Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

هڙومالي کي الواعي ڀاڪر

 

 

هڙومالي کي الواعي ڀاڪر

 

17 جولاءِ 2024 جو صبح جو سوير مون کان به اڳ ۾ سائين مختيار سمون صاحب جاڳي چڪا هيا. هن کان پوءِ منهنجي به اک کلي چڪي هئي. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب به ننڊ مان بيدار ٿي چڪو هو. هن وقت رات جا ساڍا چار ٿين پيا. هن هوٽل جا سڀ ماڻهو پنهنجن ڪمرن ۾ پرسڪون ننڊ جو مزو ماڻي رهيا هيا، پر اسان پنهنجي سامان کي سنڀاري، بيگن ۾ قيد ڪري رهيا آهيون. پنهنجي تياري شروع ڪئي. شيو ڪري، وهنجي فريش ٿي، سامان کي بيگ ۾ پيڪ ڪري، پيڪنگ مڪمل ڪري، بيگ لاڪ ڪري تيار ٿي، بالم بڻجي ويهي رهيس. هن هوٽل جي سڀ کان وڏي خرابي اها هئي ته نه واش روم ۾ صابڻ ۽ نه ئي لوشن يا شيمپو وغيره هيو. مون پنهنجو پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ پنهنجي ننڍڙي بيگ ۾ رکي ڇڏيا هيا. ان سان گڏ ڪجهه ڊالر به رکي ڇڏيا هيا ته جيئن ايئرپورٽ تي مٽرائي سگهان.

پرتاب وهنجي پيو. هن وقت عجب يوسف آيو آهي، جنهن چيو ته،“اسان سڀ تيار آهيون، اچو ته نڪري هلون“.

پر مون هن کي چيو ته،”ٿورو ترسو پرتاب وهنجي پيو“ .

انهي دوران مختيار صاحب اڳ ۾ ئي فريش ٿي، تيار ٿي ويٺا آهن ۽ هن پنهنجن گهروارن سان واٽس اپ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مختيار صاحب جي هونئن به اها مون کي سٺي ڳالهه لڳندي آهي ته هو صبح جو تيار ٿي، ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ گهر وارن سان فون تي هيلو هاءِ ڪري، تازيون تصويرون ڪڍرائي، گهروارن کي پنهنجي موجوده پوزيشن جي باري ۾ ۽ نئين يا اڳين سفر جي باري ۾ اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن سڄو ڏينهن ڪال نه به ٿي ته خير آهي ۽ وري جڏهن شام جو گهمي ڦري واپس اچي، وهنجي سهنجي فريش ٿي، ٿانيڪو ٿي ويهن ٿا ته به هو گهروارن کي پنهنجي صورتحال کان آگاهه ڪن ٿا. پر ان معاملي ۾ منهنجي ۽ پرتاب جي ڳالهه الڳ آهي.

پاڪستان ۾ اڄ ڏهين محرم آهي. سڄو ملڪ غمِ حسين ۾ ورتل هوندو پر هتي ته مون کي ڪٿي به ڪو الم پاڪ، ڪو جلوس، نه ڪو غازي عباس جو چنبو، يا ڪو ڪازيو، ڪو دلدل، ڪا سبيل، يا ڪو نياز نظر نه آيو. مطلب ته مون کي ائين لڳو ته محرم الحرام آهي ئي ڪو نه.نه ڪارا ڪپڙا ۽ نه ئي ڪو ماتم. جيتوڻيڪ مالديپ مڪمل طور تي مسلمان ملڪ آهي ۽ گهڻائي به مسلمانن جي آهي. مون کي هتي ٻيو ڪو به مذهب نظر نه آيو. هتي گهڻائي سني فرقي جي آهي. الشيعت جو انگ ٻڙي آهي.

دوست سڀ تيار ٿي ويا آهن.سڀئي دوست پنهنجا بيگ گهليندا، پاڻ ئي پنهنجن ڪلهن تي وزن کڻي هيٺ ڏاڪڻ ذريعي لٿاسين. نه لفٽ، نه بيرو. چوندا آهن ته سستي روئي بار بار، مهنگي روئي ايڪ بار. اسان ته پل پل پيا اوڇنگارون ڏيئي روئون ته جنيد تنهنجي اسان سان ڪهڙي دشمني هئي جو هن آڙاهه ۾ اچي هنئي. ها ها ها.

هن وقت صبح جا 5.40 ٿيا آهن. اسان سامان کڻائي، هوٽل کان هيٺ آياسين. پنڌ ڪندا، اچي مين روڊ تي بيٺاسين. روڊ سنسان هيا. فجر جو پهر هيو. ڪي ڪي ايڪڙ ٻيڪٽر ٽريفڪ هلندي نظر آئي. دڪان، اسٽور، سينٽر، شاپنگ مال بند هيا. صبح جي پهر، تازي هوا جو جهونڪو صفا جسم ۾ تازگي جو روح ڦوڪي ڇڏيو هو. پرائي ملڪ جي، اجنبي شهر جي خوبصورت صبح ڪيڏو وڻي ٿي. پکين جون ٻولڙيون، شهر جي خاموشي، هر ڪو پنهنجن گهر ۾ گهري ننڊ ۾ ستو پيو هوندو. پر اسان جون رولاڪيون، اسان کي سمهڻ نه پيون ڏين. اسان هن خوبصورت شهر کي الوداع ڪرڻ لاءِ روڊ تي بيٺا هياسين. ٿوري دير کان پوءِ، هڪڙي ٽيڪسي اچي بيٺي، ان ٽيڪسي واري کي جنيد چيو ته،”اسان کي هڪڙي ٻي ٽيڪسي به کپي”. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي ٻي ٽيڪسي به اچي. اسان پنهنجا بيگ ٽيڪسين جي ڊگي ۾ رکيا. اسان واري ٽيڪسي پويان هئي، ان ڪري اسان هن کي چيو ته،”تون اڳين ٽيڪسي کي فالو ڪر”. هڪڙي جاءِ تي ائين لڳو ته اڳين ٽيڪسي ساڄي پاسي کان مڙي ويئي آهي. جنهن تي اسان جي مختيار صاحب ٽيڪسي واري کي چيو ته،“اسان جي اڳيان واري ٽيڪسي وارو ته اڳين روڊ کان ساڄي پاس مڙي ويو آهي، توهان سڌو پيا وڃون. توهان ڪو ٻيو روڊ ته نه ورتو آهي، شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾”. جنهن تي اهو ڊرائيور تجسس جو شڪار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته،“ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ هي هڪڙو ئي روڊ آهي، ٻيو ڪو به روڊ نه آهي، اڳين ٽيڪسي وارو ته خبر ناهي ڪير هو، مون کي ان جي ڪا به خبر ناهي، پر مان ته ايئرپورٽ هلان پيو”. سو تقريبن اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اسان ائيرپورٽ جي احاطي ۾ هياسين. اسان کان اڳ ۾ ئي جنيد وارن جي ٽيڪسي بيٺي هئي. شايد اها تڪڙي آئي هوندي ۽ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويئي هوندي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more