احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
عاشوري جي روزي جي فضيلت
-------
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ـ رضہ قَالَ مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله
عليه وسلم يَتَحَرَّى صِيَامَ يَوْمٍ فَضَّلَهُ عَلَى غَيْرِهِ، إِلاَّ هَذَا
الْيَوْمَ يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَهَذَا الشَّهْرَ يَعْنِي شَهْرَ رَمَضَانَ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب صیام یوم عاشوراء ج 1 ص 368۔ مسلم شریف
کتاب الصوم ج 1 ص 367۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب صیام یوم عاشوراء ص 125)
”حضرت عبدالله ابن عاس ؓ کان
روايت آهي ته مون نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن فضيلت واري روزي جو گهڻو زياده
اهتمام ۽ فڪر ڪندا هجن سواءِ هن ڏينهن يعني يوم عاشوراء جي ۽ سواءِ هن رمضان جي
مهيني جي.“
هن حديث شريف جو مطلب هي آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي طرز عمل مان حضرت
عبدالله ابن عباس ؓ جن اهو ئي سمجهو ته
نفلي روزن ۾ جنهن قدر اهتمام پاڻ ڪريم ﷺ جن عاشوري جي روزي جو ڪندا هئا ايترو ڪنهن
ٻئي نفلي روزي جو نه ڪندا هئا. اهو حضرت ابن عباس ؓ جن جو خيال ۽ گمان آهي ته انهن پاڻ ڪريم ﷺ جن
جي احوال ۽ اقوال مان ايئن سمجهو هجي ورنه جيتري قدر حقيقت جو تعلق آهي ته نائين
ذوالحج جو ڏينهن ۽ ان ڏينهن جو روزو عاشوري جي ڏينهن ۽ ان جي روزي کان بهتر ۽ افضل
آهي.
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ
أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قَدِمَ الْمَدِينَةَ فَوَجَدَ
الْيَهُودَ صِيَامًا يَوْمَ عَاشُورَاءَ فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله
عليه وسلم مَا هَذَا الْيَوْمُ الَّذِي
تَصُومُونَهُ فَقَالُوا هَذَا يَوْمٌ
عَظِيمٌ أَنْجَى اللَّهُ فِيهِ مُوسَى وَقَوْمَهُ وَغَرَّقَ فِرْعَوْنَ وَقَوْمَهُ
فَصَامَهُ مُوسَى شُكْرًا فَنَحْنُ اَحَقُ وَاَوۡلیٰ بِمُوۡسیٰ مِنۡکُمۡ فَصَامَہٗ
رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم وَاَمَرَ بِصِیَامِہٖ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم یوم عاشوراء ج
1 ص 367۔ مسند احمد بن حنبل ج 1 291۔ 310۔ صحیح ابن حبان ج 4 ص 254۔ طبرانی ج 2 ص
50)
”حضرت ابن عباس ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف کان هجرت ڪري آيا ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني جي يهودن
کي عاشوري جي ڏينهن (يعني ڏهين محرم
الحرام) جو روزو رکندي ڏٺو. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کان پڇيو ته ڇا (توهان جي مذهبي
روايتن جي حوالي سان) هي خاص ڏينهن آهي؟ (۽ ان جي ڇا خصوصيت ۽ اهميت آهي) جو توهان
ان ڏينهن جو روزو رکو ٿا. انهن چيو ته هيءُ ڏينهن اسان جي نزديڪ وڏي عظمت وارو
آهي. ان ڏينهن ۾ الله پاڪ حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ ان جي قوم کي بني اسرائيل کان
نجات ۽ ڇوٽڪارو عطا ڪيو هيو ۽ فرعون ۽ ان جي لشڪر کي غرق ڪيو هيو. حضرت موسيٰ عليھ
السلام جن الله پاڪ جي انهيءَ انعام ۽ نعمت جي شڪراني ۾ ان ڏينهن جوروزو رکيو هيو
تنهن ڪري اسين به (ان جي پيرويءَ ۾) ان ڏينهن جو روزو رکندا آهيون. پاڻ ڪريم ﷺ جن
ارشاد فرمايو ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عليھ السلام جن سان اسان جو تعلق
توهان کان وڌيڪ آهي ۽ اسين ان جا زياده حقدار آهيون پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ به
عاشوري جو روزو رکيو ۽ امت کي به ان ڏينهن جي روزي رکڻ جو حڪم فرمايو.“
عاشوري جو ڏهاڙو دورِ جاهليت ۾ به مڪي جي قريشن جي نزديڪ به وڏو
محترم ڏهاڙو هيو انهيءَ ڏينهن بيت الله کي نئون غلاف چاڙهيو ويندو هيو ۽ قريش ان
ڏينهن جو روزو رکندا هئا. ۽ ممڪن آهي ته حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل
عليھ السلام جن جون ڪجهه روايتون ان ڏهاڙي جي باري ۾ مڪي جي قريشن تائين پهتيون
هونديون ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو دستور ۽ معمول هي هيو ته قريش اگر ملتِ ابراهيميءَ جي
نسبت سان جيڪي ڀَلا ۽ سٺا ڪم ڪندا هئا ته انهن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن سان اتفاق
ڪندا هئا ۽ خود به ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، انهيءَ بنياد تي حج ۾ به شرڪت فرمائيندا
هئا تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن قريشن سان گڏ عاشوري جو روزو به رکندا هئا، ليڪن ٻين
کي ان جو حڪم نه ڏيندا هئا.
پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف آيا ۽ مديني جي يهودين کي به
عاشوري جو روزو رکندي ڏٺو انهن کان معلوم ٿيو ته هي اهو مبارڪ ڏهاڙو آهي جنهن ۾
حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ ان جي قوم کي الله پاڪ ڇوٽڪارو ۽ نجات عطا فرمائي هئي ۽
فرعون کي لشڪر سميت غرق ڪيو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ ڏهاڙي جي روزي جو زياده
اهتمام فرمايو ۽ مسلمانن کي حڪم ڏنو ته اهي به انهي ڏهاڙي ۾ روزو رکن.
ڪجهه حديثن جي ڪري گهڻن امامن سڳورن اهو سمجهو آهي ته ابتداءِ اسلام
۾ عاشوري جو روزو فرض ۽ واجب هو پوءِ جڏهن رمضان المبارڪ جا روزا فرض ٿيا ته
عاشوري جي روزي جي فرضيت ۽ وجوب منسوخ ٿي ويو ۽ ان جي حيثيت صرف هڪ نفلي روزي جي
رهجي وئي جنهن جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو ارشاد گرامي مٿي گذري چڪو آهي ۽ پاڻ ڪريم
ﷺ جن جو معمول هي هو ته رمضان شريف جي روزن کان علاوه محرم ۽ عاشوري جي روزي جو
زياده اهتمام فرمائيندا هئا.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment