اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا - حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
-------

پاڻ ڪريم ﷺ جن نبوت ملڻ کان پوءِ تيرهن سالن تائين مڪي شريف ۾ ماڻهن کي الله پاڪ جو حڪم ٻڌائيندا ۽ تبليغ ڪندا رهيا ۽ گهڻي عرصي تائين ايمان آڻڻ کان سواءِ ۽ بت پرستيءَ کي ڇڏڻ کان سواءِ ڪوئي ٻيو حڪم نه هيو، پوءِ آهستي آهستي الله پاڪ جي طرفان احڪام اچڻ شروع ٿيا.
اسلام جي رڪنن مان سڀ کان پهريائين نماز فرض ٿئي، پوءِ مڪي شريف مان هجرت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مديني شريف ڏانهن آيا ته اتي گهڻا احڪامات نازل ٿيڻ شروع ٿيا انهن مان هڪ حڪم روزن جو به هيو، روزي جي تڪليف چونڪه نفس تي شاق ۽ ڏکي گذرندي آهي تنهن ڪري ان کي فرضيت جو ٽيون درجو ڏنو ويو.
اسلام احڪامات جي فرضيت ۾ اها روش اختيار ڪئي ته پهريائين نماز جيڪا ڪجهه هلڪي ۽ آسان عبادت آهي ان کي فرض ڪيو ان کان پوءِ زڪوات کي فرض ڪيو ويو ۽ زڪوات کان پوءِ روزن کي فرض ڪيو ويو. سڀ کان پهريائين عاشوري يعني محرم الحرام جي ڏهين تاريخ جو روزو فرض هيو ان کان پوءِ رمضان المبارڪ جي روزن جو حڪم نازل ٿيو ۽ ان کان پوءِ عاشوري جي روزي جي فرضيت ختم ٿي وئي.
روزن ۾ شروع ۾ ايتري قدر سهولت ۽ رعايت هئي جو جنهن جي دل چاهي ته روزا رکي ۽ جنهن جي دل چاهي ته ان جي بدلي ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين کي هڪ ڏينهن جو کاڌو کارائي، الله پاڪ پنهنجن ٻانهن جي ڪمزورين تي نظر ڪندي آهستي آهستي روزن جي عادت وجهرائي. چنانچه جڏهن ڪجهه زمانو گذريو ۽ ماڻهن ۾ روزن رکڻ جي عادت پئجي ويئي ته معذور ۽ بيمار ماڻهن کان سواءِ باقي سڀني ماڻهن جي حق ۾ اهو اختيار ختم ڪري ڇڏيو ۽ هجرت کان ڏيڍ سال پوءِ ڏهه شعبان المعظم 2 هه تي مديني شريف ۾ رمضان المبارڪ جي روزن جي فرضيت جو حڪم نازل ٿيو. ۽ انهن کان علاوه ٻيو ڪوئي روزو فرض نه رهيو. ۽ روزن جي فرضيت ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله ۽ اجماع امت مان ثابت آهي.
)ڪتاب الفقه علي المذاهب الربعة ج 1 ص 872-875(




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت