مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانامحمد صالح الحداد



مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

-----------------------
مولانامحمد صالح الحداد
شيخ الحديث مدرسه دارالفيوض القاسميه
سجاول
-----------------------
آه شيخ قاسمي
الحمد للہ الذی لہ البقاء و کتب علیٰ غیرہ الفناء والصلوٰۃ والسلام علیٰ خاتم النبیین و سید الرسل الاتقیاء محمد وآلہ الا صفیاء و صحبہ الاذکیاء مادام تھمی العیون بالبکاء و تسلی القلوب بالعزاء
20 محرم الحرام 1435 ھ مطابق 25 نومبر 2013ء
بروز سومر بوقت ڏهين بجي
حضرت شيخ عبدالغفور القاسمي باني جامعه قاسميه سجاول هن فاني جهان کان رحلت ڪري عالم آخرت ڏانهن روانا ٿيا. بلاشبه موت ۽ حيات هن جهان جو خاصو آهي هتي جيڪو آيو آهي اهو رهڻ جي لاءِ نه بلڪه وڃڻ لاءِ ئي آيو آهي. اچڻ ۽ وڃڻ سنت بني آدم آهي ۽ ڪل نفس ذائقة الموت.
حق تعاليٰ جو تڪويني امر آهي  جنهن کان ڪنهن کي به ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي هتي صبر ۽ ضبط تسليم ۽ تابعداري ۽ رضا بالقضاء کان سواءِ ڪوبه چارو نه آهي ان للہ ما اخذ ولہ ما اعطیٰ وکل شیء عندہ باجل مسمی
تنهن هوندي به ڪي شخيصتون قافله هستيءَ جي لاءِ مينار نور هونديون آهن انهن جي وجود مسعود سان علم ۽ دانش يقين ۽ معرفت جا بنياد مضبوط ٿيندا آهن ۽ انهن جي دم قدم سان علوم نبوت  جو وقار قائم رهندو آهي انهن جي وڃڻ کان پوءِ اهڙو خال پيدا ٿي ويندو آهي جو مستقبل ۾ ان جي ڀرجڻ جي ڪا صورت نظر نه ايندي آهي حضرت شيخ قاسمي رحمه الله جو شمار به انهن جامع الڪمالات هستين مان هو پاڻ نه صرف پنهنجي دور جا جيد ۽ ممتاز عالم هئا بلڪه عاقل ۽ متين ۽ مدبر معامله فهم هئا علم و وقار جا مجسما هئا سندن موت حلم، وقار ۽ تدبر و انتظام جو موت آهي سندن وجود سان علم ۽ علماء جو وقار قائم هو پاڻ بهترين مدرس ۽ مناظر هئا وفاق المدارس العربيه جي عامله جا ممبر ۽ تنظيم اصلاح المدارس جا امير ۽ جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جا سرپرست هئا شيخ بنوري رحمه الله جا مايه ناز تلميذ پنهنجي معاصرين ۾ فائق ۽ حق جي ننگي تلوار هئا ختم نبوت جا پروانا، اساتذه جا منظور نظر ۽ شاگردن تي انتهائي شفيق، همعصرن جا همدرد ۽ غريب پرخوش مزاج هئا.
پاڻ چاليهن سالن کان مسند حديث تي ويهي ڪري علم جي اڃايلن جي اُڃ وسائي . خطيبن جا سردار هر محفل جا مير متڪلم اسلام باطن جي خلاف ننگي تلوار لايخافون في الله لومة لائم جا مصداق سندن علمي مقام کي آئون ڪم علم ڇا بيان ڪريان. پاڻ فراغت کان پوءِ جڏهن دارالفيوض الهاشميه جي مسند پنهنجي شفيق ۽ مربي استاذ جي حڪم سان سنڀالي ۽ علوم و فنون جا دريا وهايا ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علم دين جا پياسي سجاول جي دارالفيوض ڏانهن رخ ڪرڻ لڳا ٿوري وقت ۾ مدرسه پنهنجي عظيم اسلاف حضرت شيخ افغاني رحه ۽ شيخ نور محمد رحه سجاولي ۽ ٻين اڪابرين جي ياد تازه ڪري ڇڏي.
سندن تعليم جو انداز:
پاڻ جڏهن سبق پڙهائڻ شروع ڪندا هئا ته ڪنهن به مسئله تي اڻپورو بحث نه ڪندا هئا بلڪه ان مسئله کي انتهائي مدلل ۽ واضح ڪري پوءِ هٿ ڪڍندا هئا سندن سبق جي اندر جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي اشڪال پيش ايندو هو ته پاڻ ان کي اطمينان بخش جواب ڏيندا هئا. ابتدائي سالن جي تدريسي دور ۾ پاڻ هر سبق کي ٽي چار دفعا دهرائيندا هئا ۽ سندن سبق جي تقرير منضبط ۽ مدلل ۽ عام فهم هوندي هئي ڪوبه  مشڪل مسئلو آسان ۽ سادن لفظن ۾ سمجهائي ڇڏيندا هئا. ۽ شاگردن کي چوندا هئا ته سبق  لکي مون کي ڏيکاريو پاڻ تصحيح ڪندا هئا ان دور جون سبق جون تقريرون ڪتاب سلم العلوم فن منطق ۾ ۽ مشڪواه المصابيح فن حديث ۾ اڄ به محفوظ آهن.
پاڻ هر فن موليٰ هئا صرف و نحو کان وٺي حديث و تفسير ۾ يد طوليٰ رکندڙ هئا پاڻ غالبآ 1384ع ۾ مولانا علي احمد مگسي ۽ مولانا عبدالرؤف قريشي ۽ سندن ساٿين کي دوره حديث پڙهايو ته ان سال صحاح سته خصوصا بخاري شريف ۽ ترمذي شريف جون تقريرون پنهنجي مبارڪ هٿن سان لکيون. بنده جڏهن فارغ ٿي آيو ته پاڻ ترمذي جو درس چند سالن بعد منهنجي حوالي ڪيو ۽ اهي لکيل تقريرون ترمذي جون به مون کي ڏنائون . اهڙي طرح ٻين درسي ڪتابن مثلآ حسامي خيالي صدرا، مير زاهد آهن. خطبي شرح ملا جامي شرح تهذيب مرقات ايساغوجي جون تقريرون لکت ۾ موجود آهن اهڙي طرح بخاري شريف جي سي ڊيز ۽ توضيح و تلويح و شرح عقائد وغيرها ڪتابن جون ڪيسٽون محفوظ آهن شل الله تعالي سندن ان فيض کي عام ۽ جام ڪري ۽ ڪنهن سعادت مند کي انهن جي اشاعت جي توفيق بخشي آمين .
مجاهدانا ڪارناما:
پاڻ انتهائي غيور صفت جا مالڪ هئا جڏهن به ڪنهن باطل سر کنيو ٿي ته پاڻ پهرئين ڌڪ سان ان جو مٿو ڪچلي ڇڏيندا هئا غالبا بٺوري شهر ۾ سيدنا فاروق اعظم رضي الله عنه جي شان اقدس ۾ اتي جي خواجن گستاخي ڪئي سندن ڪنن جي تي اها خبر پهتي ته پاڻ فورآ پنهنجي ساٿين کي ساڻ ڪري 15 منٽن ۾ بٺوري پهتا. اتي پهچي مقامي ساٿين سان مشورو ڪري احتجاج جو پروگرام مرتب ڪيو ويو اها خبر جڏهن مقامي ملزمن کي پهتي ته شهر جي چند معززين کي ساڻ ڪري ڳالهين لاءِ حاضر ٿيا ۽ غلطي تي معذرت ڪئي ۽ معافي ورتي ۽ هڪ تحرير لکي ويئي جيڪا انهن کان معززين ۽ حاضرين مجلس جي سامهون پڙهائي ويئي شايد اها تحرير اڄ به ڪنهن ساٿيءَ وٽ موجود هجي.
پاڻ باطل خلاف هر محاذ تي سينه سپر رهندا هئا چاهي اليڪشن جو ميدان هجي يا مصنوعي حج جو مسئلو هجي يا قادياني ڪافرن جي ڪا حرڪت هجي مطلب ته هر فتني کي محسوس ڪري ان جو فورآ تعاقب ڪندا هئا. سجاول جي شهر ۾ جڏهن به ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ويئي جنهن سان اسلام ۽ اهل علم دين تي داغ جو دهٻو لڳڻ جو انديشو نظر آيو ٿي ته پاڻ ميدان عمل ۾ ٽپي پوندا هئا پاڻ بيباڪ ۽ نڊر قسم جا انسان هئا. خطابت جي ميدان ۾ جڏهن اسٽيج تي رونق افروز ٿيندا هئا ته تمام سامعين همه تن گوش گذار ٿي متوجه ٿي ويندا هئا پاڻ پنهنجي خطاب ۾ معاشري جي هر طبقي جي ماڻهن کي مدنظر رکي تقرير ۾ علمي نُڪتا ۽ لطيفا ۽ مثال بيان ڪندا هئا. سندن تقرير جي اندر الله تعاليٰ وڏو تاثير رکيو هو ڪيترا ڀٽڪيل انسان راه راست تي ته اچي ٿي ويا ۽ جديد تعليم يافته به اثر قبول ڪرڻ کانسواءِ نه رهندا هئا. ان ڪري سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ کين خطابت جي لاءِ گهرايو ويندو هو بلڪه ڪن يونيورسٽين ته سائين کي پنهنجي ڪميٽي جو ميمبر به بنايو هو.
هڪ دفعي کين تحفظ ختم نبوت جي طرفان ٻاهر ملڪن جي دوري لاءِ آڇ ڪئي وئي چنانچه پاڻ جڏهن برطانيه جي دوري تي ويا ۽ اتي برمنگهم ۽ ٻين شهرن ۾ تقريرون ڪيون ته حضرت مولانا محمد يوسف لدهيانوي رحه کين پيشاني تي چمي ڏيئي فرمايو  کہ آپ کو کسی بزرگ کی دعا ہے سندن علمي مقام انتهائي بلند هو جيڪڏهن ائين چئجي ته پاڻ سيد ڪشميري رحه ۽ سيد بنوري رحه جي علم جا صحيح وارث هئا ۽ وراثت جو حق به ادا ڪيو ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي.
سندن سخا:
پاڻ سخا جي ميدان ۾ سباق هئا چاهي سخا علمي هجي يا مالي. علمي سخا جي حد اها هئي ته کائن بلا واسط پڙهڻ وارو جو تعداد به بيشمار آهي پاڻ پنهنجي اساتذه جي علمي ميراث جو صحيح حق ادا ڪيو.


فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت