آهي. ان ڏينهن ۾ الله پاڪ حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ ان جي قوم کي بني اسرائيل کان نجات ۽ ڇوٽڪارو عطا ڪيو هيو ۽ فرعون ۽ ان جي لشڪر کي غرق ڪيو هيو. حضرت موسيٰ عليھ السلام جن الله پاڪ جي انهيءَ انعام ۽ نعمت جي شڪراني ۾ ان ڏينهن جوروزو رکيو هيو تنهن ڪري اسين به (ان جي پيرويءَ ۾) ان ڏينهن جو روزو رکندا آهيون. پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عليھ السلام جن سان اسان جو تعلق توهان کان وڌيڪ آهي ۽ اسين ان جا زياده حقدار آهيون پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ به عاشوري جو روزو رکيو ۽ امت کي به ان ڏينهن جي روزي رکڻ جو حڪم فرمايو.

عاشوري جو ڏهاڙو دورِ جاهليت ۾ به مڪي جي قريشن جي نزديڪ به وڏو محترم ڏهاڙو هيو انهيءَ ڏينهن بيت الله کي نئون غلاف چاڙهيو ويندو هيو ۽ قريش ان ڏينهن جو روزو رکندا هئا. ۽ ممڪن آهي ته حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جن جون ڪجهه روايتون ان ڏهاڙي جي باري ۾ مڪي جي قريشن تائين پهتيون هونديون ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو دستور ۽ معمول هي هيو ته قريش اگر ملتِ ابراهيميءَ جي نسبت سان جيڪي ڀَلا ۽ سٺا ڪم ڪندا هئا ته انهن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن سان اتفاق ڪندا هئا ۽ خود به ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، انهيءَ بنياد تي حج ۾ به شرڪت فرمائيندا هئا تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن قريشن سان گڏ عاشوري جو روزو به رکندا هئا، ليڪن ٻين کي ان جو حڪم نه ڏيندا هئا.

پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف آيا ۽ مديني جي يهودين کي به عاشوري جو روزو رکندي ڏٺو انهن کان معلوم ٿيو ته هي اهو مبارڪ ڏهاڙو آهي جنهن ۾ حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ ان جي قوم کي الله پاڪ ڇوٽڪارو ۽ نجات عطا فرمائي هئي ۽ فرعون کي لشڪر سميت غرق ڪيو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ ڏهاڙي جي روزي جو زياده اهتمام فرمايو ۽ مسلمانن کي حڪم ڏنو ته اهي به انهي ڏهاڙي ۾ روزو رکن.

ڪجهه حديثن جي ڪري گهڻن امامن سڳورن اهو سمجهو آهي ته ابتداءِ اسلام ۾ عاشوري جو روزو فرض ۽ واجب هو پوءِ جڏهن رمضان المبارڪ جا روزا فرض ٿيا ته عاشوري جي روزي جي فرضيت ۽ وجوب منسوخ ٿي ويو ۽ ان جي حيثيت صرف هڪ نفلي روزي جي رهجي وئي جنهن جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو ارشاد گرامي مٿي گذري چڪو آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول هي هو ته رمضان شريف جي روزن کان علاوه محرم ۽ عاشوري جي روزي جو زياده اهتمام فرمائيندا هئا.




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت